سورهيه اڳواڻ شھيد فاضل راهو

0
178
سورهيه اڳواڻ شھيد فاضل راهو

  فاضل راهو سنڌ جي سورهيه  ۽ سچار سياسي اڳواڻن مان هو. هو سنڌ جي عوام جي سياسي ۽ معاشي ڇوٽڪاري توڙي سماجي ۽ ثقافتي آزادي لاءِ سدائين جاکوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي ته کيس نه صرف سنڌ ۾ تمام گھڻي شهرت ۽ مقبوليت ملي پر هو پاڪستان جي به اهم سياستدانن مان ليکجڻ لڳو. پر افسوس ته سنڌ دشمن سياستدانن ۽ جاگيردارن کان سندس قومي ۽ عوامي مقبوليت برداشت نه ٿي سگھي ۽ کيس 17 جنوري 1987ع واري ڏينهن ان وقت قتل ڪيو ويو جنهن وقت سنڌ جي هڪ عظيم ترين قوم پرست قومي ۽ صوفي اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي سالگره ملھائڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون.

                 ڪن ماڻھن جي خيال ۾ ته اها واردات محض هڪ اتفاق هئي پر ڪن سياسي مبصرن جي خيال مطابق سنڌ جي عظيم ترين سياسي اڳواڻ جي سالگره واري ڏينهن هڪ ٻئي عظيم سنڌي سياسي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي پويان ملڪ تي مڙھيل ڏيهي ۽ پرڏيهي آقائن جي شعوري سازش هئي، جنهن  جو مقصد سنڌ دوست سياستدانن کي ڪو چتاءُ ڏيڻ به ٿي پي سگھيو.

1937ع ۾ بدين ضلعي جي راهوڪي واري ڳوٺ ۾ پيدا ٿيڻ وارو سنڌ جو مقبول ترين اڳواڻ فاضل راهو جو والد هاري هو. فاضل راهو پاڻ به هارپو ڪيو ۽ سياسي اڳواڻ طور غريبن هم وطنن جي خدمت لاءِ سدائين تيار رهندو هو. ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هر قسم جي ذاتي ڪوششن کان سواءِ سرڪاري ادارن ۾ پنهنجي اثر کي استعمال ڪرڻ کان به  وسان نه گھٽائيندو هو.

فاضل راهو نه صرف زندگي جو هڪ وڏو حصو مختلف جيلن، انويسٽي گيشن سينٽرن ۽ ٿاڻن ۾ گذاريو هو پر هن پنهنجي زندگي جا ڪيترا ئي سال بنا عدالتي حڪم جي قيد ۾ ڪاٽيا هئا.

ڊسٽرڪٽ جيل بدين، ڊسٽرڪٽ جيل خيرپور، سينٽرل جيل حيدرآباد، نارا جيل حيدرآباد، سينٽرل جيل سکر، سينٽرل جيل ڪراچي، ڊسٽرڪٽ جيل لانڍي، سميت لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۽ مڇ جيل بلوچستان  سميت ڪهڙي جيل هئي جنهن ۾ هن کي قيد نه ڪيو ويو هو. فاضل راهو نه صرف سنڌ جي سطح تي تمام گھڻي سياسي شهريت، مقبوليت  ۽ اهميت رکندو هو پر کيس پاڪستان جي سطح تي به اهميت حاصل هئي خاص ڪري اي اين پي جي مرڪزي نائب صدر بنجڻ کان پوءِ هن جي شهرت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿيو.

فاضل راهو پنهنجي سياست جو آعاز 1962ع کان بنيادي جمهوريت جي چونڊن  ۾ شرڪت سان ڪيو. انهي کانسواءِ هن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ به ڀرپور نموني حصو ورتو. 1970ع ۾ سنڌي ۾ ووٽر لسٽن ڇپرائڻ واري تحريڪ ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته سنڌي ٻولي ۾ سڃاڻپ ڪارڊن جي جاري ٿيڻ ۾ به سندس ڪوششن جو وڏو دخل رهيو آهي.

پنهنجي سياست جي شروعات ۾ فاضل راهو جي ايم سيد ۽ محمد ايوب کهڙي جي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل هو پر بعد ۾ ڪن اختلافن سبب فاضل راهو کان سواءِ رسو بخش پليجو، تنوير عباسي ۽ حفيظ قريشي جهڙن اڳواڻن سان گڏجي هڪ نئين سياسي پارٽي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ انهي جي ذيلي تنظيم ۾ شاگرد، شاگردياڻيون مزدور هاري توڙي ٻار به شامل ڪيا ويا.

صدر ضياءُ الحق واري دور ۾ 1978ع ۾ جڏهن صحافت جي خلاف ڪات ڪهاڙا اڀا ڪياويا ته صحافت جي آزادي لاءِ هڪ تحريڪ جاري ڪئي وئي ته فاضل راهو جيل ۾ قيد هئڻ جي باوجود به پنهنجي پٽ کي انهي تحريڪ ۾ شموليت لاءِ موڪليو.

فاضل راهو ضياءُ الحق جي ڪاري دور ۾ نه صرف ڀٽي جي ڦاهي کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ هاري ڪانفرنس جو انعقاد ڪرايو پر اڳتي هلي جڏهن سنڌ ۾ 1983ع ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) شروع ڪئي وئي ته انهي ۾ به سنڌ جي سطح تي کيس جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ انهي تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي کان سواءِ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن به جمهوريت جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ جان ۽ مال جي قرباني ڏئي تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

1986ع ۾ عوامي تحريڪ سميت مختلف سياسي پارٽين گڏجي عوامي نيشنل پارٽي جوڙي ته فاضل راهو کي ان پارٽي جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو. ان پارٽي طرفان سندس ڪوششن سان چوڏهن لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين ۾ ورهائجي سگھي. هن شگر ملن ۽ تيل ڪمپنين جي مزدورن جي حقن جي حصول لاءِ به ڪوششون ڪيون ۽ سندس ڪيتريون ئي ڪوششون ڪاميابي سان همڪنار ٿيون.