سجاول: پيپلز پارٽي جي سينيٽر عاجز ڌامراھ چيو آهي ته سورج سجاولي کي ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايون ھا پر اتي بيڊ نه ملي سگھيو. سورج سجاولي جي جنازي ۾ شرڪت بعد صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو آھي ته آئون حيدرآباد اسپتال ۾ سورج جي وارثن سان لڳاتار گڏ ھوس ۽ سندس طبيعت ۾ بھتري پڻ اچي رھي ھئي، جنھن تي سندس وارث به مطمئن ھئا پر اوچتو گذريل رات 4 وڳي ڌاري سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو. ھن چيو ته اسان سورج کي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ لاء ڪوششون ورتيون پر اتي بيڊ خالي نه ملي سگھيو، اھڙي مريض کي بنا بيڊ جي ڪراچي اسپتال موڪلڻ وڌيڪ نقصانڪار ٿي پئي سگھيو، ان ڪري کيس ڪراچي اسپتال نه موڪليو ويو.