ڪراچي: وفاقي فوڊ سيڪيورٽي وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته مُلڪ ۾ 44 لک 37 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جيڪا اپريل مهيني تائين جون گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، جڏهن ته پرڏيهي ڪڻڪ جا 13 لک ٽن جا ذخيرا الڳ موجود آهن، وزارت موجب پنجاب حڪومت وٽ 22 لک 5 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جيڪا 106 ڏينهن جون گھرجون پوريوين ڪري سگھي ٿي، سنڌ وٽ 8 لک 37 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي جيڪا 98 ڏينهن لاءِ ڪافي آهي. جڏهن ته سنڌ جو ڪڻڪ جو فصل پڻ 70 ڏينهن اندر مارڪيٽ ۾ پهچي  ويندو. ساڳئي ريت ڪي پي ڪي وٽ 6 لک 46 هزار ٽن ڪڻڪ ذخيرو موجود آهي جيڪو 152 ڏينهن لاءِ ڪتب اچي سگھي ٿي. 96 ڏينهن اندر ڪي پي ڪي ۾ به ڪڻڪ جو نئون فصل مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.