سوال ميڊيا ڪري ٿي، نيب وري مون کي چارج شيٽ ڪري ٿو: مريم نواز

0
172
لاهور هاءِ ڪورٽ پاران

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي  تھ سوال ميڊيا ڪري ٿي، نيب وري مون کي چارج شيٽ ڪري ٿو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران مريم نواز صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪيون

 مريم نواز چيو ته نيب ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي، اِهو عدالت طئه ڪندي ته درخواستن تي ڇا ڪرڻو آهي، ڏسڻ چاهيان ٿي ته نيب ۾ منهنجو همدرد ڪير آهي؟

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران مريم نواز جي وڪيل چيو ته اخبارن ذريعي خبر پئي ته نيب ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، اها درخواست ڪيس ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش آهي

 عدالت کي آگاهه ڪرڻ جو مقصد نيب جي بدنيتي جي نشاندهي ڪرڻ آهي، جسٽس عمر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻ ته نيب هر ڪنهن کي گرفتار ڪندو آهي، نيب جي درخواست اڃا تائين عدالت اڳيان ناهي آئي، تنهن ڪري اُن تي نه ڳالهايو.

ھي به پڙھندا

نيب، مريم نواز ۽ صفدر جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي