سوال/سروي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 30 هزار مقرر ڪرڻ جو مطالبو: عورت مزدورن کي تحفظ سميت مردن برابر اجرت ڏني وڃي: عوام

0
397

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اسان وٽ مزدورن کي بنيادي حق ملي رهيا آهن ؟ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ڪيتري هجڻ گهرجي ؟ ڇا عورت مزدورن کي مردن برابر اجرت ملي ٿي ؟ عورت مزدورن جو سماجي تحفظ ڪيئن يقيني بڻائي سگهجي ٿو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان وٽ مزدورن کي بنيادي حق حاصل نه آهن، عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اجرت ملي ٿي، حڪومت کي گهرجي ته مهانگائي وڌڻ ڪري مزدرون جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 30 هزارن تائين مقرر ڪئي وڃي، مزدورن کي بنيادي حق ڏيڻ سميت عورت مزدورن کي مردن برابر اجرت ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته مزدورن جا حق غصب ڪيا پيا وڃن، گل حسن لکيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 30 هزار ڪئي وڃي، شاهد ڏاهري لکيو ته مهانگائي وڌي وئي آهي، مزدور جي اجرت وڌائي وڃي، عورتن کي برابر حق ڏنو وڃي، لياقت بلوچ لکيو ته لياقت بلوچ لکيو ته بدقسمتي سان پاڪستان مزدورن جي حقن جي حوالي سان ڪجهه بدترين ملڪن ۾ شامل آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته حڪمران پنهنجا پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن، مسرور شر لکيو ته مزدرون کي حق نٿا ملن، نماڻو نوناري لکيو ته اڪثر عورتون ٻار جهولين ۾ کڻي مزدوري ڪنديون آهن، مٺا خان مري لکيو ته مزدورن جو عالمي ڏينهن صرف نعرن سان ملھايو پيو وڃي ھتي مزدور کي بنيادي سهولت ئي ميسر ئي ناهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار ڪجي عورت مزدورن کي سماجي تحفظ سميت برابر حق ملڻ گهرجن، جاويد احمد شيخ لکيو ته پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترائي پورهيت ڪم تي ويندا آهن ۽ کين پنهنجن حقن جي به خبر نه هوندي آھي. رجسٽرڊ پورهيت صرف سرڪاري ادارن ۾ بچيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه هزار اجرت مقرر ڪئي وڃي. پورهيتن جي حقن ۾ قانون سازي ڪئي وڃي. هر بجيٽ ۾ خاص پيڪيج رکيا وڃن، بابر چنا لکيو ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ پورھيو ڪندڙ ماڻهن کي پگھارون، انشورنس، رهائش ۽ علاج جون سهولتون حڪومت طرفان مليل هونديون آهن پر اسان وٽ پورهيت کي غلام واري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، پورهيت گرمي ھجي يا سردي وڏا ڪشالا ڪاٽي ٿو، عاشق خاصخيلي لکيو ته سائين مزدور الله جو دوست آهي انڪري روزي رزق مالڪ پاڻ ئي ڏيندو، آصف ابڙو لکيو ته مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي پهرين ته کين سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، پورهيت کي اجورو سندس ڪم پورو ٿيڻ کان اڳ ڏنو وڃي، نادر چانڊيو لکيو ته مزدور جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 30هزار هجڻ کپي عورت مزدور کي مردن جيتري اجرت ملڻ کپي، وحيد ڳاهو لکيو ته گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي قانوني طور پورهيت ئي تسليم نٿو ڪيو وڃي، هي پورهيت عورتون سوشل سيڪيورٽي، پينشن ۽ ورڪرز ويلفيئر اسڪيم ۾ شامل نٿيون ٿي سگهن ۽ نه ئي سندن اجرت جي لاءِ ڪو قانون جڙيل آهي. عاشق حسين لکيو ته مزدورن کي ڪو حق نٿا ڏنا وڃن، موڪل به صرف سرڪاري آفيسرن کي آهي باقي مزدور اڄ به مزدوري ڪري رهيو آهي، عورت مزدور کي به مرد برابر حق ڏنا وڃن، علي مراد لاشاي لکيو ته هر سال ڏينهن ملهايو وڃي ٿو پر حق نٿا ڏنا وڃن، عبدالنبي شر لکيو ته وفاقي حڪومت مزدورن لاءِ پيڪيج تيار ڪري، گووند ميگهواڙ لکيو ته لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ مزدور کاڌي لاءِ پريشان آهن، هتي مزدورن کان 8 ڪلاڪن بدران 12 کان 14 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ٿو، اجرت به وقت ناهي ڏني ويندي، فضل بلوچ لکيو ته مزدورن کي مناسب اجرت نٿي ملي، اظهر بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ مزدورن کي حق ڪڏهن به ناهن مليا، انهن لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي، امير علي لکيو ته مزدورن حق ڪٿي ملن ٿا، اي جي بلوچ لکيو ته عورت مزدورن کي سماجي برابري تحت پورو حق ڏنو وڃي، محمد يونس لاشاري لکيو ته اسان وٽ مزدورن کي انسان ئي ڪونه ٿو سمجهو وڃي،ان جي اُجرت ۾ به ڪرپشن ۽ ڪٽوتيون ڪيون وينديون آهن، عورتن کي ٻهراڙين ۾ اڃان مردن جي برابر حق ناهن ملي سگهيا، آفتاب لغاري لکيو ته سنڌ ۾ پورھيت اڄ به ظلم جو شڪار آهن کين پوري اجرت نه ٿي ڏني وڃي ، پورهيت ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهن، وقاص ياسين لکيو ته مزدورن کي پنهنجي عالمي ڏينهن به خبر ناهي اهي مزدوري تي آهن، حڪومت مزدورن کي رليف ڏئي، احسان سومرو لکيو ته مزدور ٻن ويلن جي ماڻي لاءِ پريشان آهن، انهن کي مزدور ڪارڊ ڏنا وڃن، فرمان چانڊيو لکيو ته اڄ جي دور ۾ جيتري مهانگائي وڌي وئي آهي ان جي حوالي سان ته مزدورن جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 40 هزار کان وڌيڪ هجڻ کپي ۽ عورت مزدورن کي مردن جيتري اجرت ملڻ کپي، نديم احمد لکيو ته موجوده ڪرنسي جي معيار مطابق عام مزدور جي اجرت گهٽ ۾ گهٽ 30 هزار هجڻ گهرجي، شيراز چانگ لکيو ته سنڌ ۾ مزدور اڄ به استحصال جو شڪار آهي، نعيم شر لکيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته غريب مزدورن لاءِ ڪو قدم کڻي ڪو اهڙو انهن لاءِ پيڪيج ڏنو وڃي جيئن انهن جي به سٺي زندگي گذري. خادم رند لکيو ته بدقسمتيءَ سان پاڪستان مزدورن جي تحفظ ۽ حقن جي حوالي سان چند بدترين ملڪن ۾ شامل آھي.فيصل وزير لکيو ته اسان وٽ مزدورن جو قدر ناهي، عاشق حسين لکيو ته حڪمران صرف اعلان ڪندا آهن پر عمل ناهي ٿيندو، حيدري غفور جروار لکيو ته مهانگائي وڌڻ باوجود مزدور جي اجرت ساڳئي آهي، الهرکيو سيال لکيو ته عام موڪل باوجود مزدور پنهنجي پيٽ خاطر مزدوري ڪري رهيا آهن، امين ٿهيم لکيو ته حڪومت اجرت هڪ رپيو به ناهي وڌائي، شبير سهتو لکيو ته آفيسر موڪل تي آهن ۽ پورهيت مزدوري ڪري رهيا آهن، زبير احمد به سروي ۾ حصو ورتو، مظفر شبير لکيو ته مزدورن جو عالمي ڏينهن آهي مزدورن کي ڪم ڪندي ڏٺو ويو آهي هن تي ڳالهيون ڪرڻ اکين ڀرجي پيون اچن، سرفراز ساريو لکيو ته عورتن مزدور کي مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اجرت ملي ٿي، نعمان غوري لکيو ته اجرت 35 هزار مقرر ڪئي وڃي، سينگار علي لکيو ته مزدورن کي حق نٿا ڏنا وڃن، اصغر حسين لکيو ته مزدورن کي حق ڏنا وڃن.