سوال/سروي ڪچري کي اسان پنھنجو مقدر سمجھي ورتو آهي: گندگي جو ستايل عوام حڪومت ۽ مقامي انتظاميا مان مايوس

0
362

روزاني پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج جي سلسلي سوال سروي ۾ اسان ماڻهن کان پڇيو ته حڪومت لاڙڪاڻي ۾ 337 مان رڳو 80 ٽن ڪچرو کڻڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ وڏي وزير صفائي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڇا اوھان جي علائقن ۾ بھ گندگي وڌي وئي آھي؟ ۽ صفائي نھ ٿيڻ جو ذميوار ڪير ؟ جنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا رايا ڏيندي پنهنجن شهرن ۾ صفائي نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون آهن. ان حوالي سان محمد اقبال نوهڙي لکيو: پٿورو شھر ۾ گندگي جا ڍير للڳل آهن، مختلف پارڙن، پنجابي پاڙو، چوھاڻ پاڙو، وابڍا ڪالوني ٻين پارڙن ۾ گندگي آهي ۽ صفائي عملو صرف مھيني ۾ ھڪ دفعو نظر اچي ٿو. ڪروڙين روپين جي بجيٽ صرف ڪاغذن مان ھڙپ ٿي رھي آهي.نندو مان احسان ملاح لکيو: ٽائون ڪاميٽي نندو ۾ صفائي سُٿرائيءَ جا بهتر انتظام نه هجڻ سبب شهر ۾ مختلف روڊن سميت گلين توڙي محلن ۾ گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا آهن. اصغر حسين لکيو: اسانجي شهر اڪريءَ ۾ به صفائي جو ڪو نظام ڪونهي، انهي ذميوار چونڊيل نمائنده ئي آهن. آفتاب ڪيريي موجب: ڀرياسٽي ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن تعلقي اسپتال ۾ به ڪچرو آهي ۽ شهر ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي. عبدالرحمان چانگ چوي ٿو: فيض گنج تعلقي ۾ ته وڏو گندگي جو آزار آهي. ذڪاءُ الله حسن لکيو ته : میرپور ٻرڙو ۾ تمام گھڻو گند ڪچرو ٿي ویو آهي. ڌڱاڻي بوزدار مان اي ڊي لغاري لکيو: منهنجي شھر ڌڱاڻو بوزدار ضلعو ٽنڊوالھيار جي گھٽين ۽ نالين ۾ تمام گهڻو گند گڏ ٿيل آهي صفائي جو عملو مھيني ۾ صرف ھڪ دفعو اچي ٿو. ٽنڊي غلام حيدر مان شيراز چانگ لکيو: ٽنڊو غلام حيدر جي ٻھراڙي ۾ گند جا ڍير لڳا پيا آهن، ۽ اسان ان گندگي کي پنھنجو مقدر سمجھي سمجھوتو ڪري ورتو آهي..! نصرپور واسي خادم گھراڻو لکي ٿو ته: رڳو لاڙڪاڻو نه پر پوري سنڌ ۾ گند ڪچرو آهي اسان وٽ به گند ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن. جنهن به رستي گهٽي مان لنگهو، گند ڪچرو ڏسڻ ۾ ايندو، ان جا ذميوار خود شهري آهي. دوڪاندار ڀاڄي وارا ووغيره صفائي نه هئڻ سبب گنددگي آهي اسان به پنهنجي علائقي ۾ گندگي ڪرڻ جا ذميوار آهيون. امن آباد جو عرفان جروار چوي ٿو ته : اسانجي شھر ۾ به صفائي جو ڪو به نظام ڪونهي. يونيورسٽين جي شهر ڄامشوري مان جنيد زرين جمالي لکيو: ميونسپل وارا گهٽ بجيٽ جو بهانو ڪري پيسا حصو پتي ڪري کائيندا آھن، صفائي رڳو نالي ماتر ڪندا رهن ٿا. اسان جي محلي ڀريا ۽ غريب آباد ۾ صفائي ڪرڻ وارو عملو صفائي گهٽ ۽ خرچي وڌيڪ وٺڻ ايندو آھي. بشير ميراڻي ميرپور بٺوري مان چوي ٿو ته: اسان جي شھر ۾ لکين ٽن ڪچرو آهي پر ٽائون ڪميٽي پاران ڪو به ڪم نه ٿيو آهي. نذير احمد نذير لکيو: لاڙڪاڻي ۾ صفائي جو ڪو به بھتر انتظام ڪونهي، ھر ھنڌ ڪڇري جا ڍير آهن. ٺل مان حافظ اسد سهندڙو لکيو: شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن، مين اسٽاپ رياض چوڪ امروٽي چوڪ رهبر چوڪ جونگل موڙ گندگي جي ور چهڙيل آهن پر صفائي وارو عملو مڪمل غائب آهي.آفتاب لغاري چوي ٿو: نااھل سرڪارکان ڪو ڪم صحيح نٿو ٿئي. شڪارپور واسي عاشق حسين موجب سندن شهرن ۾ شھري آبادي ۾ صفائي سٿرائي ٿئي ٿي پر ڪچين آبادين ۾ صفائي جو فقدان آھي. معشوق چنا جو چوڻ آهي ته : اسان جي ڳوٺ ابڙا ۾ ڪيترن سالن کان وٺي اڄ تائين ڪابه صفائي ڪونه ٿي آھي. ان کان سواءِ گلرا احمد درس خليفي قاسم واسيءَ جو چوڻ آهي ته ٻھراڙي جي علائقن ۾ گندگي سبب گيسٽرو وغيره پکڙجي رھيون آهن. مير سردار چنڙ چوي ٿو ته : صفائي نصف ايمان آهي پر قاسم آباد پورو گندگي جي ور چڙھي ويو آهي. صفائي نه ٿيڻ ڪري علائقي واسي تمام گھڻا پريشان آهن.جنهن جا ذميوار ايم پي اي ۽ ايم اين اي آھن. ٽنڊي جان محمد واسي گلاب خاصخيلي فرمائي ٿو ته: سڄي سنڌ جو اھو حال آھي . مهتاب ڪلهوڙي چيو : چوڻ ۾ ته لاڙڪاڻو پ پ جو ڳڙھ ۽ بنياد آهي پر جيڪو حشر هنن لاڙڪاڻي شهر سان ڪيو آهي ان جو بيان هتي ڪنهن هڪ اڌ ڪيمنٽ ذريعي نٿو ڪري سگهجي، نادر چانڊيي موجب اسان جي علائقن ۾ گندگي جا ذميوار اسان پاڻ آهيون. عمرڪوٽ جو عبدالجبار راجپر چوي ٿو: عمرڪوٽ ۾ ٽائون ڪميٽي طرفان ڪو به صفائي جو نظام نه آهي. کيسانا موري واسي قادر بلوچ لکيو ته : بجيٽ صحيح خرچ ڪئي وڃي ته شايد صفائي مڪمل ٿي وڃي. صفائي وارو عملو گهر ويٺي پگھارون کڻي رھيو آهي. اسان جي کيسانا موري گھٽين ۽ نالين ۾ تمام گهڻو گند گڏ ٿيل آهي، راڻي پور مان وحيد ڄامڙو لکي ٿو ته: راڻيپور ۾ صفائي سٿرائي ناقص انتظام آھن. گهٽيون روڊ رستا مڪمل گندگي جي ورچڙھي ويا آھن. اسڪولن مسجدن توڙي امام بارگاھن اڳيان جا ڍير نظر اچي رھيا آھن. ٽائون انتظاميا جي لاپرواھي سبب راڻيپور شھر مڪمل گندگي جي ور چڙھي ويو آھي گندگي سبب ھتان جا ماڻھون وبائي بيمارين ۾ وٺي ويا آھن. ٺري ميرواهه واسي سڪندر بلوچ چيو ته سندن شهر جي مختلف علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳل آھن. سالن کان صفائي نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي، صفائي عملو گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيو آھي، ٽنڊي ڄام واسي فيصل وزير مري چيو ته اسان وٽ ٽنڊو ڄام ۾ صفائي جو ڪو به انتظم ڪونه آھي. برسات وسڻ کان پوء ماڻھو روڊ تي پنڌ ھلي نٿو سگهي. سيوهڻ مان آفتاب علي هڪڙو لکي ٿو: اسان وٽ شھر جو شهر اجري چڪو آھي. هر هنڌ ڪچري جا ڍير هن، ڪابه صفائي ناهي، جنهن جا ذميوار ٽاؤن ڪاميٽي ۽ تڪ جا چونڊيل نمائندا آهن. ڪولاب جيئل واسي آصف علي ابڙو چوي ٿو ته : بلڪل اسان جي شهر جي مختلف پاڙن ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن، پر انتظاميه جي ڪن تي ڪا جونءِ ئي نٿي چري، عيد ويجهو اچڻ واري آهي، انتظاميه کي اپيل ته صفائي سٿرائي ڪرائي بيمارين کان بچايو وڃي.