سوال/سروي … ڪهڙي ايس ايچ او يا ايس ايس پي جي ڪارڪردگي سٺي ناهي؟ عوام نالا کڻي کين وائکو ڪري ڇڏيو

0
248

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جي علائقي ۾ مقرر ايس ايس پي ۽ ايس ايچ او جي ڪارڪردگي ڪيئن آهي؟ علائقي ۾ امن ڪرائي سگهيا آهن؟منشيات جو خاتمو ٿيو آهي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي سٺي ناهي، بدامني وڌي وئي آهي، منشيات جو وڪرو سرعام هلي رهيو آهي. شهرين پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ مقرر ايس ايچ اوز ۽ ايس ايس پي جي ڪارڪردگي نالا کڻي پڌري ڪري ڇڏي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته. ٿاڻن تي پرچي يا پئسي کان سواءِ مڙئي خير آهي، سچ ته حيدرآباد ۾ به صورتحال ساڳي آهي. علي عباس جمالي لکيو ته اسان وٽ ايس ايڇ او منشيات بند نه ڪرائي سگهيو آهي. راجا مڱريو لکيو ته ڪنڊيارو شهر ۾ بد امني ۽ منشيات عروج تي آهي، آصف جوکيو لکيو ته اسان جي شهر جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر ممتاز علي بروهي جي ڪارڪردگي بهترين آهن، فاروق احمد لکيو ته اسان جي تعلقي تنگواڻي ۾ سج لهڻ کان بعد هر ڪو پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ قيد ٿي ويندو آهي، سيد احمد شاهه لکيو ته اسان جي سنڌ پوليس بهترين ڪم ڪري رهي آهي، عرفان جروار لکيو ته بلڪل مسڻ ٿاڻي تي ڪافي ڪنٽرول ڪيو ويو آھي، سمير احمد لکيو ته اسان جي ضلع دادو ۾ ايس ايس پي زيرو آهي دادو ۾ وڏي بدمني آهي. خالد زمان لکيو ته زيرو ڪارڪردگي ضلع عمرڪوٽ ۽ خاص ڪري ڪنري تعلقي ۾ منشيات هلي ٿي، بشير ميراڻي لکيو ته اسان جي تعلقي ميرپور بٺورو ۾ امن امان نالي ڪا شئي ناهي، منشيات، فحاشي جا اڏا، چوريون، ڦرون معمول بڻيل آهن. عرفان ملاح لکيو ته شهر ڪرونڊي تعلقو فيضگنج ۾ امن خراب آهي، منشيات هلي ٿي، نويد کوڙ لکيو ته حالت ھي آھي جو گٽڪي جا وڏا ڊيلر گٽڪو پيا هلائين ۽ جيڪي انھن خلاف ڳالهائين ٿا ته انھن تي ايس ايڇ او جاتي ايف آئي آر داخل ڪرائي ٿو، محمد فياض وساڻ لکيو ته اسان جي شهر جي ايس ايس پي سانگهڙ بشير احمد بروهي جي ڪارڪردگي بهترين آهي، اياز راهوجو لکيو ته امن و امان بلڪل ناهي پپري فوٽبال گرائونڊ بن قاسم ٽائون ڪراچي ملير جي پسگردائيءَ ۾امن بلڪل ناهي، صمد کوسو لکيو ته اسان جي ضلعي بدين جو ايس پي امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي، ضمير بلوچ لکيو ته ٺري ميرواھ ۾ ايس ايڇ او موجود آهي امن تباهه آهي، ايس ايس پي خيرپور تعريفي پوسٽون هلرائڻ ۾ پورو آهي، طارق علي، سيد احمد شاهه بخاري به سروي ۾ حصو ورتو،  عبدالودود سنڌي لکيو ته اسان وٽ ٽنڊو محمدخان منشيات تي ذري جي به گهٽتائي ناهي آئي، ممتاز علي مهر لکيو ته اسان جي ضلعي سکر جي ايس ايس پي جي ڪارڪردگي ٻين جي ضلعن جي ڀيٽ ۾ بھتر آھي باقي حد جي ٿاڻي مبارڪپور تي ھيل تائين ڪو به اھڙو ايماندار ايس ايڇ او ناھي آيو جيڪو ٺڪراٺو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ ھلندڙ جوا ۽ منشيات بند ڪرائي، منظور ڪنڀر لکيو ته ڇاڇرو ۾ وڏي مقدار ۾ منشيات جو واهپو آهي، مهتاب احمد جمالي لکيو ته ضلعو شهيد بينظيرآباد جو عوام چورن, ڦورن جي رحم ڪرم تي آهي، نظير احمد سومرو لکيو ته ڏينهن ڏٺي جو چوري عام آهي، نواز علي کوسو لکيو ته سرعام منشيات ٿي هلي، امتياز لغاري لکيو ته اسان وٽ پھريون ڀيرو ضلعي ٽنڊوالھيار ۾ منشيات جي خاتمي لاءِ ايس ايس پي سليم شاھ قدم کنيو آهي، نارائڻ داس لکيو ته ميرپورخاص ۾ ڪارڪردگي خراب آهي، شاهين سومر لکيو لکيو ته ٿرپارڪر ۾ منشيات بند ناهي ڪرائي وئي، نصير ابڙو لکيو ته ايس ايس پي نوشھرو فيروز ناڪام ٿي چڪو روز چوريون ڌاڙا پيا لڳن منشيات سرعام هلي ٿي، اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته اسان جي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جا حال پورا آهن، ارباب جان محمد لکيو ته اسان جي ضلعي عمرڪوٽ جو ايس پي مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي چوريون منشيات جو مرڪز  شهر آهي، اسد شر لکيو ته ميرپورخاص ضلع ۾ ايس ايس پي سياسي بنيادن تي اچن ٿا، احمد علي مينگل لکيو ته اسان جي شھر مديجي ۾ ته امن هي ناهي، نادر ابڙو لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي خاص طور تي ڪارڪردگي بهتر نه آهي منشيات ۽ چوريون معمول بڻيل آهن، گلاب خان گراماڻي لکيو ته صرف پوليس جي خلاف سروي ڇو ٿي ڪرائي وڃي، ڪڏھن پوليس جي سھولتن پگھارن بابت ڇو نٿي سرووي ڪرائي وڃي، مير عاقب چانڊيو لکيو ته سڪرنڊ شهر ۾ بدامني ۽ چوري ۽ منشيات عروج تي آهي. حبدار علي وارث لکيو ته اڪري چودڳي ۾ ڦرلٽ عام آهي، راجو ٺڪر لکيو ته ضلعي بدين ۾ منشيات جي حوالي سان ھن وقت پوليس جي وٺ پڪڙ لڳي پئي آھي، بشير احمد شر لکيو ته شڪارپور ۔جتي شڪارپور جا حالات تمام خراب هئا عام ماڻهو لا نڪرڻ محال هيو اتي ايس ايس پي عرفان سمون ڪافي حد تائين بهتري آندي آهي، سنيل نجار لکيو ته پ پ جا وڏيرا، ايم اين اي ۽ ايم پي اي فرمائش تي پوليس آفيسر مقرر ڪرائن ٿا، ممتاز سميجو لکيو ته اسان وٽ ضلعي سجاول م هڪ مهيني جا ڪروڙين روپيا منشيات جي منٿلي هلي ٿي، جيسارام ڀيل لکيو ته عمرڪوٽ ۾ پوليس چرس ڪچو شراب وارن کي ڪجهه نٿي چوي، حاجي خان پنهور لکيو ته امن امان جي حوالي سان ڪجهه بهتر آهي باقي منشات بند ناهن ڪرائي سگهيا، برڪت ميراڻي لکيو ته گھوٽڪي ۾ ماضي جي مقابلي ۾ امن امان جي صورتحال گھڻي خراب آھي، ڪچي ۾ موجود ڌاڙيل توڙي پڪي تي موجود ڏوھاري پوليس جي قابو ۾ نٿا اچن، سيد عادل بخاري لکيو ته اسان جي ضلعي دادو جو ايس پي امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي چوريون منشيات جو مرڪز هن وقت دادو آهي، يار محمد ميمڻ لکيو ته منشيات اڳ کان وڌيڪ ھلڻ لڳي آھي، احسان علي شر لکيو ته ڪشمور شهر جو ايس ايڇ او ڪم جو ناهي ڪارڪردگي سٺي نه اٿس، شوڪت پنهور لکيو ته ميرپورخاص ضلعي ۾ بدامني عروج تي آھي، آدم پتافي لکيو ته ايس ايس پي تنوير تنيو جي اچڻ بعد 11 پوليس جوان شھيد ٿي چڪا آهن، ھر طرف ڦر اغوا قتل ۽ چوري جون وارداتون پيون ٿين. ضلعو بري طرح بدامني جي ور چڙهي ويو آهي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي زيرو آهي ان ۾ ايس ايڇ او ھجي يا ايس ايس پي، غلام رسول چانڊيو لکيو ته اسان جي پوليس اسٽيشن بلديا حيدرآباد جي حد ۾ مين پڙي سميت تقريبن هر نشو هلي رهيو آهي ۽ آڪڙا پرچي جوا به هلي رهي آهي اهڙي شڪايت اسان جي يوسي 146 قاسم آباد جي نمائندن ايس ايس پي  ۽ ڊي آئي جي صاحب سان روبرو ملي ڪئي پر افسوس جو ٽڪي جو ايڪشن به نه ٿيو، آزاد مهر لکيو ته ايس ايس پي جي ڪارگردگي سٺي باقي ٿاڻي جي ايڇ او جي ڳالھه نه پڇو ڪينٽ ٿاڻو پنو عاقل جي حد ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني وڌندي پئي وڃي، عبدالحق بلوچ لکيو ته ماتلي ۾ منشيات خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اي ايس ماجد پروين آهي، توحيد خان بروهي لکيو ته ضلعي شڪارپور جي ٿاڻي جي مدئجي جي ڳالھ ڪجي ته هتي قانون جي رٽ ختم آهي ايس ايس پي عرفان سمون جو ويجهو ايس ايڇ او عبيدالرحمان ڌاريجو مدئجي مقرر ٿيڻ بعد چئن ڏينهن ۾ چار وارداتون ٿيون آهي ٻه موٽرسائيڪلون چوري هڪ پورهيت جي گهر کي کاٽ 7 فوجي جوانن کان ڦر ٿي آهي، الله رکيو سيال لکيو ته اسان جي حد قاضي احمد جي ايس ايڇ اوز جي حالت اها آھي ته آفيسن ۾ ويھن ئي نه ٿا، خالد کوسو لکيو ته اسانجي حد جي پوليس منشيات فروشن ۽ ڏوھارين جي سھولت ڪار آهي، سردار احمد بلوچ، محمد حسن به سروي ۾ حصو ورتو، جي آر چانڊيو لکيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ ايس ايس پي بشير بروهي مقرر ٿيڻ بعد جهيڙا، ڦرون، ڌاڙا، منشيات جو وڪرو وڌي ويو آهي، عباس ٻرڙو لکيو ته ڪوثڙي سائيٽ منشيات ۽ بدامني ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آھي، ايس ايچ او خيرمحمد ملاح آهي، باقر پتافي لکيو ته اسانجي شھر دادلغاري ۾ عوام لاءِ محافظ طور ڊيوٽي ڏيندڙ ايس ايڇ او دادلغاري اچڻ بعد ڏوھن تي ڪنٽرول اچڻ بدران اضافو ٿي ويو آهي،نبي بخش لکيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ايس ايڇ او جي ڪارڪردگي زيرو آهي. سرعام ايراني پيٽرول. منشيات. جوا هلي ٿي،  مجيب خان ڀٽو لکيو ته قمبر ضلع ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب آ خاص ڪري قمبر سٽي ۾ مقرر ايس ايچ او جي ڪري ڏوهه وڌي ويا آهن، قمبر سٽي ۾ سراسري طور روزانو 5/6 موبائل ڦرون موٽر سائيڪل ڦر ۽ قتل ٿين ٿا، ايس ايس پي صدام خاصخيلي آهي، راجا ريحان لاشاري لکيو ته ضلعو قمبر شهدادڪوٽ نصيرآباد تعلقي ۾ ڦر جون وارداتون عام جام آهن.. ڪيترن ئي شهرين جون موٽر سائيڪل ڦر ٿيل آهن پر هن وقت تائين پوليس ڪو به اهڙو قدم ناهي کنيو، شڪيل احمد جمالي لکيو ته 60 ميل ۾ ته ڪي به اهڙا ناجائز ڪم نه آهن جن ۾ پوليس جو هٿ نه هجي، محمد يوسف رستماڻي لکيو ته ڏيئي ٿاڻي جي حدن اندر عيد جا ڏينهن ويجهو ايندي ئي چور سرگرم ٿي ويا، موهن لال لکيو ته اسان جي علائقي ڪوٽ غلام محمد ۾ منشيات عروج تي پهچي وئي آهي، عبدالحفيظ پلهه لکيو ته دريا خان مري ۾ چرس آفيم شراب آئيس نشو ٺرو ۽ ٻي منشيات هلي ٿي، قربان مهر لکيو ته ايس ايس پي امير سعود مگسي ضلع شھيد بينظير آباد مڪمل ناڪام آهي ضلع جا چارئي تعلقا چورن ڦورن جي حوالي آهن، قربان مهر، محمد پنجل ملاح، فقير صفدر رستماڻي، جاويد راهي، شيراز شيخ، هادي ڏيٿو، افضل چانڊيو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي، ظفرالله شر، عمران علي بوزدار، ايم رمضان خاصخيلي، سنيل ڪمار، نواب ميراڻي، اسحاق شر، دليپ آزاد، حبدار علي عباسي، عبدالرحمان چانگ، مريد خان ڪولاچي، محمد امين، ساجد اقبال کوسو، منير ڪولاچي، ديوان ڪمار، فياض حسين، محمد نواز جکرو، ارباب علي، مزمل نثار، بشير ميمڻ، شهريار ميمڻ، سمير لاشاري، عنيد ارشاد، عبدالنويد، صوفي امين چانڊيو، نذير ميمڻ، مظفر زرداري، ميرزادو ابڙو، زوهيب ڏيپر، مير چنڊ اوڏ، سلمان سومرو، هريش، علي گوهر سومرو، صوفي سيال، حامد علي، شهباز سنڌي، قربان علي ميراڻي، سردار لطيف، محمد موسيٰ لغاري، آصف علي وڳڻ، قمر چاچڙ، ارشد علي، احمد خان مري، اياز، عابد ٻٻر، اسحاق شر، عبدالنويد، مشتاق، نثار لغاري، شهزاد چاچڙ، خميسو کوسو، رياض ڪورائي، احمد فراز ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.