سوال/سروي ڄام ڪمال بلوچستان جو وزيراعليٰ نه رهندو، مخالفن جي رٿ ناڪام ٿيندي: عوام جي راءِ ورهايل

0
230
ڄام ڪمال بلوچستان جو وزيراعليٰ نه رهندو، مخالفن جي رٿ ناڪام ٿيندي: عوام جي راءِ ورهايل

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بلوچستان جي 65 واري ايوان مان 33 ميمبرن پاران وزيراعليٰ ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي آهي، رٿ تي سومر تي ووٽنگ ٿيندي، ڄام ڪمال بلوچستان جو وزيراعليٰ رهندو يا نه؟ ڇا بلوچستان ۾ تبديلي جو ملڪ جي سياست تي ڪو اثر پوندو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته ڄام ڪمال بلوچستان جو وزيراعليٰ نه رهندو،

گهر ڀيڙو ٿيندو، ڪجهه ماڻهن چيو ته ڄام ڪمال خلاف رٿ ناڪام ٿيندي، هڪ راءِ اها به هئي ته بلوچستان جي سياست اسلام آباد مان ڪنٽرول ٿيندي آھي جيئن اهي چاهيندا تيئن ٿيندو، باقي بلوچستان ۾ تبديلي سان ملڪي سياست تي اثر نه پوندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بشير ميراڻي لکيو ته بلوچستان جي تبديلي سان ملڪ تي ڪو اثر نه پوندو، تبديلي سرڪار جي وڃڻ سان فرق پوندو، مجاهد رند لکيو ته صوبائي حڪومت تي اثر پوندو، ساجد اقبال کوسو لکيو ته جن ماڻھن جي ذريعي ڄام ڪمال اسيمبلي ۾ پھتو آھي جيڪڏھن اھي ماڻھو ھيئنر به راضي اٿس ته ڄام ڪمال وزير اعليٰ رھندو،

ڇو جو ھن ملڪ ۾ ماڻھو اشارن جي ذريعي ھلندا آھن، سليم اختر لکيو ته ڄام ڪمال بھادري سان مقابلو پيو ڪري باقي بلوچستان ۾ جيڪو بحران پيدا ٿيو اھو ھٿرادو آهي ان ۾ لڳي ٿو ته ڄام ڪمال کي قربان ڪيو ويندو باقي ان جو اثر وفاق تي ڪونه پوندو، پرنس اي وحيد لکيو ته اهي ڪٺ پتليون لهن يا چڙهن ڪو به فرق نه پوندو، ممتاز سميجو لکيو ته بلوچستان ۾ سياسي تبديلي سان ملڪي سياست تي ڪوبه اثر نه پوندو جيڪو به ايندو اهو وفاق جي انڊر ۾ رهي ڪم ڪندو، عزيزالله شر لکيو ته رٿ ناڪام ٿيندي،

شيراز چانگ لکيو ته ھاڻ واقعي به ڄام ڪمال جا ڏينھن اچي پورا ٿيا آھن، خادم گهراڻو لکيو ته بلوچستان جو ساڳيو وزير اعليٰ رهندو، 33 ميمبرن جو تعداد وڌي ويندو هتي رات جي انڌاري ۾ تبديليون اچي وينديون آهن جيڪڏهن رٿ ڪامياب وئي ته ٻين حڪومتن تي اثر نه پوندو، گل حسن شر لکيو ته ڄام ڪمال جا ڪمال وارا ڏينھن ويا ھاڻي سندس زوال شروع ٿي چڪو آھي، ڪائنات بلوچ لکيو ته بلوچستان ۾ تبديلي جو ان تي ڪو به اثر ڪونه پوندو ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي سياست اسلام آباد مان ڪنٽرول ٿيندي آھي.

جيڪڏهن ڄام ڪمال مان راضي ھوندا ته ان کي ٻيھر وزير اعليٰ چونڊيو ويندو، طارق حسين راڄپر لکيو ته ڪجھه به نه ٿيندو رزلٽ حڪمران ڌر جي حق ۾ ٿيندو،عابد ڀٽي لکيو ته بلوچستان جي سياست ۾ ڪافي ھلچل نظر اچي رهي آھي ، ليڪن اعتماد جو ووٽ ۾ ناڪام ويندو، حماد الله ڪنڀر لکيو ته اسان جي خواهش آھي ته بي اعتمادي رِٿ ڪامياب ٿئي بظاهر ته اپوزيشن کي ڪمال گورنمينٽ تي سَرسِي حاصل آھي ليڪن اِمڪان اِهو آھي ته جيئن عرصو اڳ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ اپوزيشن اڪثريت هُوندي به جيڪا خُفيه هَٿن هٿان شِڪَست کاڌي هُئي اهو ساڳيو سِلسلو هِتي ورجايو ويندو باقي جيڪڏهن رِٿ ڪامياب ٿِئي به ٿي ته مُلڪي سياست تي اُنجو ٿورو گهڻو اثر ضرور ٿيندو،

جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته بلوچستان جي سياست ڪٺ پتلي آھي، ۽ ان جو رموٽ اسلام آباد جي ڪابينا وٽ آھي. جيسين رموٽ درست رخ طرف آھي ته ڄام ڪمال جو زوال ناممڪن آھي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو رڳو واويلا آهي وزيراعليٰ ساڳيو هوندو، محمد خالد ميمڻ لکيو ته مالڪن جي مرضي هوندي ته ڄام ڪمال ويندو جيڪڏهن اهي ڄام ڪمال مان راضي هوندا ته ان کي ڪجھه به ڪونه ٿيندو، ڪامريڊ لڪش والماڻي لکيو ته  ڄام ڪمال ويندو ڇو ته 65 مان 33 ميمبر سندس خلاف آهن، نماڻو نوناري لکيو ته لڳي مشڪل ٿو، احمد مير روشني لکيو ته ڄام ڪمال خان خير سان گهر ڀيڙو ٿيندو باقي ملڪي سياست تي سنڌ کانسواءِ وڏو اثر پوندو، نياز سومرو لکيو ته حڪومت جو تابوت بلوچستان مان تيار پيو ٿئي، شبير سهتو لکيو ته تبديلي جي شروعات هميشه بلوچستان کان ٿيندي آھي،

عبدالرحمان چانگ لکيو ته نه ڪو به اثر نه پوندو ڇو ته بلوچستان جي سياست اتي ئي محدود آهي، خاموش خليل شر لکيو ته بلوچستان جو وزير اعليٰ رهندو، هن جي سياست ئي الڳ آھي، بي اعتمادي ۾ ڪامياب رهندو، شبير حسين ڀوت لکيو ته بلوچستان ۾ تبديلي جو اثر نه پوندو، مسرور شر لکيو ته ڪو به اثر نه پوندو، واحد بخش لکيو ته بلوچستان جي سياست اسلام آباد مان ڪنٽرول ٿيندي آھي انڪري اسلام آباد چاهيو ته هو برقرار رهندو، باقي بحران وڏو آھي،

نثار لغاري لکيو ته بلوچستان جي سياست اسلام آباد مان ڪنٽرول ٿيندي آھي انڪري اسلام آباد چاهيو ته هو برقرار رهندو بحران وڏو آھي، مبين لغاري لکيو ته بلوچستان جو وزيراعليٰ تبديل ٿي وڃي تڏھن به بلوچستان جو عوام سدائين سورن ۾ رھندو. تبديلي جو ڪوبه فرق نه پوندو، عيدل ڪنڀر لکيو ته مالڪن جي مرضي هوندي ته ڄام ڪمال ويندو جيڪڏهن اهي ڄام ڪمال مان راضي هوندا ته ان کي ڪجھه به ڪونه ٿيندو ڇوته اسان عوام ته رڳو نالي ۾ آھيون.