سوال/سروي ڄامشور سي آءِ اي جا اهلڪار منشيات اسمگلنگ ڪندي گرفتار: سخت سزا جو مطالبو

0
344

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڄامشورو سي آءِ اي جا 6 اهلڪار موبائل ۾ منشيات اسمگلنگ ڪندي گرفتار ڪيا ويا، سي آءِ اي سينٽر سيل ڪيو ويو، 20 اهلڪار معطل ڪيا ويا آهن ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سڄي سنڌ ۾ پوليس جي پٺڀرائي سان ئي منشيات جو ڪاروبار ٿي رهيو آهي، هاڻ ته ڳالهه اتي پهتي آهي ته پوليس اهلڪار پاڻ منشيات وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن انهي جا پيرا کنيا وڃن ته اهي حڪمرانن، چونڊيل نمائندن تائين ويندا، ڄامشورو سي آءِ اي جي پڪڙيل اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، سڄي سنڌ ۾ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث اهلڪارن بابت جاچ ڪري ايڪشن کنيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته پوليس جي پروٽيڪشن ۾ منشيات نھايت افسوس جي ڳالهه آھي، آزاد انور مهر لکيو ته هي هڪ ضلعو آهي جتي صرف هڪ گروهه پڪڙيو ويو آهي ته جن جي انڪشافن ماڻهن ڇرڪائي ڇڏيو آهي اهڙا ڪيترائي گروهه سنڌ هر ضلعي ۾ سرگرم آهن جن جي رستا روڪ جي ضرورت آهي. ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته ان کان اڳ ۾ ميرپورخاص جو هڪڙو ايس ايڇ او اربين روپين جي منشيات ۾ سوگهو ڪيو ويو هيو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ جي پوليس جا ڪيترا ئي ننڍا وڏا آفيسر مختلف قسم جي منشيات، غير قانوني هٿيار ۽ ايراني پئٽرول ۽ ڊيزل جي اسمگلنگ ڪندا رهندا، خادم گهراڻو لکيو ته قانون سڀني جي لاءِ آهي هي پوليس وارا جيڪي گرفتار ٿيا آهن اهي وردي ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن قانون موجب انهن کي سخت سزا ڏني وڃي پوليس جهڙي اداري مان انهن کي ڪڍيو وڃي، هشام نظاماڻي لکيو ته ايس پي شبير سيٺار پھرين پنھنجي ضلعي ۾ ٽي ضلعا لتاڙي منشيات کڻي ايندڙ حاجي نظر افغان تي جاچ ڪري، ھن شخص کي جاچ ڪاميٽي جي سربراهي تان ھٽايو وڃي جنھن جي ضلعي جا ماڻھو وڏي عرصي کان منشيات خلاف روڊن تي آھن، عبدالله جروار لکيو ته هر هنڌ منشيات جو وڪرو سرعام ٿي رهيو آهي. ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. پوليس منشيات جي وڪري ۾ سراسر ملوث آهي، موهن لال لکيو ته سي آءِ اي پوليس کاتي جو اهم جز آهي انهي جا اهلڪار منشيات سميت پڪڙجي پون اها وڏي بدقسمتي آهي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، سڪندر علي لکيو ته پوري سنڌ م منشيات سرعام هلي رهي آهي، نياز خاصخيلي لکيو ته ھن وقت سنڌ اندر منشيات کي پوليس ھٿي ڏيئي رھي آھي، شاهد ڏاهري لکيو ته منشيات نئين نسل کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي،ا نتظار حسين ڦل لکيو ته اگر اسان جي پوليس ڪڌا ڪم نه ڪري ته ڪنهن ۾ به دم ڪونهي انهن اهلڪارن کي سخت سزا ڏني وڃي، ابراهيم خليل لکيو ته ان ۾ ڪوئي شق ناهي ته سماجي برائيون پوليس سرپرستي ۾ هلنديون آهن پر اهي برائيون پوليس ناهي هلائيندي مقامي وڏيرا چونڊيل نمائندن جي آشيرواد سان هلائيندا آهن، ڄامشورو پوليس سي آءِ اي جا 6 اهلڪار منشيات اسمگلنگ ڪندي پڪڙيا ويا آهن اها به ساڻن ڪنهن آفيسر جي ڀلائي اٿن، وڌيڪ جاچ ٿئي ته خبر پئجي ويندي ڇا ٿو ٿئي، صالح ميمڻ لکيو ته ان کي صرف پوليس نه پر سنڌ سرڪار سمجهو، هي پيرا وزيراعليٰ تائين ويندا، ٻيا به ملوث نڪرندا، علم الدين بلوچ لکيو ته پوليس منشيات جي ڪاروبارکي هٿي ڏئي رهي آهي، عثمان پنهور لکيو ته ڪابه جاچ ڪونه ٿيندي ناني ويڙهو ڪندا، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سنڌ ۾ سنڌ پوليس جو وڏو ڪردار آهي منشيات کي ھٿي ڏيارڻ ۾ جيڪي منشيات ھلائڻ واري کان روزانو جي بنياد پيسا وٺندا آهن، اسلم هنڱورجو لکيو ته پوري سنڌ ۾ پوليس اھو ڪاربار ڪري ٿي منٿليون وٺي منشات ھلائي ٿي، ظفر رند لکيو ته اها ڪا نئين ڳالھه ناهي سنڌ پوليس شروع کان ڏوهن منشيات ۾ ملوث رهي آهي، وقار حسين لکيو ته پوري سنڌ ۾ ساڳي صورتحال آهي، منشيات جي روڪٿام بجاءِ پوري سنڌ ۾ پوليس رکوالي ٿي ڪري ۽ ان ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهن، شبير باغي لکيو ته پوري سـنڌ ۾ منشات ھلي ٿو ان جي پويان ڪنهن جو هٿ آهي، چندن سنگهه سوڍا لکيو ته سڄي سنڌ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات هلي ٿي، ڄامشورو پوليس واقعو اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. شوڪت هالو لکيو ته ھر شھر ۾ منشيات پوليس جي سرپرستي ۾ ئي ھلي ٿي پوليس منشيات فروشن تي منٿلي لاڳو ڪري انھن کي سري عام ھلائڻ جي اجازت ڏي ٿي ٺٽو سجاول ۾ تمام گھڻي مقدار ۾ منشيات جي سپلاءِ ٿئي ٿي، رياض احمد طنزيه لکيو ته ڀلو عمل ڪري پنھنجو ۽ ڊپارٽمينٽ جو نالو روشن ڪيو آٿن .گيان راءِ لکيو ته ھلائن سڀ پيا بس پڪڙجن ڪڏهن ڪڏهن ٿا، نياز محمد خواجه لکيو ته گهڻي ڀاڱي ائين ٿيندو رھندو آھي، باقي ڪم ڀلو ٿيو الله ڪري سزا ملين، عرض محمد پيرزادو لکيو ته اھڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي ۽ ملوث جوابدار کي قانوني ڪٽھڙي ۾ آڻي سزا ڏني وڃي، نياز سومرو لکيو ته ھي ته کڻي پڪڙجي پيا آهن، پر پوليس کاتي جا ڪيترائي اھلڪار صوبي ۾ منشيات فروشي ۾ملوث آهن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ڄامشوري وارا پڪڙجي پيا آھن باقي پوري سنڌ ۾ ساڳي حالت آهي، اعجاز بجير لکيو ته ڪارين رڍن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.عبدالرحمان ٽالپر لکيو ته رات جو چور ڏينهن جو ڀاڳيا، يار محمد ميمڻ لکيو ته جنهن صوبي جي پوليس چرس کپائيندي هجي اتي منشيات جي خلاف آواز اٿارڻ غير قانوني ئي هوندو. ساگر علي رضا لکيو ته پوليس هميشه منشيات فروشن جو ساٿ ڏنو ۽ سندن مدد ڪندي رهي پر هاڻي خود پوليس سرڪاري گاڏين ۾ منشيات فروش ڪري رهي آهي. اهڙي نظام تي حيرت ٿئي ٿي. هادي بخش کوسو لکيو ته سڄي سنڌ ۾ ساڳي صورتحال آهي پوليس ئي منشيات فروشن جي پٺڀرائي ڪري ٿي، سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ پوليس منشيات تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران پاڻ کپائڻ لڳي آھي آءِ جي سنڌ کي فوري نوٽيس وٺڻ کپي. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سڄي سنڌ ۾ ساڳئي صورتحال آهي، مظهر عباسي لکيو ته ھڪ ڳالھه پڪ ٿي ته منشيات جي ڪاروبار ۾ پوليس ئي ملوث آھي اصل ڪاروبار آھي ئي پوليس جو آهي، آزاد ضمير لکيو ته ان صورتحال کي اسان ائين ڏسون ٿا جيئن شراب جي بوتلن مان ماکي نڪري آئي هئي، حاجي خان پنهور لکيو ته وڏن کي بچايو ويو ننڊن پوليس اهلڪارن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آھي، ايوب شر لکيو ته هاڻ ثابت ٿي ويو ته پوليس پاڻ منشيات فروشي ۾ ملوث آھي. عزيزالله شر لکيو ته اها نئين ڳالھ نه آھي پوري سنڌ جي اها حالت آھي، طارق حسين راڄپر لکيو ته سنڌ پوليس هميشه پاڻ منشيات سپلاءِ ڪندي آهي، فياض حسين لکيو ته پوليس جي اهڙن اهلڪارن کي شرم اچڻ گهرجي، عبدالقيوم بکراڻي لکيو ته خدا جو فيصلو به اٽل آ، جانب ڪٽوهر لکيو ته سنڌ پوليس جا حال سڄي سنڌ ۾ پورا آھن، عدنان بلوچ لکيو ته جنھن ملڪ جي پوليس منشيات ھلائي اوھان پاڻ اندازو لڳايو ته اتي ڇا نه ٿيندو هوندو، شمس الدين رند لکيو ته قانون جا رکوالا جيڪڏهن اھڙيون حرڪتون ڪندا ته ٻين تي ڪا به ميار نه آهي، جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي خالق پنهور لکيو ته انهن ناسورن خلاق سخت محڪمانه ڪاروائي ڪري نوڪريون ئي ختم ڪيون وڃن، رميش ڪمار راٺوڙ لکيو ته پوري پاڪستان ۾ منشيات سرعام ھلي رهيو آهي ڪير چوڻ وارو ڪونهي پوليس منٿلي وٺڻ ۾ پوري آهي پهريان ته اڏان تي ڇاپا ھڻي سيل ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو، منٺار علي به سروي ۾ حصو ورتو، امين ٿهيم لکيو ته پوري سنڌ ۾ پوليس منشيات جي پئسي تي هلي پئي، مبينا ايس ايڇ او جي پوسٽنگ به ان تي ٿيندي آهي جيڪو وڌيڪ پئسا ڏيندو اهو انچارج مقرر ٿيندو آهي، ٿاڻي تي مبينا منٿلي 20 لک جي اوڳاڙي ٿئي ٿي، منشيات جي ڌنڌي ۾ اهي سڀ مليل آهن.