سوال/سروي … ٻوڏ جي صورتحال ۾ ڪهڙا ڊي سي، اي سي ۽ مختيارڪار ڪم نٿا ڪن؟ عوام سڀني جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي

0
260

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ٿي رهي آهي ؟ اوهان پنهنجي علائقي جي ڊي سي ۽ مختيارڪار جي ڪارڪردگي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پنهنجي پنهنجي علائقي جي ڊي سي، اي سي ۽ مختيارڪار سان گڏ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي به زيرو قرار ڏني ۽ واهر نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گلفام حسن لکيو ته ڄامشوري ضلعي جي ڊي سي يا اسان جي تعلقي مانجھند جي اي سي پنهنجي ھٿن سان امداد ڏيڻ سوڌو پاڻ ڪٿي به نظر نٿا اچن، بشير ميراڻي لکيو ته اسان جي تعلقي ميرپور بٺورو ضلعي سجاول ۾ مختيار ڪار ۽ ڊي سي وڏيرن کي امداد ڏئي رهيا آهن، نجيب لکيو ته ڪيٽي بندر ۾ ڊي سي ۽ اي سي ٻئي لاپتا آهن، نديم جويو لکيو ته دادو ضلعي ۾ ڊي سي جي ڪارڪردگي زيرو آهي، انجان سهندڙو لکيو ته شڪارپور ۾ مختيارڪار، ڊي سي ۽ اي سي پنهنجا نوازي ۾ مصروف آهن، اياز گل لغاري لکيو ته نصيرآباد ۾ مختيارڪار ۽ ڊي سي جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون، سليم چانڊيو لکيو ته شھداڪوٽ ۾ ته زيرو آهي، ايم اعجاز سومرو لکيو ته ميرپورخاص ۾ اي سي رڳو سياسي سفارش تي مدد ڪري ٿو، گل حسن شر لکيو ته ڊي سي سانگھڙ پهريان واري جي ڪارڪردگي نه هئي باقي نئون آيو آھي ان جي خبر ناھي، هتي ڪنھن به حقيقي مستحق کي ڪجھه به نه مليو آھي، عبدالغفور سروهي لکيو ته حڪومت ۽ انتظاميا طرفان برسات متاثرن جي واهر ناهي ٿي. خيرپور جي ڊي سي، گمبٽ جا چونڊيل نمائندا ۽ مختيارڪار ڪنهن ڪم جا ناهن، ممتاز جمالي لکيو ته جوھي تعلقي جي ڳوٺن ۾ ھينئر به 9 کان 10 فوٽ پاڻي موجود آھي، ضلعي انتظاميا ته برساتن کان پوءِ ڏسڻ ۾ ئي نه آئي. زاهد گل مجيداڻو لکيو ته تعلقي ٺري ميرواھ ۾ متاثرن کي ڪو رليف نه مليو آهي اي سي ڊي سي يا مختيارڪار ڄڻ ته آھن ئي ڪونه ھتي، سڪندر علي لکيو ته ڪنري کان وٺي جهڏو تعلقي تائين ڪنهن بي ٻوڏ متاثرن جي چونڊيل نمائندن سار ناهي لڌي نه پاڻي نيڪال ٿيو  آهي ٻوڏ متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ ڊي سي ۽ مختيارڪار ڪاغذي ڪارروائي ۾ مصروف آهن، ممتاز زئور لکيو ته اسان وٽ مختيارڪار ۽ اي سي وڏيرن جي پويان پيا هلن، واجد جمالي لکيو ته سڪرنڊ جو مختيارڪار ڪنهن ڪم جو ناهي، ايم قاسم آريسر لکيو ته عمرڪوٽ ۾ زيرو آهي، الطاف کوڙ لکيو ته ميرپور بٺورو ۾ مختيارڪار ۽ اي سي متاثرن جي بدران وڏيرن جون امداد مان اوطاقون ڀري رھيا آھن، عاشق ڀٽي لکيو ته اسان جي ڳوٺ ميرخام ڀٽي يوسي کڏھر تعلقو سڪرنڊ ۾ اڃان تائين چيلھه جيڏو پاڻي بيٺو آھي، احسان علي مستوئي لکيو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ رڳو ڪاغذي ڪاررواين ۾ عوام جي مدد ڪئي پئي وڃي، احسان علي چانڊيو لکيو ته ڪارڪردگي اها آهي ته ڪي اين شاھ تعلقي ۾ 40 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن پر اڃا تائين پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو آهي، الياس سمون لکيو ته ڊي سي ٺٽو من پسندن کي سامان ڏئي رهيو آهي، نور ايم شاهه جيلاني لکيو ته ٽنڊوالھيار ۾ ڊي سي مختيار ڪار سڀ هڪجهڙا آهن، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته ڊي سي بدين پنگريو ۾ رليف ڪيمپ لڳائي 300 ڪٽا راشن جا کڻي اچي اعلان ڪرايائين هزارن جي تعداد ۾ متاثر اچي گڏ ٿيا رينجرز ۽ پوليس گهرائي متاثرن مٿان لاٺي چارج ڪرايائين، فضل سبزوئي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ به تباھي جا منظر آهن ڊي سي ۽ مختيارڪار ڪنڌڪوٽ جي ڪارڪردگي سٺي ناهي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ٺل ۾ مختيارڪار پاڻ وٽ مال جمع ڪري رهيو آهي، علي بخش شر لکيو ته خانپور تعلقي ۾ ڪارڪردگي زيرو آهي، اصغر علي لکيو ته ميهڙ تعلقي ۾ مدد نه ٿي سگهي آهي، ڊي سي ۽ مختيارڪار رڳو با اثرن جي خدمت ڪن ٿا، عرفان سيلرو لکيو ته اسان جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڊي سي ۽ شهدادڪوٽ جي مختيارڪار ۽ اي سي جي ڪارڪردگي زيرو آهي ڪنهن به ٻوڏ متاثر جي واهر ناهي ڪئي وئي صرف ذاتي پسند ناپسند جي بنياد تي سامان پهچايو ويو آهي، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته ڊي سي منور ضلعو ڪشمور ايٽ ڪند ڪوٽ  هن وقت تائين به ننڊ ۾ آھي شيراز احمد لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڊي سي ۽ مختيارڪار جي ڪارڪردگي زيرو آهي، شبير سهتو لکيو ته اسان وٽ عمرڪوٽ ۾ مڪمل خير لڳو پيو آهي ڪنهن به اڄ تائين واهر ناهي ڪئي، جاويد علي گاڏهي لکيو ته جوهي دادو ۾ ڪارڪردگي زيرو، ساگر علي ڀٽي لکيو ته ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ڊي سي ۽ مختيارڪار نظر ئي نٿا اچن، اصغر علي گرگيج لکيو ته تعلقي ڪنري ۾ جي اگر امداد ملي به رھي آھي ته پارٽي جي سفارش تي، امتياز جمالي لکيو ته نوابشاهه ۾ اڃا تائين پاڻي نيڪال ناهي ٿيو، مير مرتضيٰ ڪلهوڙو لکيو ته گهوٽڪي ۾ اسان جو مختيارڪار ڪير آهي خبر ئي ناهي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر ڪڍڻ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪونه پئي ٿئي اسان جي شهر ڪڍڻ جي ڊي سي ۽ مختيارڪار جي ڪارڪردگي زيرو آهي، قادر شر لکيو ته تعلقو سنڌڙي ٽائون ڪاميٽي هنڱورنو جا ڊي سي ۽ مختيار ڪار خبر ناهي ڪٿي گم آهن، علي رضا بوزدار لکيو ته اسان جي ڳوٺ ڦوٽو خان بوزدار ۽ ڳوٺ هوت خان رودناڻي يوسي ڇني تعلقو جوهي ۾ اڃان تائين 10 فوٽ پاڻي بيٺو آھي اڄ تائين نه ڪو ڊسي آيو نه مختيارڪار نه ڪوچونڊيل نمائندو آيو آهي متاثر کليل آسمان ۾ روڊ جي ڪناري ويٺا آھن، پير مدثر لکيو ته تعلقي خيرپورناٿن شاھ يوسي ڌڻي بخش ٻگھيا ڳوٺ ميان محمد صالح قريشي جي ٻوڏ متاثر جي انتظاميا سار نه لڌي آهي، ڊي سي ۽ مختيارڪار غائب آهن، ڀورل بلوچ لکيو ته گهوٽڪي ۾ حالت تمام گهڻي خراب آهي، ايم اسحاق قريشي لکيو ته جيڪب آباد ضلعي ۾ رڳو ڪاغذي ڪاررواين ۾ عوام جي مدد ڪئي پئي وڃي، بشير احمد جکراڻي لکيو ته ٺل ۾ ڪا مدد ناهي ڪئي وئي، شاهد شر لکيو ته نارو ۾ ڊي سي، اي سي، مختيار، ڪار تپيدار ٽڪو به واھر ڪونه ڪئي آهي، بلاول سنڌي لکيو ته ايتري قدر جو ڪشمور ضلعي جي ننڍڙي شھر غوثپور جي پاسي وارن گھٽين مان برسات جي پاڻيءَ جو نيڪال به نه ٿيو آھي ته ٻيون ڪارڪردگيون ڇا ھونديون، مظفر بهاول لغاري لکيو ته چمبڙ تعلقي ۾ متاثرن جي اي سي يا مختيارڪار ڪا مدد ناهي ڪئي، غلام مصطفيٰ بروهي لکيو ته تعلقي وارھ جي ڳوٺ کورو بروهي جي ڪابه مالي واهر نه ٿي، مهربان بلوچ لکيو ته ڪشمور ۾ ڊي سي ۽ مختيار نظر نه پيا اچن، شفقت جروار لکيو ته بدين ۽ ماتلي جي ڊي سي ۽ مختيار ڪار ڪا به سهائتا ناهي ڪئي، لالچند لکيو ته اسان وٽ ضلعي ميرپورخاص ۾ ست تعلقا متاثر ٿيا آهن امداد صرف ھڪ تعلقي کي ڏني ٿي وڃي، عبداللطيف شر لکيو ته ڊي سي خيرپور ڪنھن به متاثر وٽ لڙي ناھي آيو اي سي،ميرواھ مخيار ڪار،تپيدار سروي ڪرڻ جي زحمت نٿا ڪن، فرمان بلوچ لکيو ته يوسي ٻيرڙي تعلقي گھوٽڪي جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ عبدالغني بوزدار ۾ برسات کي تقريبن بند ٿئي 20 کان 22 ڏينهن گذري ويا آھن پر هيل تائين پاڻ نيڪال ناهي ڪيو ويو نه ئي واهر ڪئي وئي آهي، ٻڍل ملاح لکيو ته اسان نئون ديرو جارهواسي آهيون، ملاح ڪالوني ۾ 60 کان مٿي خاندانن لاءِ 2 ٽينٽ ۽ 2 ٿيليون راشن ڏنيون ويون، اياز پيرزادو لکيوته اي سي ۽ مختيار ڪار قاضي احمد آيل امداد حڪومتي وڏيرن حوالي ڪري ڇڏيو، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعي جو ڊي سي  ڪنهن ڪم جو ناهي، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته نوشهرو فيروز جو ڊي سي ڪم ئي نٿو ڪري، امتياز کوسو لکيو ته حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر رڳو فوڪل پرسن جي پريس ڪانفرنس دوران نظر اچي ٿو، انور عباسي لکيو ته ٽنڊوباگو تعلقي جو اڌ جنهن ۾ سوين ڳوٺ برسات ۽ سم نالن جي گھارن واري پاڻي ۾ ٻڏل آهن انتظاميا صرف پنگريو شهر ۾ نالي ماتر راشن ورهائي ماڻهن جي تذليل ڪري رهي آهي. ديپڪ ڪمار لوهاڻو لکيو ته ڊي سي جي ڪارڪردگي خراب آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ھن مسلسل برساتن ۾ سنڌ سميت شڪارپور ضلعي جي متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي،اختر سنڌيار لکيو ته ٻوڏ متاثرن جي سار سنڀال ئي ناهي ڊي سي ڪشمور رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آھي انتظامي نااھلي جو ثبوت اھو آھي ته ڪالھه راشن جي قطار ۾ بيٺل پيرسن ڪافي ڏينھن کان بک تي ھجڻ سبب فوت ٿي ويو جنھن جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪافي ڏينھن کان بک تي رھڻ سبب فوتگي ظاھر ٿي آهي، مختيارڪار تنگواڻي بيوس بڻيل آھي راشن وڏيرن جي بنگلن تي پيل آھي، وحيد مستوئي لکيو ته اسان کي علائقن ۾ اھي آفيسر ڏسجن ڪونه پيا. غريب ٻچڙن سميت ليلائي رھيا آھن ھو وقت به وقت پني کائڻ جون دانھون پيا ڪن. ڊپٽي ڪمشنر ھجي يا مختيارڪار مورو ھجي يا ڪو ٻيو ڪامورو ھجي سمورا ھڪجھڙا عوام مٿان مڙھيل آھن. محمد عظيم بلوچ لکيو ته سمورا ڊي سي ۽ مختيارڪار واهر نه پيا ڪن، عثمان شر لکيو ته سرڪار به آهي ڇا؟ محبوب لکيو ته آفيسر ڪم ئي نٿا ڪن، ڊاڪٽر نور حسن کوسو، امام بخش سنڌي به سروي ۾ حصو ورتو، قادر ملاح لکيو ته تعلقو خيرپور ناٿن شاهه مڪمل پاڻيءَ ھيٺ آھي شھر توڙي ٻهراڙين ۾ ھن وقت ماڻھو مري رھيا آھن..متاثر ٿيل ماڻھن کي ماني ته نه پئي ملي پر موت ضرور ڏنو ويو آھي. ڊي سي دادو ۽ مختيارڪار ڪي اين شاھ  تر جيترو به ڪم ناھي ڪيو، قدر جوڳي، اسماعيل خلجي،حافظ راڄپر، اعجاز کوسو، مهراڻ بلوچ پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، نديم پنهور لکيو ته آفيسر رڳو وڏيرن جي خدمت ڪن ٿا، شهمير جمالي، سيد احمد شاهه، محمد حسين، برڪت جان ڪنڀر، زاهد حسين، قربان ڀرڳڙي به سروي ۾ حصو ورتو، ڊي مراد، حاڪم علي، عمران مهر، نظام شر به سروي ۾ حصو ورتو، تسليم علي چانڊيو لکيو ته ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ڪارڪردگي جون لسٽون ڊي سي  ۽ پي ايس 15 جي ايم پي اي ۽ پ پ ضلعي صدر گڏجي اهڙيون تيار ڪيون آهن جو ڏسي دنگ رهجي ويندا، شوق شهزادو اوڏ، هدايت الله، منور علي زئور، وزير پنهور، شنڪر لال، فقير طالب، بلاول سنڌي، ڊاڪٽر سجاد سولنگي، علي اصغر، اظهار علي، راشد علي، بلال مصطفيٰ ٻگهيو، حنيف ميراڻي، ذڪاءُالله حسن به راءِ جو اظهار ڪيو، غلام حسين ڀٽي لکيو ته پراڻا جتوئي ضلعي نوشهرو فيروز ۾ برسات متاثرن وٽ ڪير به لڙي نه آيو آهي، ساگر علي رضا لکيو ته سجاول ضلعي جي ڊي سي ٻوڏ متاثرن تي هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو، نيب انڪوائري ڪري ته آخر هيڏي رقم ڪيڏانهن وئي، ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار آهن. راشد ٻگهيو، ڪامران رند، جمال الدين چنا، مبين ڀٽو، سوڍو اوڏ، الطاف کوڙ، امتياز بلوچ، عجيب الرحمان چنا، عصمت الله حسن، محمد اربيلو رند، فيصل خان، آڪاش پنهور، عزيز ميئو، محمد پنهور، مير قاسم، غلام مرتضيٰ، غلام سڪينه، مبين ڀٽو، راجا علي کوسو، عبدالله سنڌي، سرتاج حيدر، عرفان علي، هالار ياسين، ارشاد کوسو، اقبال بروهي، احمد بلوچ، سجاد علي، حافظ ثناءُالله نندواڻي، الطاف حسين جتوئي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.