سوال/سروي هراسمينٽ واقعا: يونيورسٽي انتظاميا، استاد ۽ حڪومت ذميوار قرار: نياڻين کي هراسان ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي: عوام

0
154
سوال/سروي هراسمينٽ واقعا: يونيورسٽي انتظاميا، استاد ۽ حڪومت ذميوار قرار: نياڻين کي هراسان ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته يونيورسٽين ۾ هراسمينٽ جا واقعا: ذميوار ڪير؟ اهڙن واقعن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن يونيورسٽي انتظاميا، استادن ۽ حڪومت کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، مارڪون ڏيڻ جو اختيار سبجيڪٽ پڙھائيندڙ استاد کان واپس ورتو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عرفان جروار لکيو ته اهڙن واقعن کي صرف قانون روڪي سگھي ٿو اھڙا قانون ٺاھڻ گھرجن ۽ انھن قانونن تي عمل ھجڻ گھرجي،  الطاف کوڙ لکيو ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ حڪومت اھڙن واقعن ۾ ملوث آھي.  مظفر حسين زرداري لکيو ته استاد، وي سي۽ حڪومت ذميوار آهن، يونيورسٽي جي استادن کان مارڪون ڏيڻ واري ذميواري واپس ورتي وڃي ھراسمينٽ ڪندڙن پروفيسرن کي سخت سزا ڏني وڃي،

غلام شبير ڪنڀر لکيو ته معززن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا روزاني بنياد تي جائزو وٺندي رهي، گل حسن شر لکيو ته منھنجي خيال ۾ اھڙن واقعن کي روڪڻ ھن جديد دور ۾ گھڻو مشڪل ناھي جڏھن انھن جي ڪپڙن مان ڪجهه مردن جا نمونا ملن ٿا ته سڀ ڪجهه ظاهر ٿئي ٿو، خادم گهراڻو لکيو ته اڄڪلهه رڳو يونيورسٽين نه پر جتي نياڻيون ڪم ڪن ٿيون اتي اهي واقعا ٿين ٿا ان جا ذميوار هڪ ڇوڪرا ٻيو انتظاميا آهي ڪٿي ڪٿي ڇوڪريون به آهن اهي واقعا گهڻا تعليمي ادارن ۾ ٿين ٿا قانون اهڙو ٺاهجي جو سڀني تي هڪ جهڙو لاڳو هجي، خاموش خليل شر لکيو ته يونيورسٽي انتظاميا ذميوار آھي، سميع الرحمان لکيو ته يونيورسٽي انتظاميا ان ڪم ۾ ملوث ھوندي آهي پر اھڙين ڪارين رڍن کي سخت سزا ڏجي، قادر مڱريو لکيو ته ايڪسٽرنل ڪاپي چيڪنگ واري سسٽم کي رائج ڪيو وڃي، عرفان گل لکيو ته نياڻين کي هراسمينٽ ۽ ڇوڪرن سان ظلم آهي، عارف علي لکيو ته مارڪون ڏيڻ جو اختيار سبجيڪٽ پڙھائيندڙ استاد کان واپس ورتو وڃي،

نياز سومرو لکيو ته هراسمينٽ جا واقعا ھر جڳھه تي ٿين پيا، جن جو ذميوار پورو معاشرو آھي، دليپ ڪمار لکيو ته وي سي ۽ يونيورسٽي انتظاميا ذميوار آهن، علي رضا وڻجارو لکيو ته هراسمينٽ جا واقعا مدرسن، پرائمري اسڪولن، ڪاليجن کان ويندي يونيورسٽين تائين ٿين ٿا پر ان کي روڪڻ لاءِ اڄ تائين ڪا به تعليم کاتي پاران بهتر حڪمت عملي ناهي جوڙي وئي استادن کي بهترين سماجي سکيا ڏئي کين انساني حقن جي قانون تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آھي، موهن لال لکيو ته يونيورسٽين ۾ هراسمينٽ گهڻي وقت کان ٿيندي پئي اچي جنهن جي ڪري نياڻيون عتاب هيٺ آهن جيڪڏھن ڪٿي واقعو ھاءِ لائيٽ ٿي به وڃي اتي يونيورسٽيءَ انتظاميا توڙي سگهاريون ڌريون ڪيس کي لئه مٽي ڪري ڇڏين ٿيون نتيجي ۾ وحشي بگهڙن کي ويتر آساني ٿيو وڃي، ميرٽ تي وي سي مقرر ڪيا وڃن، هراسمينٽ ۾ ملوث ڪردارن کي سخت سزا ڏني وڃي، قربان علي ميراڻي لکيو ته پيسي ۽ طاقت جي زور تي اھو سڀ ڪجھه ٿئي پيو ذميوار ماڻھن کي سزا ملي ته وري اهڙا واقعا نه ٿيندا، طارق علي باجڪاڻي لکيو ته جيستائين ڇوڪرين کي ڌار تعليم نه ڏني ويندي اهڙا واقعا ٿيندا رهندا،

نظير علي سوهو به سروي ۾ حصو ورتو، سليم اختر لکيو ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ اتي ويٺل ماڻهو ذميوار آهن، حڪومت پاران ان مسئلي تي ڌيان نه ڏيڻ سبب به واقعا وڌي رهيا آهن، نتيجي ۾ نياڻيون اعليٰ تعليم کان پري ٿي وينديون آهن، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته يونيورسٽي انتظاميا ذميوار آهي، جاويد جان ۽ قدير حسين به انتظاميا کي ذميوار قرار ڏنو، نور احمد ٻگهيو لکيو ته اھڙا واقعا تڏهن رڪجي سگهجن ٿا جڏهن يونيورسٽين جو نظام الڳ الڳ ھجي يعني ڇوڪرن ۽ نياڻين جي رھائش، تعليم جو سسٽم الڳ الڳ ھجي، زيڊ ڪي بلوچ ليکو ته تعليمي ادارن ۾ هراسمينٽ جا واقعا ڏينھون ڏينهن وڌي رھيا آھن، اھو اسان سڀني لاءِ فڪر جوڳو لمحو آهي. استاد تنظيمون، انتظاميا ۽ خود پروفيسر شاگردن جو استحصال ۽ انھن کي هراسان ڪرڻ ۾ شامل آھن. پروفيسرن جي ھر ٽئين مھيني نفسياتي ماھرن کان ٽريننگ ڪرائڻ کپي. استادن کي عھدا نه ڏنا وڃن. حد کان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ کان اڳ کين پابند ڪيو وڃي ته ڪل وقت شاگردن کي دل سان پڙھائڻ ۾ لڳائن ۽ آخري ڳالھه ته سڀني ليب اسسٽنٽس، ليڪچرارز، پروفيسرز، ڊينز، چيئرمينز ۽ انتظامي آفيسرن جي آفيسن ۾ ڪئميرائون نصب ڪيون وڃن.الياس سمون لکيو ته تعليمي ادارن ۾ وڌي واقعا ٿين ٿا، سرفراز، نواب لغاري، محمد حنيف به سروي ۾ حصو ورتو،

جنيد جمالي لکيو ته مارڪون ڏيڻ، پاس ڪرڻ جو اختيار، پيپر چيڪ ڪرڻ جو اختيار ڪنهن ٻئي ڪاليج جي استادن کي ڏنو وڃي ته ڪنهن حدتائين مسئلي جو حل نڪرندو، دولت موهن سوجاڻي لکيو ته يونيورسٽين ۾ ھراسمينٽ واقعن جو ذميوار اسان جو معاشرو ۽ ڪرپٽ نظام آهي، آفيسن ۾ ڪيمرائون لڳايون وڃن، استادن کان مارڪون ڏيڻ ۽ ڪاپيون چيڪ ڪرڻ جو اختيار واپس ورتو وڃي، ٻي يونيورسٽي يا ٻئي تعليمي اداري مان اهي ڪاپيون چيڪ ڪرايون وڃن، اياز چانڊيو ليکو ته هراسمينٽ واقعن ۾ واڌ جي ذميوار انتظاميا آھي اڪثر واقعن ۾ استاد ئي ملوث آھن انڪري مارڪن جو اختيار استادن کان واپس ورتو وڃي. وحيد ڄامڙو لکيو ته يونيورسٽيون نياڻين جي لاءءِ قتل گاھ بڻيل آھن، آسودومل لوهاڻو لکيو ته انتظاميا ذميوار آهي جيڪا شڪايت تي به ڌيان نٿي ڏئي، ويتر ڇوڪريءَ کي دٻايو ويندو آهي، زاهد باجڪاڻي لکيو ته انتظاميا ذميوار آهي، سڀاڳو انڙ، ارشاد علي، ابراهيم خليل، فرمان چانڊيو، نالي مٺو نهڙي، بشير ميراڻي، عبدالرحمان چانگ، عابد ڀٽي، راشد الطاف، قادر شر، عاشق حسين شر، عبدالستار بلوچ، مسرور شر به يونيورسٽي انتظاميا کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ گهرجي، مارڪون ڏيڻ جو اختيار سبجيڪٽ پڙھائيندڙ استاد کان واپس ورتو وڃي.