سوال/سروي نيب پاران ملازمن جا تفصيل طلب ڪرڻ تعصباڻو عمل قرار: ٻهراڙين جي ملازم سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به نوڪري ڪري سگهن ٿا: عوام

0
570

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ٻهراڙين جي ڊوميسائيل تي ڪهڙا سرڪاري ملازم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪن ٿا ؟ نيب پاران سنڌ سرڪار کان انوکو جواب طلب ڪيو ويو آهي، نيب جي ان عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا سنڌ جي ٻهراڙين جو ڊوميسائل رکندڙ سرڪاري ملازم سنڌ جي شهرن ۾ ڪم نٿا ڪري سگهن ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نيب جو اھو عمل تعصب پرستي تي ٻڌل آهي، سنڌ دشمن قدم آهي، سنڌ جا وارث سنڌي آھن سنڌ جي ٻهراڙين جو ڊوميسائل رکندڙ ملازم پنھنجي صوبي ۾ ڪراچي هجي يا حيدرآباد ڪٿي به ڪهڙي به شهر ۾ نوڪري ڪري سگھي ٿو، نيب وٽ ان جو اختيار ئي ناهي ته ڊوميسائل چيڪ ڪري،نيب اھڙي حرڪتن کان پاسو ڪري، ٻين صوبن وارن ملازمن کي پنهنجن صوبن ڏانهن موڪليو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي ڪامران سهتو لکيو ته وفاقي سرڪار نسلي بنيادن تي ھاڻ جاچ شروع ڪري ٿي، پر ياد رکڻ گھرجي ته سندن اھڙي حرڪت سان ملڪ ۾ احساس محرومي جنم وٺي سگهي ٿي، نيب اھڙي حرڪتن کان پاسو ڪري، خادم گهراڻو لکيو ته سنڌ سڄي سنڌ وارن جي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد سنڌ آهن سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهن کي شهرن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ جو حق نه آهي ته ڇا باقي ٻين صوبن جا ڀلي ڪن؟ نيب جو اهو فيصلو غلط آهي، ٻين صوبن وارن ملازمن کي پنهنجن صوبن ڏانهن موڪليو وڃي، گل حسن لکيو ته نيب جو تمام غلط عمل آھي، دانش سولنگي لکيو ته نيب يرغمال آهي، ماجد سمون لکيو ته نيب لاهور ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن جو ته ايئن رڪارڊ ناهي گهريو، رڳو ڪراچي ڇو؟ جاويد هڪڙو لکيو ته ايئن ته پوءِ نيب وارا به ٻين صوبن ۾ ڪم ڪن پيا، سڪندر علي لکيو ته نيب وارن کي ته اهو پڇڻ گهرجي ته ٻين صوبن جا ڪهڙا ملازم هتي ڪم ڪن پيا، محمد پريل عباسي لکيو ته نيب جو اھو عمل سڌو تعصب پرستي آهي، لاڙڪاڻو ، سکر، شڪارپور سميت سڀ جا سڀ ضلعا سنڌ آهي، ڪاشف علي سومرو لکيو ته سنڌ جي ٻهراڙين جي ڊوميسائلن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊيوٽي ڪري سگهجي ٿي، تفصيل ٻين صوبن وارن جا گهريا وڃن، ڪاشف لغاري لکيو ته نيب جو اهو عمل غلط آهي، نواز شيخ لکيو ته ڌارين جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن، طارق ميمڻ لکيو ته نيب جو اهو عمل نسل پرستي تي مبني آهي، هزار خان لکيو ته نيب جو اهو قدم تعصب تي ٻڌل آهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته نيب سنڌ سان زيادتي ڪري رھي آھي اھو عمل سڌو تعصب پرستي آھي،حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته سنڌين سان اڳ ئي گهڻا ظلم آهن، وحيد ڄامڙو لکيو ته نيب جي اھڙي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا، تعصب وارو فيصلو سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو، سنڌ جي ٻھراڙي وارن کي شھرن ۾ نوڪري ڪرڻ جو حق ناھي ته باقي ٻين صوبن جي ماڻھن کي سنڌ جعلي ڊوميسائلن تي سنڌ اندر ملازمت ڪرڻ ڪھڙو حق آھي؟جنيد زرين لکيو ته نيب کي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته صرف سنڌ جي ٻھراڙي وارن جي ڊوميسائيل رکندڙن ملازمن جي ڇو جاچ ڪئي پئي وڃي؟، اعظم عالماڻي لکيو ته ھي سنڌي دشمن عمل آهي نيب کي ڪو اخلاقي جواز ناهي جو سنڌي ملازمن کي بنا جواز تنگ ڪري، گلاب خاصخيلي لکيو ته انڌير نگري آھي انتھائي مذمت جوڳو عمل آھي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته نيب جو اهو حڪم سراسر غلط آهي، سنڌي ماڻهو سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به نوڪري ڪري سگهن ٿا، غفار لغاري لکيو ته اھو ڪھڙو جواز آھي جو اوھان سنڌ جي ماڻھن کي سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ کان روڪيو، پپن خان لکيو ته نيب جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا، آر جي امين ٿهيم لکيو ته اگر نيب کي چيڪ ڪرڻو آهي ته اهو چيڪ ڪري ته ڪهڙا ماڻهون ٻين صوبن جا آهن، باقي سنڌ جا ماڻهو شهرن ۾ ڇو نٿا نوڪري ڪري سگهن؟ هي بدنيتي تي ٻڌل هڪ قسم جي سازش آهي جيڪا ايم ڪيو ايم ۽ عمران حڪومت جي وچ ۾ گڏھلڻ جي ڪري اهو ڊرامو ڪيو پيو وڃي، عبدالله ميراڻي لکيو ته ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ٻهراڙين جي ڊوميسائلن وارن سنڌي اميدوارن کي ته ٺهيو پر شهرن جي ڊوميسائل رکڻ وارن کي ئي نوڪريون ڪونه ٿيون ملن، سو هي وري ٻهراڙيء جو ڊوميسائل رکڻ وارن جي پيا پڇا ڪن. محمد حسن لکيو ته سنڌ دشمن قدم آهي، ذوالفقار خاڪي لکيو ته نيب سڀ کان اڳ پنھنجي پوزيشن واضح ڪري يعني ٻڌائي وٽس ڪيترا شھري ۽ ٻھراڙي علاقائي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ماڻھو ڪٿي ڪٿي ڪم پيا ڪن؟ ۽ اھو پڻ ٻڌائي ته سنڌ جي شھري کاتن ۾ ڪيترا ماڻھو ڀرتي ٿيل آھن جيڪي سنڌي ٻولي ڳالھائڻ نٿي اچي پوءِ به سنڌ تي مڙھيا ويا آھن، محمد متين لکيو ته راجنپور جو رهواسي ڇا لاهور ۾ ڊيوٽي نٿو ڪري سگهي؟ فياض چانڊيو لکيو ته نيب گردي نامنظور، عاشق حسين لکيو ته ڪرپشن جو خاتمو ٿي ويو، ھاڻي وري سرڪاري ملازمن جي جاچ ڪندا، سارنگ پنهور لکيو ته نيب خود ڪرپٽ ادارو آهي، اين ڪي ملاح پڻ سروي ۾ حصو ورتو، حبدار علي وارث لکيو ته نيب جو فيصلو افسوس جوڳو آهي، اعجاز بجير لکيو ته نيب جو غلط عمل آهي سنڌ جا بيوروڪريٽ به عمل لاءِ آفيسرن کي خط لکندي دير ئي نٿا ڪن هاڻي اهو آفيسرن کي موڪليل خط واپس ورتو ويو آھي پر دير سان جيئن ٻيٽن جو فيصلو ڪيو ويو هو، آفتاب لغاري لکيو ته نيب جو اهو عمل تعصب پرستي تي ٻڌل آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، اسلم سومرو به مذمت ڪئي، يونس لغاري، نماڻو نوناري پڻ سروي ۾ حصو ورتو، مسرور شر لکيو ته اهو نيب جو سٺو فيصلو آهي، فدا حسين راڄپر لکيو ته نيب اداري جي بدنيتي ظاهر ٿي چڪي آهي تنهن ڪري ان اداري کي ختم ڪرڻ گهرجي، غلام رسول شر لکيو ته نيب جي ناجائزي آهي، اعجاز حسين لکيو ته نيب جو عمل بدنيتي تي ٻڌل آهي، شمس الدين رند لکيو ته غلط فيصلو آهي، سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ ڪٿي به ڪنهن به شھر ۾ نوڪري ڪري سگهي ٿو، مظفر شبير بوزدار لکيو ته وڏي گهر جي شرارت سان گڏوگڏ سنڌ سرڪار ملڪ رياض سان ملي ڀڳت ڪري عوام جو بحريا ٽائون واري معاملي تان ڌيان هٽائڻ جي سازش پئي لڳي، بشير ميراڻي لکيو ته نيب جو اهو عمل سڌو سنئون سنڌ دشمني تي مبني آهي، نيب وٽ ان جو اختيار ئي ناهي ته توهان سنڌين جا ڊوميسائل چيڪ ڪريو، بابر ستار هاليپوٽو لکيو ته نيب هاڻوڪي سياستدانن جي اشاري تي پئي هلي، سڪندر بلوچ لکيو ته نيب جو اھڙو حڪم سراسر غلط آھي سنڌ جا وارث سنڌي آھن سنڌ جو ملازم پنھنجي صوبي ۾ ڪٿي به نوڪري ڪري سگھي ٿو، حبيب الله عمراڻي لکيو ته نيب جو اهو حڪم بلڪل غلط آهي، نعيم شر، سينگار علي، شڪر الدين گجو به نيب جي عمل جي مذمت ڪئي،خيرمحمد، منيش واسو، ممتاز علي سميجو، شنڪر باغي، توفيق لنڊ، فيصل وهاب به نيب جي عمل کي غلط قرار ڏنو.