سوال/سروي … مڪاني چونڊون صاف شفاف يا ڌانڌلي؟ عوام جي راءِ ورهايل، اليڪشن سنڌ ۾ تبديلي جي شروعات قرار

0
162

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ آيل نتيجن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته اليڪشن صاف شفاف ٿي ۽ ڪجهه ماڻهن چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته سنڌ ۾ تبديلي اچڻ ۾ اڃا وقت لڳندو پر هن اليڪشن سان شروعات ٿي وئي آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محسن ملاح لکيو ته بلڪل درست نتيجا آيا آهن، جتي جنهن جي به اڪثريت هئي اتي اهي ئي ڪامياب ٿيا، حيدرآباد هجي يا ميهڙ رزلٽ سڀني جي سامهون آهي، حيدر علي پنهور لکيو ته نتيجن مان صاف ظاهر آھي ته ٻھراڙي سنڌ ۾ ڪابه سجاڳي نه آئي عوام اڄ به وڏيرا شاهي جي غلامي واري اثر هيٺ ووٽ ڏئي پنهنجي تباهي جو پاڻ ذميوار پيو بڻجي، نور عمراڻي لکيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به شفاف اليڪشن ناهي ٿي. هاڻوڪي بلدياتي اليڪشن به زور تي ڪئي وئي. سرڪاري مشينري جي سهڪار سڀني پاڻ ملهايو. بلدياتي اليڪشن ۾ منسٽر ۽ پارليامينٽرين لٿل هجن ته هڪ عام ماڻھو ڪيئن ٿو کٽي سگهي. نجيب لکيو ته نتيجا درست آھن ضروري ناھي نتيجا اسان جيئن توقع رکون ٿا تئين اچن ھي راڄن جي اليڪشن ھئي ڪٿي آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آھن ڪٿي حڪومتي ڌر جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، قومپرست ڌرين کي ھن اليڪشن مان سکڻ لاءِ گھڻو ڪجھه آھي ۽ اسان سڀني کي پنھنجن غلطين کي پرکڻ گھرجي، نياز چانڊيو لکيو ته سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ بلدياتي اليڪشن ٿي آهي ڪجهه نتيجا ڇرڪائيندڙ آهن جيئن ذوالفقار مرزا کي بري شڪست ملي، علي بخش شر لکيو ته ڌانڌلي ٿي آهي، خواجه نياز محمد به سروي ۾ حصو ورتو، صاحبزادو لکيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سٽي کان علاوه ته متوقع نتيجا آيا آهن. جو چوڏھن سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي انھيءَ ڪري نه صرف بلدياتي اليڪشن پر عام چونڊون ۾ به ساڳئي پارٽي ۽ ساڳيا چهرا ڏسڻ لاءِ ملندا آهن باقي ھن دفعي ڪراچي ۽ حيدرآباد سٽي ۾ پيپلزپارٽي جي غير متوقع ۽ فاتحانه انداز ۾ انٽري ايم ڪيو ايم جو راهه فرار اختيار ڪرڻ توڙي پي ٽي آءِ جي ضمانت ضبط ٿيڻ توڙي وزير اعليٰ سنڌ جي گھر جي يونين ڪائونسل جهانگارا تي جميعت علماءِ اسلام جي ڪاميابي يقينن حيران ڪن ۽ تبديلي وارو عمل آهي، حفيظ احمد لکيو ته هر دفعي وانگر هن دفعي به بس نالي ماتر سيٽن تي تبديلي آئي آھي مطلب ته اڃا تائين شعور پري پري تائين ظاهر ڪونهي. ايتري مهانگائي، هٿرادو ٻوڏ ۽ اَٽي جي بحران جي باوجود به پ پ پ کي ووٽ ملڻ مطلب ووٽ جي اهميت جي خبر نه هجڻ آھي. عرفان سيلرو لکيو ته سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي، اياز راهوجو لکيو ته اليڪشن صحيح ٿي خير سان ساڳئي پارٽي اچي وئي آھي جنھن اڳ به کير جون نديون وھايون ھيون ھاڻي به کير جون نديون وھائيندا، مراد علي لکيو ته ھي اليڪشن نه پر سليڪشن آهي اسان سنڌين کي وڏريڪي ۽ ڀوتارڪي نظام ته ماريو آهي ووٽ وٺڻ مھل اھي وڏيرا پيرن تي ڪري پوندا آھن ۽ ووٽ وٺڻ کانپوءِ اھي ساڳيا سلام به نه ڪندا اسان ساڳيا سورن ۾، ممتاز علي سميجو لکيو ته سنڌي ماڻهن کي جهالت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ته اهي نتيجا نه ايندا، فقير ولايت حسين لکيو ته ھر انسان کي پنھنجي راءِ رکڻ جو حق آھي پر منھنجي پنھنجي راءِ اھا آھي ته جڏھن کان ھن ملڪ جو وجود آيو آھي ان ڏينھن کان وٺي ھڪ اليڪشن فيئر ٿي ھئي جنھن ۾ ڀٽي ھارايو ھو شيخ مجيب الرحمان کٽيو ھو ، خميسو آريسر لکيو ته پ پ پ وارن کير جون نديون وايون تڏهن ته عوام ووٽ ڏنا، رميش ڪمار لکيو ته نتيجا ڪهڙا به هجن قبول ڪرڻا پوندا ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جي لاٽ ٻاري روشني آڻڻي پوندي ان لاءِ ساڃاھ وند دوستن کي اڳيان اچڻو پوندو، عرفان علي ملاح لکيو ته سنڌ جو عوام جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان ڊڄي ٿو، منظور علي زرداري لکيو ته اليڪشن خير سان ٿي وئي، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري، شهزاد علي لکيو ته هي اليڪشن راڄوڻي لوڪل اليڪشن آهي ۽ هي اليڪشن برادرين جي اليڪشن آهي هر ڪنهن پنهنجي دل، ضمير پنهنجي مرضي مطابق ووٽ ڪاسٽ ڪيو اليڪشن صحيح ٿي انهي ۾ ڪابه اهڙي غلط ڳالهه ڪونهي، مير سيف الله مهر به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد علي جوڻيجو لکيو ته آسمان مان سيلاب ڪريو، شيراز احمد لکيو ته آچر ڏينھن پولنگ ايجنٽ طور اھو ڄاتم ته سنڌ واسين جي سڌرڻ ۾ اڃان صديون لڳنديون، پرويز خاصخيلي لکيو ته جيستائين سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت هوندي تيستائين هر شيءِ انهن جي هوندي، ارسلام اسلم لکيو ته اسان ميھڙ وارن ته پاڻ ملهايو، حاجي خان پنهور لکيو ته ڌانڌلين جا نوان طريقا استعمال ڪيا ويا، امتياز سولنگي لکيو ته هاڻ پ پ خلاف ماڻهو نه ڳالهائين پاڻ انهن کي ووٽ ڏنو آهي، ڪامران علي لکيو ته اڃا حالتون خراب ٿينديون، مير نور علي لکيو ته اليڪشن ۾ جيڪي آر اوز هئا اهي سڀ جانبدار هئا، زوهيب لاڙڪ به سروي ۾ حصو ورتو، محمد فياض وساڻ لکيو ته سنڌ پوري ۾ ڌانڌلي ٿي آھي ٻيھر اليڪشن ڪرائي وڃي، شفقت حسين زئور لکيو ته ميهڙ کي ڇڏي باقي سموري سنڌ۾ بي شعوري، سمير احمد لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ رڳو ڌانڌلي ٿي آهي. الهڏنو راهمون لکيو ته اليڪشن صاف شفاف ٿي شنڪر لال لکيو ته جيئن پھرين به ڌانڌليون ٿيون آهن ھن سال به ٿي، صديق سهندڙو لکيو ته هر دفعي وانگر سنڌ جي عوام سوچڻ سمجهڻ بغير حالات کي وساري پ پ کي ووٽ ڪيو. وڏي افسوس جي ڳالھه آهي. شهمير علي لکيو ته پوري سنڌ ۾ پ پ پ جو ڌانڌلي جي ڪري جيت جو جشن آهي، شوڪت نهڙيو لکيو ته چونڊون بلڪل صاف ۽ شفاف ٿيون آهن، ذوالفقار علي راهمون لکيو ته سنڌ ۾ سدائين اليڪشن نه پر سليڪشن ٿي آھي، ليلا رام لکيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، اهو ته ظاهر اليڪشن پيپلزپارٽي وارا ئي کٽيندا. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته گڏجي ڪم کي ھلائڻ لاءِ اليڪشن نه مگر سليڪشن ٿي، الله نواز راهمون لکيو ته بدين ۾صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون آھن، معمت الله خان نهڙي لکيو ته چونڊن ۾ ائين لڳو ته عوام پنهنجون حالتون سُڌارڻ نه ٿي چاهي، رسول بخش جهيجو به سروي ۾ حصو ورتو، اشفاق چانڊيو لکيو ته حقيقي تبديلي ايندي جڏهن عام ماڻهو ايوانن تائين پهچي، محمد الهيار لکيو ته حقيقي تبديلي تڏھن ايندي جڏھن عام ماڻهو ايوانن تائين پھچي، محمد زمان رند به سروي ۾ حصو ورتو ، فيض درس لکيو ته عوام ۾ شعور جاڳيو آهي ڪجھه ڀاڱي قومپرست نوجوانن جو اڳتي اچڻ سنڌ لاءِ سئنون سڌو ڪجھه فائديمند ٿيندو، موهن لال لکيو ته بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي جا نتيجا دلچسپ هئا، پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان جيڪو ڪراچي جو صدر به آهي اهو هارائي ويو، سعيد غني جو ڀاءُ به هرائي ويو سياسي پارٽين ۾ مايوسي جي لهر پکڙيل آهي. باقي ڪم ٺيڪ آهي، نورمحمد چن، ايوب سنڌي، سنتوش ڪمار، حاجي خان پنهور، شهريار حيدر، محمد بچل، رياض ڪولاچي، مزمل علي، نوڪرِ حسين ميمڻ، شريف ڪنڀر، رمضان وڳڻ، آڪاش پنهور، اسماعيل ڪنڀر، محمد حاڪم، حاجي مولوي حسن، الياس، ممتاز علي چانڊيو، قاري اسدالله لغاري، محمد موسيٰ کٽي، صديق سهندڙو، علي احمد نهڙيو، نقاش پيرزادو، جاويد جمالي، مولابخش سيال، عمر فاروق، شير گل ساريو، عبدالغفار انصاري ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.