سوال/سروي مڪاني چونڊون: آزاد اميدوارن ۽ مختلف اتحادن جي پوزيشن مضبوط لڳي ٿي: عوام

0
84
سوال/سروي مڪاني چونڊون: آزاد اميدوارن ۽ مختلف اتحادن جي پوزيشن مضبوط لڳي ٿي: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون شيڊول تحت 26 جون تي ٿينديون، مڪاني چونڊن ۾ اوهان وٽ ڇا صورتحال آهي؟ اوهان وٽ ڪهڙو اميدوار مضبوط ۽ ڪهڙو ڪمزور آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هن ڀيري پ پ لاءِ کٽڻ سولو نه هوندو، آزاد اميدوار ۽ جي ڊي اي جا اميدوار مضبوط نظر اچي رهيا آهن، مختلف اتحاد به کٽي سگهن ٿا، ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته پ پ جي پوزيشن مضبوط آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي صدام شورو لکيو ته يوسي جھمپير ۾ پ پ، پي ٽي آئي، ڪوھستان راڄوڻي اتحاد ۽ آزاد اميدوار ميدان ۾ لٿل آھن. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ آزاد اميدوار مضبوط آهن، اسدالله هنڱورجو لکيو ته حڪومت مشينري تحت پنهنجا اميدوار کٽرائڻ لاءِ هيلا هلائڻ ۾ مصروف آهي، باقي عوام حڪومتي ڌر کان باغي آهي، اسامه سنڌي لکيو ته حڪومت اسان کي پنجن سالن کان ڪجهه ناهي ڏنو ٻيو ته ٺھيو نه روڊ نه نالي نه رستو نه بجلي وري هاڻي ٻيهر ووٽ لاءِ آيا آھن، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته مرزا پيپلزپارٽي ٻئي پارٽي کٽيندون آهن ضلعي بدين شهر ڪڍڻ کي ڪجهه ڪونه ڏ ڏنو آهي، مختيار ميمڻ لکيو ته صورتحال سڄي سنڌ ۾ ساڳي آهي هن وقت سجاول ضلعي ۾ مذهبي پارٽيون وڌيڪ سرگرم آهن، عوام جو لاڙو به انهن ڏانهن آهي،

دوست علي لکيو ته اسان وٽ جيڪي مضبوط هئا اهي ڪمزور ٿي ويا جيڪي ڪمزور هئا اهي مضبوط ٿي ويا، عبدالرحمان چانگ لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ ظاهري طور پ پ جي اميدوارن جي پوزيشن مضبوط نظر اچي رهي ٻئي طرف جي ڊي اي پاران به نوان اميدوار سامهون آڻي سخت مقابلي جي ڪوشش ڪئي آهي، بشير ميراڻي لکيو ته اسان جي يونين ڪائونسل ڪامارو تعلقو ميرپور بٺورو ضلعي سجاول ۾ اڳيان ساڳي اميدوار آهن جن گذريل سالن ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو هو وري ساڳئي حالت آهي.سيف لکيو ته اسان نوجوانن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته يوسي جھنڊو مشائخ ۾ اليڪشن مھم زور شور سان جاري آھي پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي ميدوارن ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيندو، احسان رند لکيو ته يونين ڪوئونسل 70 مراد علي رند ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن ۾ مقابلو آھي جي ڊي اي جو پلڙو ڀاري آھي، ظفر رند لکيو ته يونين ڪائونسل لنڊو ۾ پ پ اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، حفيظ پلهه لکيو ته دريا خان مري جي وارڊ نمبر 2 وارڊ نمبر 3 تي پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي اميدوارن ۾ مقابلا آھن، بشير رضا مهر لکيو ته اسان جي يوسي ڀيٽور جي صورتحال اھا آهي ته جي ڊي اي ۽ پ پ جو مقابلو سخت آهي، عبدالحفيظ شر لکيو ته ٺري ميرواهه جي يوسي مانڊڻ تارڪو ۾ جي ڊي اي جو چيرمين غلام قادر ٻانڀڻ ۽ وائيس چيرمين محمد علي شر مضبوط اميدوار آهن، عبدالنبي شر لکيو ته يوسي مانڊڻ ۾ پ پ جو چيئرمين منتظر ٻانڀڻ ۽ وائيس چيئرمين ضياءُالدين شر مضبوط اميدوار آهي،

خالد نوتڪاڻي به سروي ۾ حصو ورتو، موهن لال لکيو ته يوسي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ پيپلزپارٽي جا نامزد اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، عصمت الله ٽڳڙ لکيو ته يوسي رشيد وڳڻ  لاڙڪاڻو ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميد وارن ۾ چوٽي جو مقابلو آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته پ پ جي پوزيشن مضبوط آهي، جاني  شاهه لڪياري لکيو ته ھالاڻي ٽائون ۾ پيپلز پارٽي جي پوزيشن مضبوط آھي، ذڪاءُالله عطا سميجو لکيو ته اسان وٽ يوسي مهيندري جو پار ۾ پ پ مضبوط آهي، حماد ڪنڀر لکيو ته جيڪڏهن سرڪاري مشينري استعمال نه ٿي ته پ پ هارائي ويندي، راشد الطاف لکيو ته يوسي اڪري ۾ پ پ صرف هڪ ئي فيملي کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن ان جو فائدو جي ڊي اي کي ٿيندو، سجاد علي لکيو ته يوسي ٺٽ ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي ۾ مقابلو ٿيندو، سترام ڀيل لکيو ته پ پ جي پوزيشن مضبوط آهي، مولائي اسد ماڇي لکيو ته ڄامشوري ۾ سڀ مضبوط اميدوار آهن، عبدالڪريم ڀٽي لکيو ته يوسي مرادي نصيرآباد ۾ آزاد اميدوار عابد پنهور مضبوط اميدوار آهي، نادر ابڙو لکيو ته لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جو سخت مقابلو ٿيندو، ايس جمالي لکيو ته ڄامشورو ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ آهيون، ڪاشف ڪاشي لکيو ته پ پ مخالفن کي ڌمڪائي هٿ کڻائي رهي آهي، نعمت الله راهمون لکيو ته اسان وٽ سخت مقابلو آهي، اقبال سميجو لکيو ته ڪو به گهٽ ناهي،

عبدالحميد مگسي لکيو ته قبو سعيد خان وارڊ 4 تي آزاد اميدوار سجاد بروهي مضبوط اميدوار آهي، پٿورو ۾ پ پ اميدوار طارق ڇورو ۽ وڪرم ڪمار جي پوزيشن مضبوط آهي، حنيف رضا بلوچ لکيو ته ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي 11 وارڊن تي 80 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، اصل مقابلو پ پ ۽ جي ڊي اي وچ ۾ آهي، برڪت مهر لکيو ته يوسي صالح مهر ۾ جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جو اتحاد آهي چيئرمين اڳ ۾ پ پ جو  اختر مهر رهيو پر ٽڪي جو ڪم نه ٿيو، وحيد ڄامڙو لکيو ته يوسي جهنڊو مشائخ ۾ جي ڊي اي ڪلين سوئيپ ڪري سگهي ٿي، موهن لال کتري لکيو ته عمرڪوٽ جي 14 وارڊن مان پ پ6 تي کٽي سگهي ٿي، باقي آزاد ۽ پي ٽي آءِ آهي، غلام رسول راهمون لکيو ته اسان يوسي کينسر ضلع ٿرپارڪر کان پ پ کان ماڻھو مايوس آھن، علي بخش چانگ لکيو ته پڪا چانگ ۾ جي ڊي اي کٽندي، قادر شر لکيو ته سنڌڙي ٽائون ڪاميٽي هنڱورنو ۾ جي ڊي اي مضبوط آهي، جاويد جان لکيو ته جنگشاھي ۾ پ پ وارن جي حالت خراب آھي، نادر مگسي لکيو ته وڳڻ ٽائون ڪاميٽي جي پنجن ئي وارڊن پيپلزپارٽي مضبوط ترين آھي، الهڏنو راهمون لکيو ته سجاول ۾ ووٽ نوجوان سماجي ورڪرن کي ملندو، بابو ظفر لکيو ته يوسي لال شاھه، تعلقه ڪوٽ غلام محمد ۾ آزاد پينل جنهن ۾ ضلع ڪائونسل جو اميدوار نواب حارث ٽالپر آھي اهو تحاد مضبوط آهي، علي محمد کوسو لکيو ته تعلقو ميروخان. يوسي ڪارڙا تي آزاد اميدوار عرفان کوسو مضبوط اميدوار آهي، محبوب علي شورو، عبدالستار بلوچ، سعيد شبير، ليلا رام ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.