سوال/سروي … ملڪ جون سياسي حالتون انتهائي خراب آهن، عمران مائنس ٿي سگهي ٿو: عوام

0
179

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال انتهائي خراب آهي، هٿ سان حالتون خراب ڪيون ويون آهن، عمران خان کي مائنس ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بابر وساڻ لکيو ته رياست هن ملڪ جي صورتحال کي مشڪري بڻائي ڇڏيو آهي سمجھه ۾ نٿو اچي هي آخر ڪرڻ ڇا ٿا چاهن، گل حسن لکيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ائين کڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ملڪي صورتحال نھايت غير يقيني ۽ بي چيني واري آھي ان سڄي صورتحال ۾ ملڪ اڪانومي گروٿ بلڪل به زيرو ٿي وئي آھي صورتحال سيريس ٿيندي پئي وڃي، منظور زرداري لکيو ته سياسي صورتحال کي ڇڏيو مھانگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي سياسي ماڻهو صرف ڪرسي جا بکيا آهن، منظور ٿهيم لکيو ته پاڪستان کي ھڪ ميچؤر ليڊرشپ جي ضرورت آهي جيڪا ھن وقت موجود نه آهي ـ ھي سڀ ھڪ اڻ اعلانيل سرد جنگ جو حصو آهن ھاڻي ڏسجي ته آمريڪن لابي ڪامياب ٿئي ٿي يا چين جي لابي ملھه ماري ٿي، امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته تمام گهڻي ڳنڀير سياسي صورتحال آھي. مُلڪ معاشيءَ بحران مان ئي نه نڪتو تيسين مٿان سياسي بحران آڻي مُلڪ جا ترا ڪڍي ڇڏيائون. موجوده حالتن کي ڏسي ڏُک ٿئي ٿو ته عوام چورن ۽ لُٽيرن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ته روڊن تي نڪري ٿي پر هيڏي مهنگائيءَ جي طوفان خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ نه ٿي نڪري. عوام مان شعور ختم ٿي ويو آھي. مزاحمت مري ويئي آھي. اهڙن حالتن ۾ مُلڪ جو الئه ڇا ٿيندو؟ خبر ناهي هي مُلڪ وڃي ڪيڏانهن رهيو آھي. نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال انتھائي ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي. ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته ملڪ جي موجود صورتحال سياست جي ميدان ۾ گرم آھي عمران خان لا۽ سمورا رستا بند ڪيا ويا آھن ، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ملڪ ۾ سياسي صورتحال هڪ تماشو آهي ، سياست جهڙي ڪا به شيء نظر نه ٿي اچي، اويس سونو خان راڄپر لکيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڪافي خطرناڪ پئي هلي جنهن ۾ عمران جو سياسي نقصان ٿيو ۽ ٻين جماعتن کي فائدو ٿيو پنهنجي نقصان جو زميوار به عمران آهي ۽ ٻين پارٽين کي فائدو به عمران جي ڪري ئي رسيو آهي عمران خان ڪافي حد تائين مائينس ٿي چڪو آهي، سمير احمد لکيو ته ملڪ جي صورتحال خراب آهي ملڪ ۾ فوج جي نگراني ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، سائين مولابخش فقير لکيو ته سياسي صورتحال موجب عمران خان جو دي اينڊ پيو لڳي، عبدالعليم کوکر لکيو ته فيئر اليڪشن ٿيڻ کپي ان کان علاوه ڪوبه مسئلي جو حل ناهي، لطف مهر لکيو ته ملڪ تي ڊاڪو چور لٽيرا ٺڳ قابض آهن، حاجي خان پنهور لکيو ته ملڪ جي موڄوده حڪومتي اقدار ۾ ويٺل پي ڊي ايم جي ڪيل غلط پاليسن جي ڪري ملڪ سنگين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي حڪومت ۾ ويٺل صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪري عوام کي تباهي طرف ڏڪي رهيا آهن، قربان عالياڻي لکيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ڏاڍي خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي، زاهد حسين لاکو لکيو ته ھڪڙي سياسي ليڊر جي پويان ماضيءَ جا مخالف ھڪ ٿي ڪري اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان جمهوريت جو جنازو ڪڍي رهيا آهن. امتياز لغاري لکيو ته ملـڪ ۾ سياسسدانن تماشو ڪري چڏيو آھي ، جڳت دان ديول لکيو ته ملڪ ۾ سياسي صورتحال انتھائي سنگين ٿيندي پئي وڃي, عالم چنڊ ڪولهي لکيو ته چور لٽيرا قابض آھن اڳتي به پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ آھن، قاسم خاصخيلي لکيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڪھڙي به هجي پر معاشي صورتحال ڏاڍي خراب ٿيندي وڃي، ملڪ جو عام ماڻھو مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب پريشان آھي پر سياستدان رڳو پاڻ ۾ وڙھي رهيا آھن.مراد علي لکيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ھڪڙي پاسي حڪمران جماعت ۽ سپريم ڪورٽ آهن، حسام نظاماڻي لکيو ته عمران خان لاءِ سمورا رستا بند ڪيا ويا آھن ھميشا لاءِ بظاھر ائين پيو لڳي، احسان عيسيٰ لکيو ته ملڪ ھلڻ جي ڪا خبر نٿي پوي پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ خد حڪمران ڌرڻا هڻن ٿا،ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته چيلھ چٻي ڪندڙ مھانگائي ۽ تباھ ٿيندڙ مھشيت ڏانھن ڌيان ھٽائڻ لا۽ ڊرامو ڪيو پيو وڃي، سهيل جويو لکيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال مان اها ئي ساڳي آهي جيڪا پهرين ڏينهن کان وٺي هئي، فرق صرف ايترو ئي آهي ته هڻي ڳالھيون صاف ٿينديون پيون وڃن، مختيار مولائي لکيو ته ملڪ جي صورتحال تمام گهڻي خراب ڪئي وئي آهي، ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته ملڪ جي موجود صورتحال سياست جي ميدان ۾ گرم آھي، لال بخش بوزدار لکيو ته رڳو تماشو ھلي رھيو آھي صورتحال ھٿ سان خراب ڪئي وئي آهي، عرفان جروار لکيو ته اصل ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي ڇڏجي، ساگر امير حيدر لکيو ته ملڪ جي صورتحال صحيح آ باقي اسان اٽي لٽي اجهي جي لاء پريشان آهيون، مير حسن سومرو لکيو ته Pdm پاڪستان جي عوام کي بيوقوف ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪري، شرف الدين ڪيريو لکيو ته ملڪ سخت بحران جي ور چڙھيل آهي حڪمران ڌريون توڙي سياسي پارٽيون پنهنجي ويڙھ وڙھي پنهنجي ڪيل ڪرپشن سبب پاڻ ۾ وڙھي رھيون آهن، قربان علي ميراڻي لکيو ته امريڪا جي سازش پئي لڳي، سيف الله پنهور لکيو ته موجوده وفاقي حڪومت موجوده سياسي صورتحال جي ذميوار سمجهون ٿا جيڪا پي ٽي آء تي پابندي لڳرائڻ لاء ھٿرادو وڳوڙ ۽ ڏڦيڙ ڪرائي رهي آھي جنهن سان ملڪ کي معاشي طور پڻ نقصان ٿي رهيو آھي، موجوده صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار راڻا ثناءُالله جو آهي، صوفي طارق علي کوسو لکيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال آھي ذاتي مفادن لاء ادارن جي توھين پيا ڪن، اسد انڍڙ، شيراز چانگ، شڪيل احمد، راجو ٺڪر، عبدالنبي شر، علي بخش چوهاڻ، دليپ آزاد، مدثر پير بخش، اميد علي فاروقي، نارائڻ داس، عمران جوڻيجو، گلشير سومرو، لال جان ميرل ملاح، عاشق احمد، محمد شهبان، عبدالحفيظ، اياز سرهيو، مراد علي چانڊيو، شنڪر لال، عبدالرحمان ڦلپوٽو، خميسو دائوداڻي، عامر ڪلھوڙو نصيرآبادي، جبار لغاري، عبدالصبور ڦلپوٽو، ذوالفقار جتوئي، علي گوهر سومرو، ولي الله جمالي، منٺار لغاري، غلام رسول راهمون، سيد رفيق بخاري، مير منور بلوچ، محمد فياض وساڻ، اشفاق چانڊيو، جاويد احمد، حامد علي انڍڙ، پرويز عمراڻي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.