سوال/سروي لڳي ٿو عمران خان کي سوڙهه ٿي آهي، سليڪٽرن کي ڌمڪيون ڏئي پيو، روڊن تي آيو ته عام ماڻهو سندس ساٿ نه ڏيندا: عوام

0
237
سوال/سروي لڳي ٿو عمران خان کي سوڙهه ٿي آهي، سليڪٽرن کي ڌمڪيون ڏئي پيو، روڊن تي آيو ته عام ماڻهو سندس ساٿ نه ڏيندا: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڇڏي روڊن تي آيس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿيندس، اپوزيشن کي لڪڻ لاءِ به جاءِ نه ملندي: وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم جي بيان مان لڳي ٿو ته سندس حڪومت وڃڻ واري آهي، وزيراعظم انهن کي ڌمڪي ڏني آهي جن کيس آندو آهي، وزيراعظم جي بيان لڳي ئي نٿو ته اهو وزيراعظم جو بيان آهي، وزيراعظم هاڻ حڪومت مان ٻاهر نڪري روڊن تي آيو ته عوام هن جو ساٿ نه ڏيندو، عوام هن مان تنگ آهي،  وزيراعظم جڏهن ڌرڻو هنيو هو ته چوندو ته حڪومت ۾ ايندس ته ڪنهن کي نه ڇڏيندس، هاڻ چوي ٿو ته حڪومت مان نڪتس ڪنهن کي نه ڇڏيندس.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ممتاز علي سميجو لکيو ته سوڙهه پئي اٿس ڌمڪيون ٿو ڏئي، شيراز چانگ لکيو ته دل جي ڳالھه زبان تي اچي وئي، غلام رسول راهمون لکيو ته ڪرپشن ڪندڙ کي سزا ملڻ گهرجي، بشير ميراڻي لکيو ته هونئن به هي خطرناڪ آهي، عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ ڌڪي ڇڏيو اٿس، باقي حڪومت ۾ نه هوندو ته وري اسلام آباد جي چونڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهندو، ٻيو هي ڪري به ڇا ٿو سگهي، ايم يونس ٻٻر رلکيو ته 2017 ۾ اگر مونکي حڪومت ملي ته ڪنھن کي به نه ڇڏيندس، 2022 ۾ اگر حڪومت مان نڪتس ته ڪنھن کي به نه ڇڏيندس، وقار حسين لکيو ته وزيراعظم صاحب حڪومت ملڻ کان پهرين چيو هو ته اگر هن کي حڪومت ملي ته ڪنهن کي بخش نه ڪندو هاڻ حڪومت وڃي ٿي ته به ساڳيو بيان ڏيو آهي، گل حسن شر لکيو ته وزيراعظم جو بيان ڌمڪي به آهي ۽ سندس خوف به ظاهر ٿئي ٿو، رياض احمد لکيو ته هن قوم لاءِ عذاب پيدا ڪيو آهي،

شرف الدين ڪيريو لکيو ته ڪهڙو درست ثابت ٿيو آهي، اعجاز کوسو لکيو ته عمران خان اها ڳالهه درست ڪئي آهي ته جڏهن هو حڪومت ۾ نه رهندو ته ٻين کي به ڪم ڪرڻ نه ڏيندو، آصف جوکيو لکيو ته وزيراعظم مخالف ڌر خاص ڪري نواز شريف ۽ آصف زرداري سان گڏ مٿين ڌرين کي به اشارن ۾ اهو ميسج ڏنو آهي ته جيڪڏنهن مون کان حڪومت کسي وئي ته آئون روڊن تي اچي احتجاج ڪري پراڻو ڌرڻن وارو عمران خان ٿي ويندس، ثناءُالله علواڻي لکيو ته هي پهريون وزيراعظم آهي جيڪو وزيراعظم ٿي ڪري احتجاج جون ڌمڪيون پيو ڏي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته هن حڪومت ۾ هوندي ڇا ڪيو آهي جو پوءِ ڪندو، تسليم احمد ڪوري لکيو ته وزيراعظم جي بيان مان ثابت آهي ته ڀائو وارا ناراض اٿس. اياز علي راهوجو لکيو ته جيڪو ڪرڻو آهي ھاڻي ڪريو پوءِ ڇا ڪندو، سنتوش ڪمار لکيو ته اهي صرف ڳالهيون آهن، الياس سمون لکيو ته مزاق پيو ڪري، عمران سومرو لکيو ته هن نئون پاڪستان ٺاهڻ جو نعرو هنيو هو،

محمد حسن بلوچ لکيو ته وزيراعظم کي اڳتي آڻڻ وارا ئي ڇڏيا ويا، نياز ڪلوئي لکيو ته اڪيلو ڇا ڪندو اچي روڊ تي عوام ته ھن کان مڪمل طور تنگ آهي، حڪومت بچائڻ لاءِ ڌمڪي ڏني آهي، ممتاز علي ميمڻ لکيو ته اسان کي نئون پاڪستان نٿو کپي اسان کي پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو، سليم اختر لکيو ته عمران خان روڊن تي وڌيڪ خطرناڪ ھوندو آهي اھيو ڏسي به چڪا آهيون، مظفر شبير بوزدار لکيو ته هاڻي ڇا ڪندو، اين بي شر لکيو ته عجيب ماڻهو آھي اِها ٽيليفون ڪال عوام جا مسئلا ٻُڌڻ لاءِ هئي نه ڪي اقتدار ڦُرجڻ کانپوءِ پنهنجي ”خطرناڪ“ ٿيڻ بابت عوام کي ڌمڪيون ڏيڻ لاءِ، ذلفي چانڊيو لکيو ته پاڻ ۽ ان جا ميمبر ئي ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا، آسودومل لوهاڻو لکيو ته حڪومت ۾ هوندي ڪجھه ڪونه ڪري سگهيو پوءِ ڇا ڪندو، اسلم کهڙو لکيو ته اليڪشن کان پهريان وڏيون ڳالهيون ڪيون هيون، حسين ٽانوري لکيو ته جيڪو پنھنجي حڪومت ۾ ڪجھه نه ڪري سگھيو اھو اپوزيشن ۾ ڇا ڪندو، نماڻو نوناري، نعمت الله راهمون، وحيد ڄامڙو، مير عنايت ٽالپر، عرفان جروار، ٻلونت سنگهه سوڍو لکيو ته پهريان روڊن تي آيو اقتدار لاءِ اقتدار جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي هاڻ وري چئي پيو روڊن تي ايندس،

نظير مهر لکيو ته لڳي نه ٿو ته ھي ڪنھن وزيراعظم جو بيان آهي، جنيد جمالي لکيو ته وزيراعظم کي اهڙوڌمڪين وارو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته وزيراعظم منهنجي خيال ۾ گهڻن کي خاموشي وارو ميسيج پيو ڏي، مير عاقب ميراڻي لکيو ته ڪجهه به ڪونه ٿيندو، عبدالله شيخ لکيو ته اگر روڊ تي ايندو ته شايد پنهنجي سيڪيورٽي سان گڏ ايندو هاڻ عوام هن سان گهٽ نڪرندو، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته عمران روڊن تي آيو ته اڪيلو هوندو، ضمير اعواڻ، ارشاد علي، حبيب الله مهر، جاويد ميمڻ به سروي ۾ حصو ورتو، جمال الدين چنا لکيو ته پهرين پنهنجي حڪومت کي ڏسي، نورمحمد سومرو لکيو ته جن عمران خان کي آندو هو انهن جي لاءِ هي پيغام آهي. علي گل شيخ لکيو ته 2017 ۾ عمران پهرين به ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن مونکي حڪومت ملي ته ڪنهن کي به ڪونه ڇڏيندس اڄ جڏهن ملي اٿس ته چوي ٿو ته مان نڪتس ته ڪنهن کي ڪونه ڇڏيندس، خالد نوتڪاڻي لکيو ته ڪجهه نه ڪندو، يارمحمد ميمڻ لکيو ته اهڙي ڳالهه دل تي ناهيون وٺندا، غلام محمد قيهر لکيو ته حڪومت ڇڏي پنهنجا ساٿي به نه سڃاڻيندس،

وزير پنهور لکيو ته عمران جي اِنهي بيان مان لڳي پيو ته ھاڻ هي وڃڻ وارو آهي، عاشق ڀٽي لکيو ته وڃڻ واريون ڳالهيون پيو ڪري، سمير احمد لکيو ته ڪرپشن ڪندڙ کي سزا ملڻ گهرجي، عابد ڀٽي لکيو ته عمران خان جي سياست روڊن تي آھي، دليپ ڪمار لکيو ته ڪرپشن ڪندڙن کي سزا ملڻ گھرجي، ناظم انصاري لکيو ته لڳي ٿو ته حڪومت وڃڻ واري آهي، امير حسين جلباڻي لکيو ته عمران خان اهو بيان ڏيئي ثابت ڪيو آھي ته هن جي ڪرسي خطري ۾ آھي، عبدالله ميراڻي لکيو ته روڊن تي ايندو ته گهڻن جا سک ٿيندا، سجاد حسين، گلاب خاصخيلي، بشير بروهي، گل شير ميمڻ، يعقوب کوسو، عطاءُالله بلوچ، اسلم سومرو، زاهد باجڪاڻي، مظفر شر، عزيزالله شر به سروي ۾ حصو ورتو، قربان علي ميراڻي لکيو ته جن اقتدار ۾ آندو اٿس انهن کي ڌمڪي ڏني اٿئين، عميد علي فاروقي لکيو ته پهريان استعيفا ته ڏي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته لڳي ٿو حڪومت وڃڻ ويندي، سڪندر سولنگي، اسد ماڇي، محمد حنيف، اياز صالح پليجو لکيو ته عمران خان کي حڪومت ڏيندڙ ڌريون عمران خان کان ناراض ٿي چڪيون آھن،

جميل سهندڙو لکيو ته عمران خان کي هاڻ احتجاج واري سياست ڪم نه ايندي، نياز سمون لکيو ته لڳي نه ٿو ته ھي ڪنھن وزيراعظم جو بيان آهي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته ھاڻ اڪيلو ئي روڊن تي ايندو باقي عوام انهي تبديلي سرڪار کان بلڪل تنگ آهي، محمد شعيب خان لکيو ته اگر عمران خان حڪومت ڇڏي ته پوءِ پاڪستان عوامي ڪڏهن به ان جو ساٿ نه ڏيندو، ڊاڪٽر خليق الزمان لکيو ته عجيب تماشو آهي، طارق بلوچ، حاجي خان پنهور به راءِ جو اظهار ڪيو، حماد ڪنڀر لکيو ته عمران جي اِنهي بيان مان لڳي پيو ته حڪومت وڃڻ واري آهي، حافظ صديق لغاري، شڪر جمال گجو، نظير احمد اوڳاهي به سروي ۾ حصو ورتو.