سوال/سروي … عمران خان کي گرفتار ڪرڻ گهرجي يا نه؟ صورتحال ڪيڏانهن پئي وڃي ؟ عوام ڇا ٿو چوي

0
147

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جون ڪوششون، زمان پارڪ ٻاهران ڇڪتاڻ، چڪريون، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان کي گرفتار نه ڪيو ويندو، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ مشڪل آهي، ڪجهه  ماڻهن اهو به چيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ گهرجي. سروي ۾ اهو به چيو ويو ته ٽوپي ڊرامو آهي، عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته عمران خان گرفتار ٿيو ته پي ڊي ايم حڪومت ھڪ ڏينھن به نه ھلي سگھندي. ڇو ته عوام ھن حڪومت ۾ بيزار آھي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مير گائنچو لکيو ته گرفتار سنڌي سياستدان ٿيندا آهن. ھي پٺاڻ آهي ان کي ڪجهه نه ڪندا، قادر بخش زئور لکيو ته رڳو ڪوششون ٿينديون گرفتار ڪونه ڪندس، علي بخش شر لکيو ته عمران خان سا عوام جو ساٿ آهي هي چور سڀ گڏجي پيا آهن ڪجھه به نه ڪري سگهندا عمران خان کي، رڳو افرا تفري وڌائيندا، بشير ميراڻي لکيو ته ٽوپي ڊرامو آهي، عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، مهانگائي ۽ ٻين مسئلن تان توجهه هٽرائڻ جي ڪوشش آهي، حڪومت وري ٻئي ڪنهن پاسي ڪم تي هوندي، باقي عوام جو ڌيان ان پاسي هوندو، ٿيندو ڪجهه به ڪونه. واجد جمالي لکيو ته عمران خان زنده آباد، مير سرفراز علي چانڊيو لکيو ته جڏھن معافي بي ورتي اٿئين ته گرفتاري ڇو اھا سازش آھي عمران خلاف، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته انتقامي ڪاروايون ڪرڻ ذاتي رججشون کي سياسي رنگ ڏيڻ غلط عمل آهي ايئي ڪرڻ نقصان عوام ئي ٿيندو، نارائڻ داس لکيو ته آخرڪار گرفتاري ڇو نٿي ڪري ان عمل جو ڪير زميوار، اشفاق پنهور لکيو ته عمران گرفتاري ڏئي ڪورٽن ۾ فيس ڪري ڪيسن کي جيئن ماضي ۾ پيپلزپارٽي نواز ليگ ڪيو آهي پنهنجي قانون تي پاڻ ته عمل ڪن نه، علي محمد کوسو لکيو ته عمران خان گرفتار ٿيو ته آئون سمجھان ٿو ته پي ڊي ايم حڪومت ھڪ ڏينھن به نه ھلي سگھندي. ڇو ته عوام ھن حڪومت ۾ بيزار آھي. نجيب رحمان لکيو ته عمران جي گرفتاري مسئلو ناھي ادارا جنھن وقت چاھين گرفتار ڪري وٺي ويندس، اصل ۾ دٻاءُ وڌائي حڪومت ۽ اسٽيبلشميٽ پنھنجا مطالبا مڃرائڻ چاھي ٿي. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته عمران خان پنھنجي وڏ وزارت واري دور ۾ ڪيترائي سياستدان گرفتار ڪيا آھن ھاڻ عمران خان جو وارو آھي گرفتاري جو ڇا به ٿي سنگت عمران خان کي گرفتار ڪرائيندي، اي ڪي چاچڙ لکيو ته حڪومت ڇڪتاڻ واري صورتحال چاهي ٿي، عمران خان ڪڏهن به گرفتار نه ٿيندو، ڪليم رانا ڀيو لکيو ته گھڙي چوري ۾ گرفتار ٿيڻ کپي، محمد حسين لکيو ته عمران خان اندر ويو ته هنن جو فائدو آهي، هنن سڀن کي خطرو آهي ڪٿي الڪشن ۾ عمران کٽي نه وڃي تڏهن سڀ هن پويان آهن باقين چور ته سڀ آهن، زاهد علي لکيو ته سٺو آهي عمران خان گرفتاري ڏئي، اسلم سومرو لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، شوڪت نهڙيو لکيو ته عمران خان کي گھرجي ته خود گرفتاري ڏي، شاهنواز ڪٽپر لکيو ته عمران خان کان ڊڄي رهيا آهن، علي دوسائي اهو سياسي ناڪامي جو واضح ثبوت آهي عوامي ميدان ۾ مقابلو نٿا ڪري سگهن انڪري عمران جي عوامي مهم جو مقابلو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ٿا ڪن جيڪو هن سياسي معاشري لا سٺو سنئوڻ ناهي، اسماعيل ڪنڀر به سروي ۾ حصو ورتو، آڪاش پنھور لکيو ته ڪوششون ڪندا ڪميٽمنٽ ڪندا عوام اڳيان ٽوپي ڊرامو ته ڪرڻو آھي نه ٻيو ته روز ھنن جو بيان ايندو آھي اڄ گرفتار ٿيندو اڄ ٿيندو ٿيندو ئي ڪونه گرفتار، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ايترو سولو نه آهي، غلام رضا بلوچ لکيو ته نقصان ٿيو ته زميوار ڪير هوندو؟ ڪامران حميد بلوچ لکيو ته هي دنيا مڪافت عمل آهي، عبدالستار خاصخيلي لکيو ته عمران خان پاڪستان جو واحد ليڊر آهي جنهن جي دور ۾ اسلام جو نالو عالمي سطح تي ڳايو ويو، هر تقرير ۾ اسلام ۽ مسلمانن جو حوالو ڏيندو آهي، اسد انڍڙ لکيو ته چور ته سڀ آهن عمران تي مار ڇو آهي، جميل کتري لکيو ته ڀلي گرفتار ڪن، نماڻو نوناري لکيو ته عمران خان کي گرفتار ڪري کيس هيرو ڪندا، مير مور رند لکيو ته چور ته سڀ آھن صرف عمران خان جي گرفتاري ڳالھه سمجھ کان ٻاهر آھي، گلزار علي لکيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ رڳو مشڪل نه پر ممڪن آهي.