سوال/سروي عمران خان نا اهل ٿيندو يا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي؟ عوام جي راءِ ورهايل

0
324
سوال/سروي عمران خان نا اهل ٿيندو يا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي؟ عوام جي راءِ ورهايل

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ تي غيرملڪي فنڊنگ جو الزام ثابت، عمران جو حلفي بيان ڪوڙو قرار ڇا پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي؟ عمران خان سوڌو ميمبر نا اهل ٿيندا ؟ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳندي ۽ عمران خان نا اهل ٿيندو، ڪجهه ماڻهن چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي نه لڳندي نه ئي عمران نا اهل ٿيندو، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته ٻين کي چور چوندڙ عمران پاڻ چور نڪتو، نا اهل عمران نڪتو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي  آفاق احمد لکيو ته في الحال جيڪي فيصلا ٿيا اھي عمران جي حق ۾ ٿيا آھن ھي فيصلو به ٿي سگھي ڪو ٻيو رخ اختيار ڪري وڃي جيستائين اسٽيبلشمينٽ عمران سان گڏ آھي عمران کي ڪجهه به نٿو ٿي سگھي، گل حسن شر لکيو ته اليڪشن ڪميشن جو اختيارھدايتون ڏيڻ ھو وڌيڪ ڏسون حڪومت ڇا ٿي ڪري، مظفر سهتو لکيو ته عمران خان کي اسٽيبليشمنٽ طرفان هي فيصلو وارننگ آهي ته هو وڏي سرڪار کي ڪراس ڪرڻ کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ هن کي نواز شريف وانگر سائيڊ لائين ڪيو ويندو، عابد ڀٽي لکيو ته عمران خان سدائين عوام سان ڪوڙ ڳالهايو آهي،

عاشق ڀٽي لکيو ته ٻين کي چور چور چوڻ وارو انٽر نيشنل چور نڪتو، يعقوب کوسو لکيو ته عمران کي نااهل ڪندا لڳي ٿو، صدام پيرزادو لکيو ته ھن وقت اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڏنو آهي اھو درست آھي نااھلي جو بال ھاڻي اليڪشن ڪميشن جي ڪورٽ ۾ آهي عمران خان ٻين کان احتساب ڪندو ھو ان کان به ٿيڻ گهرجي، جانب انعام جوڻيجو لکيو ته عمران خان ھن وقت ھڪ سچي ۽ بھادر ليڊر طور پاڪستاني عوام جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي، نارائڻ سنڌي لکيو ته عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ گهڻن جا راز کليا آهن متان اها شازش هجي، عثمان خان لکيو ته عمران فارن فنڊنگ ڪيس ۾ مڪمل ڪوڙ ڳالھايو ۽ خيرات جي نالي تي 34 ملڪن کان پئسا ورتا ان جي ڪري ھي نااھل ٿي ويندا ۽ پارٽي تي به پابندي لڳائي ويندي، عبدالقادر گبول لکيو ته نا اھلي يا اھلي جا فيصلا اليڪشن ڪميشن ڪندي ته پوءِ ڪورٽ کي شايد تالو ھڻڻ کپي، منھنجي خيال ۾ ان مسئلي کي ڪورٽ ۾ آندو ويندو،  شنڪر لال لکيو ته الزام ثابت ٿيڻ يا نه پر پارٽي تي پابندي ڪونه لڳندي، نعمت الله راهمون لکيو ته عمران نيازي چور آهي نا اهل ڪيو وڃي، راسومل لوهاڻو لکيو ته هي نا اهل خان آهي، فضل سبزوئي لکيو ته عمران خان ڪوڙن جو سردار نڪتو اسان سمجهيو سچو آھي،

ساجد حسين بلوچ لکيو ته پاڪستان ۾ قانون ٺھندا به آهن ۽ عمل ڪٿان ٿيندو، ذڪاءُالله لکيو ته عمران خان سدائين عوام کي بيوقوف بڻايو آهي. بشير ميراڻي لکيو ته پاڻ کي صادق ۽ امين سڏائيندڙ پاڻ اهڙو نڪتو، نادر علي سيال لکيو ته پاڪستان جي سموري سياسي پارٽين خلاف ڪيس ھليا فيصلا محفوظ آھن صرف پي ٽي آءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ سمجھه کان ٻاھر آهي، گل سومرو لکيو ته نااھل عمران، اقبال سميجو لکيو ته پارٽي تي پابندي مشڪل لڳي پر عمران کي نااهلي واري تحفو ٿي سگهي ملي، عرفان گل لکيو ته ملڪ کي انتھائي خطرناڪ موڙ تي پھچائڻ ۾ تحريڪ انصاف جو سئو سيڪڙو ھٿ آھي.. تحريڪ انصاف تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، عرفان سيلرو لکيو ته 34 ملڪن کان فنڊ..! اصل امپورٽڊ پارٽي ته عمران خان جي نڪتي، قادر بخش زئور لکيو ته عمران لوڏن ۾ آهي، مولائي اسد ماڇي لکيو ته ٻين سياستدانن جا ڪيس محفوظ آھن باقي عمران جي پارٽي تي پابندي ھڻندا، ثناءُالله چنا لکيو ته عمران جڏهن کان سياست ۾ آيو تڏهن کان ئي ڪوڙ ڳالهائيندو آيو هو، شبنم ساقي لکيو ته عمران ڪوڙو آهي، ايم سچل حر لکيو ته سنڌ پوري کائي ويا انھن کان ڪونه ٿا پڇن، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته حلفي بيان ڪوڙو هجڻ تي پابندي لڳندي ۽ نا اهلي ٿيندي، علي مراد لاشاري لکيو ته هن ڀيري به عمران کي بچائي ويندا، واحد بخش لکيو ته عمران خان کي نااهل قرار ڏئي پارٽي تي پابندي لڳائي وڃي، انيس عارف لکيو ته هتي سڀ چور آهن، گهرام خان لکيو ته ڪوڙ آهي، اسلم پهوڙ لکيو ته پ پ ۽ نواز ليگ وارا وري ڪهڙا صاف آهن،

عباس علي، عبدالغفور سروهي، ابوبڪر سريوال، جنيد زرين بلوچ، عبدالمعذ کوسو، اسماعيل ڪنڀر، عبدالستار بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، عابد شر لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، شبير سهتو لکيو ته ٻين کي چور چوندڙ پاڻ چور نڪتو، فهد حسين سومرو لکيو ته مولانا فضل الرحمان پهريان ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته هي يهودي ايجنٽ آهي، رضا علي لکيو ته فارين فنڊنگ ۽ منع فنڊنگ ۾ فرق آهي فارين فنڊنگ ته ثابت ئي ناهي ٿي باقي منع ٿيل فنڊنگ ۾ ڪجهه ٻاهران آيل ٽرانزڪيشنز تي اليڪشن ڪميشن کي اعتراض آهي ان لاءِ صرف شوڪاز نوٽس اماڻيو ويو آهي، اڪبر رحيم ٿهيم لکيو ته ملڪ کي رياست مدينه بنائڻ وارو چوڪيدار خود چور نڪتو آهي، سعيد رونجهو لکيو ته هاڻي لاڏلو لازمي نا اهل ٿيڻ گهرجي ۽ گڏ ڪوڙن جو سرٽيفڪيٽ به ڏنو وڃيس، ابراهيم لنڊ لکيو ته عدالتن جو فيصلو مختلف هوندو رليف ملندو، مخدوم مينهل لکيو ته جيڪو ڪجهه ٿئي پر قانون مطابق ٿئي بهتر اهو هوندو، نقاش علي لکيو ته اهو فيصلو ڪورٽ ڪندي، باقي اليڪشن ڪميشن وڌ کان وڌ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿي. رياض بلوچ لکيو ته هي ٻاهران کڻي آيو اها غلطي ڪيائين جي ٻاهر موڪلي ها ته ڪجھه ڪونه ٿيئي ها، ريشمه منير، احمد علي، محمد علي به راءِ جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته عمران خان ته عالمي ڪمپنين جو ڄڻ منشي نڪتو ھتي وري اسان کي بيوقوف بڻائي نئون پاڪستان جو ڏٽو پئي ڏنائين ،

خالد نوتڪاڻي لکيو ته پابندي نه لڳندي،نيڪ محمد لکيو ته عمران خان سچو ليڊر آهي هن ڪو به غلط ڪم ناهي ڪيو، جي ڪي مشوري ۽ قادر شر لکيو ته پابندي لڳي سگهي ٿي، ايس ڪي پهوڙ لکيو ته عمران خان کي ٻاهرين ملڪ کان ڊالر نه آڻڻ گهرجن ها، ڪريم کوسو لکيو ته عمران خان هڪ ليڊر ٿي نروار ٿيو آھي ٿي سگهي ٿو کيس سياست کان پري ڪيو وڃي ڇو ته عوام جو کيس پيار مليل آھي جيڪا ڳالهه چور دروازي کان ايندڙن کي پسند نه هجي، ايم محمد حسن، موهن لال به سروي ۾ حصو ورتو، اياز صالح پليجو لکيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن يا ملڪ جي ادارن کي اٺ سالن کان خبر نه ھئي ته فنڊنگ ٻاھران اچي رھي آھي؟ منهنجي خيال ۾ عمران خان اقتدار وڃڻ کان پوءِ جيڪو گوڙ ڪيو انھي ڪري عمران خان کي اک ڏيکاري وئي آهي، جاويد احمد لکيو ته هتي جيڪو جيترو وڏو ڪوڙو آهي اوترو وڏو اڳواڻ آهي، اعجاز پرديسي لکيو ته 2017ع ۾ سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ سميت ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو فارن فنڊنگ ڪيس گڏ ٻڌڻ جو حڪم ڏنو ھو ھينئر صرف پي ٽي آءِ جو ڪيس ٻڌو  ويو آهي ڇو ؟ علي حسن جمالي لکيو ته ٻين کي چور چوندڙ پاڻ چور نڪتو آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته اليڪشن ڪميشن نواز ليگ ۽ پ پ جو به فيصلو ڏئي، راجا خان عباسي لکيو ته الڪيشن ڪميشن حڪمران ڌر جي حامي ٿي بيھي رھي آھي، ذڪاءُالله عطا سميجو لکيو ته  ٻين حڪمرانن کي چور چور چوندڙ پاڻ به هڪ وڏو ڪرپٽ نڪتو.عبدالقادر به سروي ۾ حصو ورتو، مظفر بوزدار لکيو ته هل پنهل نوان پراڻا سڀئي چور نيازي بچي ويندو، وحيد مستوئي لکيو ته رڳو فارين فنڊنگ پي ٽي آءِ تي نه پر انھن سمورين سياسي پارٽي اڳواڻن تي لڳڻ گھرجي.، افسان علي سومرو لکيو ته عمران خان شروع کان وٺي چئي پيو ته اسان کي موجوده اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين تي اعتماد ڪونهي، پي ٽي آءِ تي پابندي نه لڳندي، رياض ڪولاچي لکيو ته پهرين کان هنن ڪهڙو حساب ورتو آهي جو هاڻي عمران جو نمبر آهي.