سوال/سروي … عمران خان جلاوطن ٿيندو يا گرفتار؟ عوام جي راءِ ورهايل پي ٽي آءِ جي حالت ايم ڪيو ايم جهڙي ٿي ويندي: عوام

0
237

 ڊيلي پنهنجي  اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان جلاوطن ٿيندو يا گرفتار؟ پي ٽي آءِ جو مستقبل ڇا ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته عمران خان جلاوطن ٿيندو ڪجهه ماڻهن وري اهو چيو ته عمران خان گرفتار ٿيندو. سروي ۾ اهو به چيو ويو ته پي ٽي آءِ جو مستقبل اونداهو آهي، ان پارٽي جي حالت به ايم ڪيو ايم جهڙي ٿي ويندي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ ڪمينٽ ڪندي رياض سولنگي لکيو ته عمران خان آمريڪا هليو ويندو گرفتار ٿيڻ وارو وقت گذري ويو پي ٽي آئي جو نالو ياد رهندو باقي پارٽي وئي موڪلائي، مختيار مولائي لکيو ته عمران خان عوامي ھيرو ليڊر آھي ھو ڪڏھن به جلاوطن نه ٿيندو ۽ ملڪ قوم لاءِ ھيمشه حق سچ ڳالھايو آهي باقي گرفتاريون عوامي ليڊرن لاءِ ماضيءَ کان وٺي ٿينديون آهن، خادم حسين لکيو ته الله تعاليٰ عمران خان ۽ سندس ساٿ ڏيندڙن کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي آمين، عبدالعليم کوکر لکيو ته عمران خان زنده ھوندو ته ھي جنگ اھو کٽندو چاھي پاڪستان ۾ ھجي يا جلاوطن ڪن، عبدالوهاب سنڌي لکيو ته گرفتار ٿي سگهي ٿو باقي جلاوطن ڪونه ٿيندو ، ڀڄڻ وارو ناهي، خاموش خليل شر لکيو ته اهو ڪم واڳ ڌڻين جي وس ۾ آ، امام علي ابڙو لکيو ته پي ٽي آءِ جو مستقبل تباهه ٿيندي نظر پيو اچي، عمران خان کي گرفتاري کان بچڻ لاءِ ملڪ ڇڏڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناھي، ھن جيڪڏهن ڀڄي جان نه ڇڏائي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو ۽ اھو وقت پري ناھي. مشتاق لاشاري لکيو ته عمران خان ھڪ عوامي ليڊر آهي ان سان گڏ ملڪ پاڪستان جي عوام آهي. عمران خان مهانگائي جي ڏتڙيل عوام جو ترجمان آهي ھن ڏکئي وقت ۾ ڪڏهن به عوام کي ڇڏي ٻاهرين ملڪ ڪونه ويندو. ملڪ ۾ ئي رهي وقتي پريشانين کي عمران خان منهن ڏيڻ جي سگھه رکي ٿو.  گرفتار ٿيڻ جا امڪان موجود آهن ٿي سگهي ٿو ڪجھه ڏينھن اندر عمران خان کي گرفتار به ڪيو ويندو. نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته عمران خان گرفتار ٿي سگھي ٿو باقي جلاوطن نه ٿيندو. پي ٽي آءِ جو مسقبل سٺو ٿيندي نظر نه ٿو اچي، سمير احمد لکيو ته عمران خان ملڪ جو وزير اعظم ٿيندو، عاشق حسين لکيو ته عمران خان جي ذمانت رد ٿيندي ۽ گرفتار ٿيندو، نصرالله لاشاري لکيو ته مان سمجھان ٿو ته 9مئي سانحي بعد ھينئر اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ڊي ايم ھڪ پيج تي ھجڻ سبب عمران خان سياسي طور اڪيلو آھي ھن کي صاف رستو ڏيڻ بجاءِ گرفتار ڪيو ويندو موجوده حالتون عمران خان خلاف آھن، جي آر چانڊيو لکيو ته مستقبل روشن آهي، صدرالدين لکيوته وزيراعظم ٿيندو، خادم رند لکيو ته عمران خان جي سياست سان شديد اختلاف پنھنجي جاءِ تي پر ھن اسٽيبلشمينٽ جي ناجائز والار کي جهڙي نموني للڪاريو اھڙي جرئت ملڪ جي ٻئي ڪنھن سياستدان ۾ ناھي. انڪري عمران خان جي شڪست سان اسٽيبلشمينٽ جي بيواجبين ۾ واڌارو ٿيندو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته موجوده صورتحال اهڙي آهي جو عمران خان کي هڪ سازش تحت پوئتي ڌڪيو ويو آهي هن کي جلا وطن نه ڪندا ڇو ته ٻاهريان ملڪ عمران خان جي سپورٽ ۾ آھن، خوشحال سنڌي لکيو ته جيڪو اڳين جو ڪيو اهو انهي جو ڪندا ٻيو وري اها ڇا نئين ڳالھه آھي عوام سترنهن سالن کان سورن ۾ آهي احسان علي لغاري لکيو ته عمران خان ھڪ عظيم ۽ بھادر ليڊر آھي جيڪو گرفتاري پيش ڪري سگھي ٿو جلا وطن ڪونه ٿيندو، بشير ميراڻي لکيو ته پي ٽي آءِ جو مستقبل وڏي سرڪار جي هٿ ۾ آهي جيئن وڻي تيئن ڪري، في الحال پي ڊي ايم حڪومت جي حامي آهي. ساگر امير حيدر لکيو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن جو به مستقبل پنهنجي نه پر اصل واڳ ڌڻين جي هٿ هوندو آهي عمران في الحال بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي،  معاملا سڌا ٿيا ته ڪم ڀلو ٿيندو، ساجد حميد لکيو ته عمران خان ملڪ پاڪستان جو ھيرو آهي باقي زيرو آهن هي جيل قبول ڪندو، عبدالحئي مير لکيو ته پي ٽي آءِ جو مستقبل ايم ڪيو ايم جهڙو ٿيندي نظر پيو اچي، باقي مونکي نٿو لڳي ته لالو ٻاهر ويندو، ها باقي گرفتار ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اوهين جيڪو پوکيندا اهو ئي لُڙندا، اها هڪ حقيقت آھي شاهد شر لکيو ته بس پي ٽي آئي هاڻي پوئتي ويندي اڳتي لاءِ سفر ختم اٿس عمران خان گرفتاري ڏيندو جڏهن اڳواڻ ساٿ ڇڏي ويندس، عمران خان جي سياست سان شديد اختلاف پنھنجي جاءِ تي پر ھن اسٽيبلشمينٽ جي ناجائز والار کي جهڙي نموني للڪاريو اھڙي جرئت ملڪ جي ٻئي ڪنھن سياستدان ۾ ناھي. غلام سرور لکيو ته هن جي ملڪ دشمن پاليسي رهي آهي، ايم ڪيو ايم کان وڌيڪ خطرناڪ آهي هن جو مستقبل اونداهو آهي هي اڳتي وزيراعظم ٿيو ته اها عوام جي بدقسمتي هوندي، لياقت بلوچ لکيو ته عمران خان ھڪ عوامي ليڊر آهي ان سان گڏ ملڪ پاڪستان جو عوام آهي. عمران خان مهانگائي جي ڏتڙيل عوام جو ترجمان آهي ھن ڏکئي وقت ۾ ڪڏهن به عوام کي ڇڏي ٻاهرين ملڪ ڪونه ويندو. ملڪ ۾ ئي رهي وقتي پريشانين کي عمران خان منهن ڏيڻ جي سگھه رکي ٿو. پر گرفتار ٿيڻ جا امڪان موجود آهن ڪجھه ڏينھن اندر عمران خان کي گرفتار به ڪيو ويندو. مراد علي لکيو ته عمران خان جلا وطن ڪونه ٿيندو باقي گرفتار ٿي سگهي ٿو وڳوڙن جي ڪري پي ٽي آءِ جو مستقبل اونداهون ڏسڻ ۾ اچي پيو، عبدالسلام غني لکيو ته عمران خان جو مستقبل روشن آهي، محمد ڪاشف لکيو ته عمران خان عوامي ليڊر آهي انسان گڏ ملڪ جو عوام آهي، لال بخش بوزدار لکيو ته ماضي تي نظر ڪبي ته عوامي شھرت رکندڙ اڳواڻن جو انجام برو ٿيو آھي ٿي سگھي ٿو عمران خان بچي وڃي جيئن آمريڪا چاھيندي ائين ئي ٿيندو، عبدالستار لکيو ته عمران جو باب بند ٿيڻ وارو آهي، ثناءُالله چنا لکيو ته عمران خان جلا وطن نه ٿيندو باقي وقتي تڪليفون برداشت ڪندو، امر ذلف علي نهڙي لکيو ته جلاوطن ٿيندو، روحل ڪمار لکيو ته عمران خان کي ڪجھه به نه ٿيندو. عباس مهيسر لکيو ته جلاوطن ٿيندو، ڪيلاش پربت لکيو ته قومي ھيرو آهي جلاوطن ڪونه ٿيندو ، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته عمران خان جو وزيراعظم ٿيندو ۽ سڀ چور جيل ۾ هوندا، عبدالقيوم لغاري لکيو ته گرفتار ٿي سگهي ٿو باقي جلاوطن ڪونه ٿيندو ڀڃڻ وارو خان جو بت ئي ڪونهي، منٺار علي لغاري لکيو ته ڱرفتار ڪرڻ لاءِ اسان جي ملڪ جو قانون ڪمزور آهي، جلاوطن ٿي سگھي ٿو ، عمران گل سومرو لکيو ته گرفتار ئي ٿيندو ۽ ڊيل ڪري ٻاهر اچي ويندو پارٽي رهندي پر ايم ڪيو ايم جهڙي حالت ٿي ويندي پارٽي کي شاهه  محمود قريشي ٽيڪ اوور ڪري وٺندو، نياز حسين لکيو ته عمران خان کي گرفتار ڪيو ويندو، عزيز رانجهاڻي به سروي ۾ حصو ورتو، ظفرالله ڪوش لکيو ته جلاوطن ٿي سگهي ٿو، سعيد سومرو، محمد ڪاشف به سروي ۾ حصو ورتو، شڪرالدين ڏهوٽ لکيو ته جلاوطن ٿيندو، هزار خان لکيو ته عمران ٻاھر نه ويندو باقي جيڪر طاقتور ڌرين طرفان سيف رستو ڏئي ۽ ايندڙ وقت ۾ سٺي عھدو ملڻ جي آسري ڪجهه به ڪري سگھي ٿو وڌيڪ وقت تي ڇڏجي ٿو ڇا ٿو ٿئي.