سوال/سروي … عمران جن کي چور چوندو هو انهن سان ڳالهيون چاهي ٿو، اسيمبليون نه ٽوڙيندو ، وقت کان اڳ چونڊون نه ٿينديون: عوام

0
157

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران پاران حڪومت کي مشروط ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي، عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڳالهيون ڪري چونڊن جي تاريخ ڏئي، نه ته اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين، عمران خان جي اهڙي بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان اڳ ته چوندو هو ته چورن سان ڳالهيون نه ٿينديون، هن پنهنجي بيان تان يوٽرن ورتو آهي، هاڻ چوي ٿو ته ڳالهيون ڪريو، عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، عمران اسيمبليون نه ٽوڙيندو، چونڊون وقت کان اڳ نه ٿينديون، سوال/سروي سسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عظمت الله ٻرڙو لکيو ته عمران خان پهريان حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ کي بليڪ ميل پيو ڪري جنهن ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگهيو وقت وقت جي ڳالھه آهي ڪو وقت هو جو هو حڪومتي اتحادين جي ڪردار ڪشي ڪندي چوندو هيو ته آئون هنن سان نه ڳالهائيندس پر هاڻي عمران خان بند گهٽي ۾ داخل ٿي چڪو آهي هن وٽ ڪا واٽ ناهي بچي، ڳالهين کان سواءِ ڪردار ڪشي وارن سان هاڻي ٽيبل ٽاڪ ڪرڻ جون ڳالهيون پيو ڪري، عمران خان جي پراڻي عادت آهي پنهنجي ئي ڳالهين جي ابتڙ هلي ۽ يوٽرن جو ماسٽر آهي عمران خان آهي، شنڪر لال لکيو ته عمران خان جو بيان ته تمام سٺو آهي پر چونڊون وقت کان اڳ ڪونه ٿينديون… قربان علي ميراڻي لکيو ته عمران خان ھن وقت انتھائي مايوسي واري حالت ۾ آھي پارٽي ميمبرن جي اختلاف سبب نه اسيمبليون ٽوڙيندو نه ئي وري ڪو موثر لانگ مارچ ڪري سگھندو ھن وقت عمران خان نئين آرمي چيف ڏي پنھنجون نظرون مرڪوز ڪيون ويٺوآھي، رند لکيو ته چونڊون وقت کان اڳ نه ٿينديون اها عمران جي ڀُل آهي، ذوالفقار علي راهمون لکيو ته سڀ کان بهتر ايئن ٿيندو ته سڀئي اسيمبليون ٽوڙي ملڪ جون واڳون پاڪ فوج حوالي ڪري،ملڪ ۾ نيون چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن،پي۔ڊي۔ايم جو مستقبل اونڌاهو پيو ڏسڻ ۾ اچي تنهنڪري اقتداري ڌر ڳالهيون ڪونه ڪندي، سيف الله پنهور لکيو ته ڳالهين جو عمل درست آھي ڳالهين سان ئي هر معاملي جو حل نڪرندو آھي پر هاڻي تخت اقتدار تي ويٺلن کي به سنجيدگي ۽ سياسي سوچ جو مظاھرو ڪرڻ گهرجي، مسرور عالم لکيو ته عمران خان جو ھي صحيح فيصلو آهي موجودا حڪومت مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي،موجودا حڪمرانن معاشي حالتون خراب ڪري ڇڏيون آهن عوام جي نظر اليڪشن ڏانھن آھي جيئن ملڪ مان معاشي حالتون بھتر ٿين، مهانگائي عوام جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته عمران خان بقول ته زرداري نواز شريف مولانا فضل رحمان وارا سڀ چور آھن ته چورن سان ڳالھيون ڇا لاءِ ڪري پيو؟ ھن عمران خان جو دماغ ٺڪاڻي تي ناھي دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪندڙ خلاف فورن ڪاروائي ڪرڻ گھرجي نواز شريف ٻاھرين ملڪ ھن جي حڪومت ۾ ھليو ويو زرداري تان ڪيس ھن جي حڪومت ۾ ختم ٿيا اصل ۾ ھي انتشار ڦھلائڻ چاھي پيو ھن کي سياست جي ڪاءِ به خبر ناھي ھن کي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نوڪري ملڻ گھرجي سياست ھن جي وس وت کان مٿي آھي، حاجي امداد علي لکيو ته جيترا زور لڳائي ڀلي پر مولانا فضل الرحمان جڏهن چاھيندو تڏهن اليڪشن ٿيندي، ڄام خادم لکيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، پاڪستان کي اڃان عمران خان کان به مٿي سوچ رکندڙ ليڍر جي تمام گهڻي ۾ گهڻي ضرورت آھي، مراد علي لکيو ته عمران اسيمبلي ڪونه ٽوڙيندو باقي حڪومت کي بليڪ ميل ڪندو ۽ حڪومت به چونڊن جي تاريخ جو سوچي پئي، لازمي آهي حڪومت ڪجهه ڏينهن م تاريخ ڏيندي. عمران پاڻ تي ٿيل حملي کانپوءِ مايوس ٿي ويو آهي ھاڻ سوچي پيو ڪٿان نه ڪٿان رستو نڪري ۽ منهنجو مطالبو پورو ٿئي، فضل الرحمان انصلابي لکيو ته عمران خان جھڙي غير سنجيده ماڻھون جي ڳالھه کي ايتري اھميت ڏيڻ جي ضرورت ڪونھي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته عمران خان تمام بهترين ڳالھه ڪئي آهي حڪومت کي گهرجي ته وقت سر اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ عوام موجودا حڪومت کان بيزار ٿي ويو آهي، محمد فياض وساڻ لکيو ته عمران خان جو بيان ته تمام سٺو آهي پر چونڊون وقت کان اڳ ڪونه ٿينديون… عمران خان جو ھي صحيح فيصلو آهي موجودا حڪومت مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي،موجودا حڪمرانن معاشي حالتون خراب ڪري ڇڏيون آهن عوام جي نظر اليڪشن ڏانھن آھي جيئن ملڪ مان معاشي حالتون بھتر ٿين، مهانگائي عوام جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان اسيمبليون ٽوڙيندو، خميسو آريسر لکيو ته چورن سان ڳالهيون ڪونه ٿينديون هاڻ وري عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، نعمت الله خان نهڙي لکيو ته عمران خان جو موقعف بهترين آهي، چونڊون ٿيڻ کپن باقي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار آهي، زاهد حسين لکيو ته چونڊون وقت کان اڳ نه ٿينديون اها عمران جي ڀُل آهي، راسومل لکيو ته هن جا بيان هوائي فائر آهن، راشد الطاف لکيو ته سياسي بيان ئي چوندا آھيون، بوهڙ برادرز به سروي ۾ حصو ورتو، حمير گل راڄپر لکيو ته عمران خان صحيح پيو چوي، سردار لطيف لکيو ته ڪجھه وقت پھريان عمران جو ھڪ بيان ھُيو ته حُڪومت سان ڳالھين ڪرڻ کان بھتر آھي مونکي موت اچي وڃي ۽ اڄ منٿون پيو ڪري، سياست وڏي گندي شيءِ آھي، امير بخش لکيو ته مشروط ڳالهين جي ڳالهه ٿو ڪري وري مطالبو ڳالهين کان اڳ ٿو ڪري ته اليڪشن جي تاريخ ڏيو ڌمڪي به ڏئي ٿونه ته اسيمبليون ٽوڙي ڇڏينداسين، اهو ته هن پهنجو فيصلو اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو باقي ڪهڙين ڳالهين جي ڳالهه ٿو ڪري، مولابخش لغاري عمران خان جي بيان کي يوٽرن قرار ڏنو.