سوال/سروي عام چونڊون وقت کان اڳ ٿينديون، نه مقرر وقت تي ٿينديون: عوام جي راءِ ورهايل

0
144
سوال/سروي عام چونڊون وقت کان اڳ ٿينديون، نه مقرر وقت تي ٿينديون: عوام جي راءِ ورهايل

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران پاران جلد عام چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، پ پ قيادت پاران سڌارن کانپوءِ چونڊون ڪرائڻ جا بيان، نواز ليگ قيادت جلد چونڊون ڪرائڻ جا بيان ڏئي ڇڏيا، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ چونڊون وقت کان اڳ ٿينديون يا مقرر وقت تي ٿينديون؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي ڪجهه ماڻهن چيو ته وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون ۽ وقت کان اڳ چونڊون ٿيڻ گهرجن ڪجهه ماڻهن چيو ته عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شفيع ملاح لکيو ته چونڊون2023۾ ٿيڻ کپن، نورالدين سولنگي لکيو ته چونڊون شفاف نموني وقت سر ٿيڻ گهرجن، گل حسن شر لکيو ته چونڊون وقت کان پھريون ٿيڻ گھرجن ملڪي حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن ائين نه ٿئي حالتون ڪنٽرول مان نڪري وجن، عابد ڀٽي لکيو ته چونڊون پنھنجي وقت جي حساب سان ٿيندو موجوده حڪومت پنھنجو مدو پورو ڪري انکاپوءِ چونڊون ڪرايون وينديون،

الهڏنو راهمون لکيو ته جيستائين سياسي پارٽيون ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي پنهنجي منشور جو حصو نه بڻائينديون تستائين اليڪشن جو فائدو نه ٿيندو، سريلنڪا جي حالتن مان سبق سکڻ گهرجي، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته جڏهن نواز ليگ چونڊن لاءِ تيار آهي ته پوءِ پ پ ڇو دير چاهي ٿي، علي اصغر قريشي لکيو ته چونڊون وقت تي ٿين يا نه پر سڀني پارٽين تي عوام جو اعتماد ناهي رهيو، سليم اختر لکيو ته اپوزيشن وارا پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ڦاسي پيا آهن ـ چونڊن جو اعلان ڪن ٿا ته عمران چوندو ته اھا منهنجي ڪاميابي آهي نٿا ڪن ته اڃان وڌيڪ خوار ٿيندا، ممتاز علي سميجو لکيو ته عمران خان کي ڪرڻ ائين کپندو هو جو بي اعتمادي رٿ سان مقابلو نه پر انهي کان اڳ اسيمبليون ٽوڙي نين چونڊن جو اعلان ڪري ها پر هاڻي نواز ليگ اقتدار مان هٿ نه ڪڍندي ۽ زرداري پنجاب ۾ ووٽ بينڪ لا چونڊ سڌارن کي بهانو بڻائي مدو پورو ڪندا، اعجاز سومرو لکيو ته چونڊو وقت تي ٿينديون شھباز شريف وزيراعظم ٿي پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ وارو ڪم ڪيو آهي،

بشير ميراڻي لکيو ته چونڊ تيستائين نه ٿيندي جيستائين اسٽبلشمينٽ جنهن ڌر کي چاهي يا انهن جو ڪو نئون متبادل تيار ڪري، شنڪر باغي لکيو ته عوامي مفاد ۽ اهڙو اليڪشني سسٽم جوڙڻ جنهن ۾ گڏهه گاڏي وارو به آساني سان اليڪشن وڙهي سگهي اهو ڪنهن جي به ايجنڊا ۾ شامل نه هوندو، سڀني جي ايجنڊا اهائي هوندي ته اسان اليڪشن ڪهڙين حالتن ۾ کٽي سگهون ٿا. الطاف پرويز ڀٽو لکيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون يا نه ٿينديون اهوڪجهه به وقت کان اڳ چئي نه ٿو سگهجي ڇو ته هن ملڪ ۾ ڪهڙي وقت به ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر وري به ان فيصلي تي عمل ڪيو ويندو جيڪو وڏن جو هوندو، عباس ٻرڙو لکيو ته ھي ساري مفادن جي گيم آھي، الياس سمون لکيو ته ٻئي ڌريون بوکلاهٽ جو شڪار آهن، وقت کان اڳ اليڪشن ٿيڻ جو انديشو آهي، فضل سبزوئي لکيو ته چونڊ وقت تي ٿين يا وري ليٽ عوام کي ڪابه فائدو حاصل نه ٿيندو، اشفاق چانڊيو لکيو ته چونڊون جلد ٿيڻ گھرجن،راشد الطاف لکيو ته ٿيندو ايئن جيئن عوام چاهيندو..!پر اليڪشن ٿئي ته ملڪي مفاد ۾ بهتر هوندو،

خليل شر لکيو ته چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون عمران خان هاڻي پيو ڀڀڪيون ڏئي، ضمير حسين وڌو لکيو ته ان جو مقصد عمران رڳو اقتدار ۾ رهڻ چاهي ٿو، ٻيو ڪو ايندو ته هي روڊن تي ايندو، عبيدالله ڪنڀر لکيو ته جڏهن بلدياتي اليڪشن ٿي ته پوءِ وقت تي ٿيڻ مشڪل آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته هر پارٽي پنهنجو پنهنجو مفاد سوچيندي آهي پ پ وارا سيٽنگ جي چڪر ۾ آھن ۽ رُٺلن کي پرچائي رهيا آهن، ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته چونڊون ٿيڻ گھرجن جيڪا جماعت چونڊ ڪرائڻ کان لنوائي ٿي اھا عوامي جماعت ناهي، علي گوهر سومرو لکيو ته هاڻي ته اکين ۾ ايتري روشني به نه آھي جو ڪا صورتحال ڏسي سگهون، شيراز چانگ لکيو ته ممڪن آهي، چونڊون وقت کان اڳي ٿين. آصف سومرو لکيو ته چونڊون جلد ٿيڻ گھرجن، فيض احمد لکيو ته عوام جي ڪنهن کي پرواهه ناهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اصل ۾ ٽانگا پارٽي مرڪز ۾ اتحاد جيڪو جڙيو سو ھلي نٿو سگھي ھاڻي اليڪشن جا گيت ڇو ٿا ڳائن، عزيزالله شر لکيو ته چونڊون جلد ٿيڻ گهرجن،آسودومل لوهاڻو لکيو ته چونڊون وقت کان اڳ ٿين يا پوءِ عوام کي ڪوبه فائدو ڪونهي باقي حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڻ ۾ ويهي چونڊ سڌارا آڻين. حسين ٽانوري لکيو ته چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون،

حماد ڪنڀر لکيو ته چونڊون وقت تي ٿيڻ کپن.ملڪ ۾ ھينئر مهانگائي ۽ بيروزگاري جي صورتحال انتهائي بدتر آھي. محمد رحيم کوسو لکيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿي سگهن ٿيون، عزيزالله خاصخيلي لکيو ته چونڊون وقت تي ٿيڻ کپن ملڪ ۾ ھينئر مهانگائي ۽ بيروزگاري جي صورتحال انتهائي خراب آھي ان لاءِ موجوده حڪومت ۾ شامل پارٽين کي گهرجي ته جلد کان جلد مهانگائي تي ڪنٽرول ڪن، عمران جوڻيجو لکيو ته چونڊون وقت کان اڳ ٿينديون، مير سڪندر سولنگي لکيو ته چونڊون وقت کان اڳ ٿينديون، قادر شر لکيو ته مقرر وقت تي چونڊون ٿين، راجا مهر لکيو ته امڪان اهي نظر اچن ٿا وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون، جنيد جمالي لکيو ته لڳي ٿو عمران خان جو موقف درست هو, چونڊون فوري ڪرايون وڃن ۽ نوازليگ به هينئر سمجهي وئي آھي ته موجوده حالت نوازليگ کي اڃان وڌيڪ خوار ڪري سگهي ٿي، شهباز علي ماڃوٺو لکيو ته چونڊون وقت ٿين ته صحيح رھندو، ياسر کٽياڻ لکيو ته في الحهال نواز ليگ چونڊون نه ڪرائيندي، محمد حنيف لکيو ته نواز ليگ اليڪشن ڪرائيندي ته به نقصان کڻندي،

محمد ايوب لکيو ته ملڪ ھن وقت نازڪ حالت مان گذري رھيو آھي پي ڊي ايم جيڪو مھگائي جو نعرو لڳائي عمران خان کي ھٽائي اقتدار ۾ آئي اھا حالات سڀ جي سامھون آھي، نادر ابڙو لکيو ته ملڪي معيشت ايتري ته ڪمزور آھي جو اليڪشن جو بار کڻڻ مشڪل بڻجي ويندو، غلام مصطفيٰ چنا لکيو ته زرداري جي ڳالهه هلندي، خادم ڀرڳڙي لکيو ته چونڊون وقت کان اڳ ٿيڻ گهرجن، اياز راهوجو لکيو ته ڏسون ته هي عوام لاءِ ڇا ٿا ڪن، صدام سنڌي لکيو ته امڪان اهي نظر اچن ٿا وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون، ابراهيم لنڊ لکيو ته پ پ، ن ليگ، پي ٽي آئي تبديلي سرڪار جي بدران نئين مخلوط حڪومت ٿيندي، مطلب چونڊ سڌارن بابت اها ئي ڳالهه آهي.ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته سڀ اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، عبدالوحيد چنا لکيو ته عام چونڊون جلد ٿيڻ گھرجن معاشي صورتحال خراب آهي، محبوب علي جلباڻي لکيو ته پي پي ڪڏھن ڪونه چاهيندي، اسد انڍڙ لکيو ته پ پ پ ڪجهه به ڪري سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پنجاب ڪي پي ڪي مان اليڪشن کٽي سگهن.