سوال/سروي … ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي يا ناڪامي ؟ عمران سڀني پارٽين لاءِ خطرو، پي ٽي آءِ ۽ پ پ گڏيل حڪومت ٺاهي سگهي ٿي: عوام

0
130

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران جي بيانيي جي فتح ؟، قومي اسيمبلي جي 7 مان 6 تڪن ۾ ڪامياب، ملتان ۽ ملير ۾ اپ سيٽ، پ پ کٽي وئي، ضمني چونڊن جي نتيجن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ عمران جي ڪاميابي جو مستقبل جي سياست تي ڪو فرق پوندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عوام پ پ ۽ نواز ليگ مان بيزار آهي تڏهن عمران خان کي فتح نصيب ٿي، عمران خان جي ڪاميابي مان واضح ٿي ويو ته عوام هن کي چاهي ٿو، مستقبل ۾ حڪومت عمران خان جي ٿي سگهي ٿي، اهو به چيو ويو ته پي ٽي آئي ۽ پيپلزپارٽي جي اتحادي حڪومت به ٺهي سگهي ٿي، سروي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آئي سنڌ ۾ به ايندڙ حڪومت ٺاهي وٺندي، اهو به چيو ويو ته عمران خان سڀني پارٽين لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، ڪجهه ماڻهن اهو چيو ته عمران خان پنهنجون ئي سيٽون ته حاصل ڪيون پر پنهنجون ئي ٻه سيٽون وڃايون به آهن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اصل ۾ ھي ريفرينڊم ھيو، عمران خان جو بيانيو کٽي ويو ، ان مان اھا ڳالھه واضح ٿي وئي ته پي ٽي آئي جي مقابلي ۾ ڪا جماعت آھي ته اھا پيپلزپارٽي آھي، غلام حيدر به سروي ۾ حصو ورتو، رشيد ابڙو لکيو ته نتيجا معنيٰ خيز آھن،جيڪا سوچڻ جهڙي ڳالھ آھي اھو سوال جواب گهري ٿو، عمران جي سوڀ عوام جي سوڀ آهي، عنايت بروهي لکيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي ھوندي، عوام پ پ مان بيزار آھي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ثابت ٿي ويو ته عوام عمران سان گڏ آهي، عاشق ڀٽي لکيو ته پاڪستان جي عوام جي اھا بد نصيبي آھي جو اھا ھن ڳالھ کي سمجھي ئي نٿي ته ساڍن ٽن سالن ۾ پاڪستان کي ھن نھج تي ڪنھن پھچايو آھي؟ محمد سليمان مهيسر لکيو ته بس ايترو سوچڻ گهرجي هڪ پارٽي سان مقابلو ملڪ جون سڀ پارٽيون ڪن ٿيون، اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هي سڀ پارٽيون پنهنجي مفادن خاطر گڏ ٿينديون، سباش هميراڻي لکيو ته عوام پ پ پ مان بيزار آهي عمران خان کي چاهي نٿي پر پ پ پ مان تگ ٿي عمران کي ووٽ ڏنو آهي مستقبل ۾ عمران خان طاقتور سياستدانن ٿي ملڪ جون واڳون سنڀاليندو، موهن لال لکيو ته ضمني چونڊ نتيجا حيران ڪن ڪندڙ آهن ڇاڪاڻ ته سئو کان وڌيڪ پي ٽي آءِ جي نمائندن استعيفا ڏنيون پر، پي ڊي ايم انهن اميدوارن مان مخصوص حلقن جي چونڊ ڪرائي جتي جتي پي ڊي ايم جو ووٽ بينڪ هو انهن تڪن ۾ اليڪشن ڪرائڻ باوجود عمران 8 مان 6 سيٽون اڪيلي سر ڪڍي ٿو ان مان مراد عوام اڄ به عمران کي چاهي ٿو، اين بي شر لکيو ته سياسي حمايت ۽ مخالفت سائيڊ تي رکي سوچجي ته ملڪ جون تيرنھن پارٽيون گڏ ٿي به اڪيلي عمران خان کي شڪست نه ڏئي سگھيون ۽ عمران خان ڪنھن به تڪ تي اليڪشن مھم به نه ھلائي پوء به ايتريون سيٽون کٽڻ سان ثابت ٿيو ته عمران خان تي عوام جو وڏو اعتماد آھي،

رياض احمد منگي لکيو ته موروثي سياست جا مخالف پاڻ به ماروثي سياست ڪرڻ لڳا پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين ايم اين اي شاهه محمود قريشي ملتان مان پٽ کانپوءِ ڌيءُ کي ايم اين اي جي سيٽ تي بيهاريو هو جيڪا هارائجي وئي باقي جن سيٽن تي عمران خان پاڻ بيٺل هو ان مان رڳو هڪ سيٽ تي هارائي ويو، محمد علي شيخ لکيو ته عمران جي فتح ڪهڙي هن ته پنهنجو سيٽون کٽيون اڃا ٻه سيٽون هارايون، جاويد مريد لکيو ته سياسي دنگل ۾ رڳو بائونسر اڇليندڙن کي ڪٽڪو ڏئي جھڙي طرح سياسي آڙيڪاپ کلاڙي عمران خان ميدان مان ٻاهر ڪيو آهي انھيءَ مان سمجھجي ته سياسي ميدان ۾ عمران جي جوڙ جو ڪوبه پليئر ناهي مستقبل ۾ به عمران کٽيندو ضرور ، سليم اختر لکيو ته اسان ڀلي ڇا به چئون ڪھڙو به مطلب ڪڍون پر عوام جو فيصلو اھو آهي ته کين موجودا حڪومتي اتحاد پسند ڪونهي عوام عمران خان ۽ ان جي بيانيي کي نه صرف پسند ڪيو آهي پر ان پٺيان بيٺل به نظر اچي پيو، گل ياسين نندواڻي لکيو ته عمران جيڪي ڇهه سيٽون کٽيون سي سڀ اڳ پي ٽي آئي جون هيون پر عمران انهن سيٽن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ڪو به پي ٽي آئي ميمبر انهن سيٽن تي نه ٿو اچي سگهي، ولي الله جمالي ۽ محمد حنيف لکيو ته عمران خان کي عوام جي اڪثريت حاصل آهي، طارق باجڪاڻي لکيو ته عمران خان کان سواءِ ملڪ ۾ اھڙو ڪوبه ليڊر نظر نٿو اچي جيڪو ملڪ ۽ عوام سان سچو ھجي، محمد وارث لکيو ته مان چوان ٿو پاڪستان جون واڳون جنهن وٽ به آھن جيسيتائين واڳون سنڀاليندڙ هڪ ٻئي کي وائکو نه ڪندا ته خبر ئي نٿي پوي ته ڪھڙا سڄڻ آھن ڪھڙا نه، امير بخش چاچڙ لکيو ته ملير ۽ ملتان ۾ پ پ نه پر اميدوارن پنهنجي ذاتي اثر رسوخ سبب کٽيو آهي،

باقي عمران خان جي ڪاميابي سان سنڌ جي حالتن تي ڪو خاص فرق نه پوندو ڇو ته ھو سنڌ جي اشوز تي واضح ناهي، باغي صديقاڻي لکيو ته 2023۾ عمران خان جي حڪومت هوندي ڇو ته ماڻھو انهي هلندڙ حڪومت مان بيزار آھن، منٺار لغاري لکيو ته لڳي ٿو جنرل اليڪشن ۾عمران 200 سيٽن تي اڪيلو چونڊ وڙھندو، رياض ڪولاچي لکيو ته الله ڪري اهڙو انقلاب سنڌ ۾ اچي، هاڻي ته اسين سورن ۾ آهيون، ارشاد بلوچ لکيو ته مهانگائي تي قابو نه ڪري سگهڻ سبب ن ليگ کي وڏو سياسي نقصان پهتو آهي، عمران خان وٽ ڪوبه سياسي معاشي پلان ناهي ون مين شو واري سياست آهي، عبدالعليم کوکر لکيو ته ھن اليڪشن رزلٽ مان لڳي ٿو ته عمران خان اڪيلو نيشنل ليول جو ليڊر آهي جيڪي وڏي پارٽي کي ليڊ پيو ڪري فضل الرحمان اسفنديار نواز شريف گھڻو پوئتي ھلي ويا آهن پ پ پارٽي جو ملتان ۾ ووٽ آهي گيلاني خاندان جو اتي پي ٽي آئي اميدوار صحيح ڪونه بيھاريو باقي ملير ۾ حڪيم بلوچ جو ذاتي ووٽ بينڪ ڪافي آهي جنرل اليڪشن ۾ سڀني کي ھارائي ويندو سنڌ ۾ ڪافي چانسز اٿس، احسان علي چانڊيو لکيو ته روز روز جي چونڊن سان ملڪ جو پئسو زيان ڪيو پيو وڃي انهن چونڊن سان عوام کي ڪوبه فائدو ڪونه پوندو،

عبدالسبحان سنڌي لکيو ته اصل ۾ هي بيانيو ناهي کٽي ويو، ھن جيت پويان پي ڊي ايم اتحاد وارن جي تڪڙي فيصلي جو نتيجو آهي، عرفان علي ڏاهاڻي لکيو ته هي سڀ چور آهن، جنيد زرين بلوچ لکيو ته جئين جئين وقت گذرندو ويندو تئين تئين عمران خان جي مقبوليت ۾اضافو ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن حڪومت مهانگائي سبب عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، راجا انور لکيو ته پنجاب ۾ عمران جو بيانيو کٽي ويو, مُلتان ۾ عمران جي ڪاميابي پُٺيان پنجاب حُڪومت جو هٿ آهي، ملير جي عوام عمران کي رد ڪري ڇڏيو، وزير احمد وساڻو لکيو ته سڀ حڪمرا ن مال ٺائڻ جي چڪر ۾ آھن، نواز علي کوسو، غيور عباس شاهه به سروي ۾ حصو ورتو، ذوالفقار چاچڙ لکيو ته توڙي جو عمران خان ھاڻوڪي ضمني اليڪشن ۾ ڇھ تڪن تان سوڀارو ٿيو آھي، پر مونکي سندس سياسي مستقبل روشن نظر نٿو اچي، عمران جو مستقبل الطاف حسين جي حال جھڙو ٿيندو. غلام حيدر لاکو لکيو ته مستقبل ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ گڏجي حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، عبدالقادر لکيو ته ووٽ جي پرچي هميشه جيان فارملٽي ثابت ٿيندي. محمد موسيٰ لغاري لکيو ته عمران خان جي ڇھ سيٽن سان صاف ظاهر آهي پاڪستاني قوم پي ڊي ايم مان بيزار آهي، ساجد حسين بلوچ لکيو ته سياست ۾ لاھا چاڙھا ايندا رھندا آهن سيٽون تـ عمران خان جون ھيون پر اڪيلي سر سڀني تي پاڻ بيھي بيوقوفاڻو فيصلو ڪيو،

وزير علي مهر لکيو ته عمران خان کي ديوار سان لڳائڻ وارا ھاڻي اھو سوچيندا، محمد ميرڻ جکراڻي، ماسات هادي، عرفان چانڊيو، عبدالله درس، ساحل ميگهواڙ، ذوالفقار علي ڏاهاڻي به سروي ۾ حصو ورتو. عمران گل سومرو لکيو ته فائدو ڪجهه به ناهي رڳو نقصان ٿيو آهي قوم جو، رحيم بخش ملڪ، مشتاق مهيسر، عرفان ملاح، منصور حسين، الاهي بخش جمالي، شڪيل احمد، احمد بشير چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز احمد لکيو ته پي ٽي آئي جي ڪاميابي سان لڳي ٿو جنرل اليڪشن ۾ پي ٽي آئي ميدان ماريندي. پي پي پي ۽ نواز ليگ کي پنھنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو، اختر علي اوٺو لکيو ته ان اليڪشن مان صاف ظاھر ٿي پيو ته 23 ۾ حڪومت پ پ ۽ پي ٽي آءِ گڏجي ڪري ٺاھيدا باقي پي ڊي ايم خالي پنجاب تائين محدود رھندي، سليم رضا رند لکيو ته عمران خان جو بيانيي عوام م سمايل آھي.عمران خان مقبوليت م 6 تڪن ڪاميابي تان وڌيڪ مقبوليت اضافو ٿيندو..حافظ راڄپر لکيو ته سنڌ ۾ ايندڙحڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي، گوهر دانيال لکيو ته بلڪل عمران خان هڪ عوامي ليڊر طور پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، فضل سبزوئي لکيو ته پيپلز پارٽي مان عوام بيزار آھي، وقار ملاح لکيو ته ڪو فرق نه پوندوايندڙ حڪومت به پ پ جي هوندي، حاجي خان پنهور لکيو ته هي هڪ سوچ جي ڪڙي آهي،

شهباز علي به راءِ جو اظهار ڪيو، مظهر خاصخيلي لکيو ته پي ڊي ايم جو سمور و اتحاد ۽ پ پ اليڪشن کان ڊڄي ٿي ھنن کي خبر آهي ته عمران ھنن کان اليڪشن کٽي ٿو وڃي، افصل شر لکيو ته عام ماڻهو پراڻين ۽ رواجي پارٽين مٿان اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. منور علي، سليم نظاماڻي، رفيق جهتيال، مير ڌڻي بخش نصيراڻي، سنتوش ڪمار، منگي شاهنواز، احسان علي رند، احسان رند، عمر فاروق به سروي ۾ حصو ورتو. حافظ صديق لغاري لکيو ته سمجھڻ جي ڳالهه آهي ائين ھرگز نه آھي حڪومت ۾ھوندي اليڪشن وڙهڻ ڏکيو ھوندو آھي

پھرين ڳالهه آهي ته ھو پنھنجي اميدوارن جي اليڪشن ڪمپئين نه ھلائي سگھندا آهن، ذوالفقار علي لکيو ته هن وقت عوام مهانگائي جي ڪري وڏي غصي ۾ آھي تڏهن عمران جي ويليو آھي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته عمران خان جي ڪاميابي صحيح  آهي مستقبل جي سياست تي وڏو فرق پوندو، الهورايو بلوچ لکيو ته اهو ٿيندو جيڪو مالڪن کي منظور هوندو. عمران جي ڪهڙي سياست آھي، ثناءُالله چنا لکيو ته عمران پنهنجون کٽيل سيٽون ئي کٽيون ويتر پي پي کي فائدو پيو باقي ڇهن سيٽن تي وري اليڪشن ٿيڻي آهي ان پو ڏسجي ڇا ٿو ٿئي، اسد علي بلوچ، عبدالغفار سومرو به راءِ جو اظهار ڪيو، سيد نظير احمد شاهه لکيو ته عوام پ پ پ مان بيزار آهي عمران خان کي چاهي نٿو پر پ پ پ مان تگ ٿي عمران کي ووٽ ڏنو آهي،

 مستقبل ۾ عمران خان طاقتور سياستدانن ٿي ملڪ جون واڳون سنڀاليندو، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته سيٽون کٽڻ سان ثابت ٿيو ته عمران خان تي عوام جو وڏو اعتماد آھي، سرفراز لکيو ته عوام پ پ پ مان بيزار آهي، آڪاش پنهور لکيو ته وڏو اثر پوندو، غلام رضا راڄپر، محمد ٻارڻ ساحل، عزير ٻجورو به سروي ۾ حصو ورتو، سخاوت شيخ لکيو ته عمران 2023 ۾ بلڪل ناڪام ٿيندو هن ضمني اليڪشن ۾ ن ليگ جي سينئر قيادت ورڪ ئي نه ڪئي، غلام حيدر لکيو ته مستقبل به عمران جو نظر پيو اچي .سنڌي عوام به متبادل جي انتظار ۾ آهي پي پي کان سخت مايوس به آهي، غلام حيدر بلوچ لکيو ته عمران خان ھڪ سچو ليڊر آهي.