سوال/سروي صدارتي نظام اڳ به ملڪ کي نقصان ڏنو هو، حڪومت مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهو شوشو ڇڏيو: عوام

0
120
سوال/سروي صدارتي نظام اڳ به ملڪ کي نقصان ڏنو هو، حڪومت مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهو شوشو ڇڏيو: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ چيو آهي ته صدارتي نظام قبول ناهي، اڳ به ملڪ ٽٽو هو، جاچ ڪرايو ڪير ٿو مهم هلائي؟، وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته صدارتي نظام افواهه آهي، اهڙي ڪا تجويز ناهي، ٽي وي تي اشتهار ٻاهر ويٺل ڪو شخص هلائي پيو: صدارتي نظام بابت اپوزيشن ۽ حڪومتي بيانن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟” جنهن تي اڪثر ماڻهن سياسي پارلياماني نظام مان مايوسي جو اظهار ڪيو پر صدارتي نظام جي مخالفت به ڪئي، چيو ويو ته اڳ ۾ صدارتي نظام ملڪ کي نقصان ڏنو آهي، وفاقي حڪومت پنهنجي نا اهلي لڪائڻ ۽ مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صدارتي نظام جو شوشو ڇڏيو آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل شير ميمڻ لکيو ته اھي خبرون هر دفعا هلنديون آهن پر ان ڳالهه تي عمل ناهي ٿيندو،

گلاب خاصخيلي لکيو ته ملڪ ۾ آئين قانون جي ڪابه بالادستي ناھي، جاويد هڪڙو لکيو ته ملڪ هاڻي هلي نه سگهندو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سياسي پارٽيون عوام کي بيوقوف بڻائي رهيون آهن، آسودومل لوهاڻو لکيو ته پنهنجي ڪرپشن جا قصا لڪائڻ ۽ اپوزيشن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ صدارتي نظام جو شوشو ڇڏيو پيو وڃي باقي ڪجھه ناهي اهو صدارتي نظام هجي يا جمهوريت فائدو سياستدان کڻندا، نماڻو نوناري لکيو ته غريبن لاءِ صدارتي نظام بهتر آهي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته اسانجي ملڪ ۾ ٽي وڏيون پارٽيون آهن جن عوام کي مايوس ڪيو آهي، حماد ڪنڀر لکيو ته صدارتِي نظام بابت هَلايل ڳالهه کي پِي ٽِي آئِي گورنمينٽ طرفان پنهنجي نااَهلي،ناڪامي ۽ مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڇڏيل شوشو سمجهون ٿا. گل حسن شر لکيو ته صدارتي نظام ايترو به خراب ناھي صدارتي نظام سان نقصان عوام جو نه پر سياسي پارٽين جو ٿيندو ان ڪري رڙيون ٿا ڪن، خادم گهراڻو لکيو ته هتي هر بار صدارتي نظام لڳائڻ جون خبرون هلنديون آهن عوام کي صرف بيوقوف بنايو وڃي ٿو،

خاموش خليل شر لکيو ته صدارتي نظام آڻي ملڪ ۾ نئون قانون جوڙيو پيو وڃي، تڏھن سياسي پارٽين ۾ ڳٺ جوڙ ھلي پيو، نعمت الله راهمون لکيو ته صدارتي نظام نامنظور، اسلامي جمهوري پارلياماني نظام گهرجي، تسليم احمد ڪوري لکيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ ملڪ جي آئين ۽ قانون کي هميشه لتاڙيو ويو آهي، سڪندر علي مهر لکيو ته نئين پاڪستان جي زبردست ڪاميابي کانپوءِ ھاڻي صدارتي نظام ؟ اياز علي راهوجو لکيو ته نئون پاڪستان ٺھي چڪو آهي باقي صدارتي نظام رھيل آھي بس رڳو عوام کي بيوقوف ڪيو ٿو وڃي، ممتاز علي سميجو لکيو ته چار ڀيرا آندل صدارتي نظام ملڪ کي چارئي ڀيرا نقصان ڏنو باقي جي پنجين دفعي آندو ته ملڪ جو الله واهي هوندو، صدارتي نظام جي مهم ڪير پيو هلائي؟ عبدالرحمان چانگ لکيو ته صدارتي نظام آڻڻ جون تياريون آهن تڏھن ته سياسي پارٽين ۾ به چرپر ٿي وئي آهي،طارق علي باجڪاڻي لکيو ته اپوزيشن جو ڪردار ئي اهڙو آهي جيڪي نظام کي هلڻ نٿا ڏين، جنيد جمالي لکيو ته ڳالھه ايمانداري جي آھي نظام پارليامياني هجي يا صدارتي ڪو فرق نٿو پوي، وحيد ڄامڙو لکيو ته جمھوري نظام کان ته صدارتي نظام بھتر ثابت ٿيندو  ھن حڪومت ته مھانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن،

يعقوب کوسو لکيو ته رڳو غريبن کي جيئڻ جو حق ڏين، عاشق ڀٽي لکيو صدارتي نظام نامنظور، غلام رسول راهمون صدارتي نظام بهتر آهي، بشير ميراڻي لکيو ته ٻئي ڌريون عوام کي بيوقوف بڻائي رهيون آهن، مخالف ڌر کي اقتدار گهرجي ۽ حڪومت وري عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي پر عوام جو ڪنهن کي به خيال نه آهي. وقار حسين لکيو ته عوام کي بيوقوف پيا بڻائن، علي گوهر سومرو لکيو ته اها ڳالھه سئو سيڪڙو سچ آھي ته صدارتي نظام جو سيٽ اپ ٺھي پيو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته رڳو عوام سان ويساھه گھاتيون، ٻيو ڪجھه ناھي، محمد حنيف لکيو ته اها پي ٽي آءِ جي سوچ آهي، ته عمران خان صدر ٿئي، سمير احمد لکيو ته ڪجهه به ڪو نه ٿيندو، عامر کوسو لکيو ته صدارتي نظام سان صوبن جا حق غصب ٿيندا خدا جي واسطي سنڌ وارا صدارتي نظام جي حق ۾ نه ڳالهايو،ارشاد علي لکيو ته پاڪستان ۾ ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي آهي،

محمد الياس به سروي ۾ حصو ورتو، نياز سومرو لکيو ته ملڪ سنگين حالتن ۾ آھي حڪومت مڪمل بيوس بڻيل آھي، پنج سال پورا ڪرڻ لاءِ حڪومت صدارتي نظام جو شوشو ڇڏي وقت اينگھائڻ چاھي ٿي، ضمير حسين وڌو لکيو ته سڄو ڪم مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ جو آهي، دائود لغاري لکيو ته صدارتي نظام گهڻي دفعا لڳايو ويندو ٽي پارٽيون هتي رولنگ ڪن پيو ملڪ جي بقا لاءِ ڪا پلاننگ هجڻ گهرجي جيڪا ڪنهن پارٽي وٽ ناهي، عابد ڀٽي لکيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي نا اهلي لڪائڻ لاءِ اهڙا شوشا ڇڏي ٿي، ابراهيم خليل لکيو ته اسانکي جمهوريت پسند آهي، خالد نوتڪاڻي صدارتي نظام جي مخالف ڪئي، سميع الرحمان لکيو ته ڪا خبر نٿي پوي ته اسانجي ملڪ ۾ ڪھڙو نظام ھلي ٿو، خير محمد مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صدارتي نظام تحت وفاق جو ڪنٽرول صدر جي حوالي ٿي ويندو، ھر صوبي جو ڪنٽرول صوبي جي گورنر حوالي ھوندو، اسيمبليون ختم ٿي وينديون ايم اين اي ۽ ايم پي اي نه رھندا بل پاس ڪرڻ لاءِ فقط سينٽ ئي رھندي منھنجي خيال ۾ صدارتي نظام بھتر آھي عيدل ڪنڀر لکيو ته صدارتي نظام گهڻي دفعا لڳايو ويندو.