سوال/سروي سڄي سنڌ ۾ گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون، اسپتالن ۾ سهولتون اڻلڀ، صحت کاتو ننڊ ستل آهي: عوام

0
191
سوال/سروي سڄي سنڌ ۾ گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون، اسپتالن ۾ سهولتون اڻلڀ، صحت کاتو ننڊ ستل آهي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو،ڪيتريون ئي جانيون ضايع: سوين مبتلا، اوهان جي علائقي ۾ ڇا صورتحال آهي؟ ڇا اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون ملي رهيون آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته گيسٽرو سميت ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن، ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، اسپتالن ۾ سهولتون نه آهن، صحت کاتو ننڊ ستل آهي، حڪومت تحرڪ وٺي، وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شفيع ملاح لکيو ته مانجهند ۾ لائٽ جو آزار، گندگي، مڇرن جو آزار، ڊائريا مليريا گيسٽرو جهڙن بيمارين منهن ڪڍيو آهي سرڪاري اسپتال ۾ ڪابه سهولت نه آھي ڊاڪٽر ڊاڪٽرياڻين ۽ دوا جي کوٽ آھي، پرائيويٽ ڪلينڪن تي عطائي ڊاڪٽر ماڻھن کي ٻنهي هٿن سان لٽين پيا ۽ ڪير به پڇڻ وارو نه آھي، گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ ورڪشاپ ۾ اسپتال جي عمارت آھي اسان ڪڏھن به ڪنھن کي ھتان فيضياب ٿيندي ناھي ڏٺو باقي صورتحال سڄي سنڌ واري ساڳئي آھي مڇر مار اسپري ته نه ٿيو باقي دوائن ۽ پيٽرول جا بل ٺھي ويا آھن، اياز علي راهوجو لکيو ته اسان جي علائقي ۾ڪا به اسپتال ناھي باقي بيماري ضرور آهي اسان پپري فوٽبال گرائونڊ بن قاسم ڪراچي جا رھواسي آھيون نه ڪو ڪو روڊ آھي گٽرن جو پاڻي روڊ تي آھي رھواسي سخت پريشان آهن لاوارث علائقو آهي،

حاڪم ڪٽوهر لکيو ته سڄي سنڌ وانگر ڳڙهي خيرو تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن جي اسپتال ۾ ڪي به سهولتون نه آهن، گيسٽرو جي مريضن کي ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، انتظاميا کي گهرجي ته فوري طور تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، خاموش خليل شر لکيو ته ڪرونڊي ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪيترائي ٻار مليريا گيسٽرو ۾ مبتلا آھن، پرائيويٽ توڙي سرڪاري اسپتالن ۾ برسات کان پوءِ زبردست رش رهي ٿي، ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آھي، اسماعيل خان خلجي لکيو ته پٿورو تعلقي اسپتال ۾ ڪجهه دوائن کانسواءِ ڪا به طبي سهولت نه آهي، غريب مريض رلي وڃن ٿا، رياض سولنگي لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ چار معصوم ٻار گيسٽرو سبب فوت ٿي ويا آهن ڪيترائي ٻار مرد عورتون بيماري ۾ ورتل آهن صحت جون سهولتون رڳو خواب بڻيل آهن سرڪاري ڊاڪٽر ذاتي اسپتالون هلائڻ ۾ پورا آهن غريب مسڪين ماڻهو عطائي ڊاڪٽرن جو رخ ڪرڻ لڳا آهن غريبن جو الله ئي آهي، محمد حسين لکيو ته هتي عمارت آهي پر عملو جهڙو اهي تهڙو نه ڇاڪجي؟ اسان جي حڪومت ڳالهيون ڪندي ڪم نه ڪندي، سرڪاري اسپتال ۾ ته ڊاڪٽر نه آهن وڃن سرهاري ۾ اڪثر مريضن کي خانگي اسپتالن ڏانهن نيو وڃي ٿو، جنيد زرين بلوچ لکيو ته ڄامشورو شهر ۾ الله پاڪ جي مھرباني سان اھڙي خطرناڪ صورتحال نه آهي. لمس اسپتال ۾علاج جي سھولت بلڪل بھتر کان بھترين آهن. ھر قسم جون سهولتون مهيا آھن.

بشير ميراڻي لکيو ته ميرپور بٺورو جي سڀني اسپتالن ۾ نالي ماتر دوائون ڏنيون وڃن ٿيون، ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي پر صحت کاتي پاران ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي. شاهد ڏاهري لکيو ته ڀريا روڊ علائقي ۾ ڪا به سهولت ناهي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نه آهن،رياض حسين سومرو لکيو ته گهوٽڪي جي شهر قادرپور ۾ ڪا به سهولت نه آهي، شيراز احمد لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ۾ ھتي گيسٽرو جي بيماري ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿيو آهي، علاج جون ڪي به سهولتون نه آھن، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته شهر ڪڍڻ ۽ بدين ۾ اسان جي علائقي ۾ اها ساڳي حالت آهي، گيسٽرو جي بيماري جام پکڙجي وئي آهي ڪابه سهولت ڪونهي، ساگر امير حيدر لکيو ته اڪري چودڳي ۽آس پاس جي علائقن ۾ گيسٽرو مليريا سميت مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن سرڪاري اسپتالون صرف ريفر سينٽر آهن 2 گوريون هڪ سيرپ رڳو ڏين ٿا. واحد بخش لکيو ته شهر شادي پلي ۾ الحمدلله خيريت سان آهن حڪومت کي گھرجي اڳواٽ حفاظتي اپاءَ وٺي، عبدالستار بلوچ لکيو ته شهر نئوڪوٽ ۽ ڪلوئي ۾ اسان جي علائقي ۾ اها ساڳي حالت آهي گيسٽرو جي بيماري جام پکڙي وئي آهي،

الياس سمون لکيو ته ڪيٽي بندر تعلقي ۾ ٻه رورل ھيلٿ سينٽر آهن جتي ٽڪي جي نه گوري نه دوا ڪجهه به ناهي صرف نالي ماتر اسٽاف ويٺل آهي ھن وقت واھن ۽ شاخن ۾ برسات جو پاڻي مڪس ٿي ويو آهي جنھن سبب معصوم ٻار ۽ وڏي عمر جا ماڻھو وڏي پيماني تي گيسٽرو ۾ ڦاٿل آهن، گهگهر بن قاسم سرڪاري اسپتال ۾ اسٽاف آهي پر سهولتون نه آهن، ڪا به دوا نٿي ملي، هتي گيسٽرو، مليريا، نمونيا بخار ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن، وقار حسين لکيو ته خانواھڻ ۾ به ساڳي صورتحال آهي، هتي اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جي ڪي به سهولتون ميسر نه آهن، ساجد حسين بلوچ لکيو ته وڳڻ شھر ۽ ڀر ڀاسي ۾ گيسٽرو وبا بي قابو آهي علائقي جا سوين مريض علاج جي سھولت کان محروم بڻيل آهن، مقامي اسپتال ۾ ڪو به علاج نٿو ڏنو وڃي ۽ عملو موجود ئي ناھي، ايم ايس جي آفيس کي تالو لڳل هوندو آهي ڊي ايڇ او به ڪو ايڪشن نٿو کڻي، گيسٽرو ڦھليل ھجڻ باوجود ضلعي انتظاميا ڪو به تحرڪ ناھي ورتو، شنڪر لال لکيو ته سڄي سنڌ ۾ ساڳئي صورتحال آهي اسپتالن ۾ ڪي به سهولتون نه آهن،

صفدر علي هاليپوٽو لکيو ته سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ ۾ هاڻي دائن کان پوءِ ليبارٽري ۾ رت ٽيسٽ لاءِ به ڪجهه ڪونه آھي جڏهن ته سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ اسپتال سيوهڻ جي بجيٽ ٻه ارب آهي خبر ناهي ايتري رقم ڪٿي خرچ ڪئي ٿي وڃي، ادارا ڇو خاموش آهن؟ الطاف حسين لکيو ته ساڳي حالت آهي، مکين ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي اسپري ڪرايو وڃي، نماڻو نوناري لکيو ته گيسٽرو وڌي وئي آهي صحت کاتو ننڊ ستل آهي، حاجي خان پنهور لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر جي ڳوٺ محرم چانڊيو ۾ هڪ معصوم زندگي جي جنگ هارائي ويو ڪيترا معصوم ڀوڳي رهيا آهن انتظاميا ڪي به ڳوٺن ۾ گيسٽرو کان بچا جا قدم نه کنيا آهن، دليپ ڪمار لکيو ته تعلقي سنڌڙي ۾ گيسٽرو بي قابو ٿي وئي آهي پر انتظاميا غائب آهي، ڪي به انتظام ناهن ورتا ويا، قادر شر لکيو ته اسان جي علائقي ۾ صحت جون ڪي به سهولتون نه آهن، اي ڪي چاچڙ لکيو ته گهوٽڪي ۾ ڪي به سهولتون نه آهن.