سوال/سروي … سنڌ ۾ 6 مهينا رهڻ تي ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ جو بل سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش قرار: پ پ بل واپس وٺي: عوام

0
145

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي شهرين کي 6 مهينا رهڻ تي ڊوميسائل ٺهي ملندو: پ پ ميمبر پاران قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو ويو آهي، بل پيش ڪرڻ وقت سنڌ جا نمائندا خاموش رهيا، اهڙي بل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن اهڙي بل کي رد ڪندي چيو ته اهو بل سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، سنڌين جي نوڪرين، تعليم، وسيلن تي ڌاڙا هنيا ويندا، هن بل تي سمورن سنڌين کي آواز اٿارڻ گهرجي، پ پ ميمبر جيڪڏهن اهو بل منظور ڪرايو ته عمران وانگر ان جي به تڏا ويڙهه ٿي ويندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اھڙا نمڪ حرام ڪٿي به نه ملندا جھڙا سنڌ ۾ آھن ٻين صوبن وارا ھتي آرام سان ايم پي اي ايم اين اي ٿيو وڃن سنڌ جو ڪو ماڻھو ڪنھن ٻئي صوبي ۾ ڪائونسلر به نه ٿيو آھي، يعقوب کوسو لکيو ته سنڌ ۾ بيروز گاري اڳ ئي جام آهي ٻين صوبن جا ماڻهو غير ملڪي انهن سڀني جي پرورش سنڌ ۾ ٿئي ٿي، ڪجھه ته پنجاب تي به لوڊ وڌو وڃي، اسان جي ڪارڊ مان وارڊ رڳو ٻيو ٿا لکايون ته انهي لاءِ به وڏا ثبوب کپن، نجيب مرگهر لکيو ته سنڌ اڳ ئي ڌارين جو بار برداشت ڪري رھي آھي قابل مذمت بل آھي سڄاڻ ڌرين کي احتجاج ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ گھرجي، ممتاز علي سميجو لکيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي ڌارين جي لوڌ لٿل آهي باقي هن بل ذريعي کين قانوني حق ڏياري ٻين کي اچڻ جي دعوت ڏني ويندي اهڙي بل جي مذمت ڪريون ٿا سنڌ جي ميمبرن کي آواز اٿارڻ گهرجي جيڪڏهن پيپلزپارٽي اهڙو بل منظور ڪرائي ٿي ته عمران خان جي ٻيٽن واري فيصلي جيان پنهنجي تڏا ويڙهه سمجهي، ثناءُالله چنا لکيو ته اهو بل پاس ڪري سنڌ جي عوام سان زيادتي ڪئي ٿي وڃي ان جي اسان سنڌي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون اسان جي سنڌي نمائندن کي شرم اچڻ گهرجي اهڙي بل جي حمايت ڪرڻ تي ڇا ڪنهن سنڌي کي پنجاب جو ڊوميسائل ٺهي ملندو؟ يا اسان کي ڪي پي ڪي ۾ نوڪري ملندي جي نه ته پوءِ اهو ظلم آهي، صاحبزادو لکيو ته ھي بلڪل غلط بل ۽ انتھائي گھٽيا قدم کنيو ويو آهي ھن کان اڳ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي ان جي سربراهي به پ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي سونپي وئي وري ھاڻ ھي سازش پئي ٻڌجي، منور علي جوڻيجو لکيو ته ھي ڳالھه مندو خيل جي وس کان وڌيڪ آھي ۽ سنڌين جو قد ڪاٺ ڪڇڻ جي ڳالھه آھي ۽ انتشار پکيڙڻ آهي، عرفان علي ملاح لکيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ تي هميشه غلط فيصلا مڙهيا ويا آهن ۽ هي فيصلو به غلط آهي، مراد علي لکيو ته پنهنجي صوبي ۾ رھندي سنڌ واسين کي پٽيوالي به مشڪل سان ملي ٿي پر ڌارين کي ڊوميسائل به آرام سان ته ٺھي ملندا ڇھن مھينن ۾ پر نوڪري به حاصل ڪري ويندا سنڌين کي اقليت ۾ شامل ڪرڻ جي سازش آهي جنهن تي آواز اٿارڻ کپي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته تمام غلط فيصلو آهي ان جي مخالفت ٿيڻ گهرجي اڳ ئي سنڌي اقليت ۾ آهن ويتر انهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌين جا حق ڦٻايا ويندا، اويس ملاح لکيو ته سنڌ جا چونڊيل نمائندا، ذاتي مفادن تي سنڌ کي وڪرو به ڪري سگهن ٿا، آدرش ڪولهي لکيو ته انھي بل جي پاس ٿيڻ سان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. سنڌ جو شعور انھي بل جي مذمت ڪري ٿو. آزاد اسدالله  هنڱورجو لکيو ته پ پ مفادن خاطر سنڌ دشمن بڻجي وڃي ٿي، حبيب راڄپر لکيو ته هڪ وڏي سازش آھي سنڌين خلاف، بقول قادر مندوخيل جي ته هي بل سڀني صوبن ۾ لاڳو ڪرڻ آھي ته ٻين صوبن جي ايم اين ايز اهو بل ڇو نه آندو؟ هتان سنڌ مان چونڊيل مندوخيل هي بل هتان ڇو آندو؟ مندوخيل سمجھي ٿو ته اهو بل منظور ٿيڻ سان سنڌ ۾ رهندڙ مندوخيلين ۽ ٻين افغاني پٺاڻن جو فائدو ٿيندو انڪري هن اهو بل پيش ڪيو آھي پر اسين ان بل کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، محمد عثمان ٿهيم به سروي ۾ حصو ورتو، مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته سنڌ جا نمائندا  ويڪائو آهن، شمس قمر لکيو ته اھڙن خاموش چونڊيل نمائندن کي شرم اچڻ گهرجي سنڌ کي ھر طرح سان تباهه ڪري عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو اٿن. حق نواز ٽالپر لکيو ته سنڌ سان ۽ سنڌي قوم سان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم ٿيندو، صفدر علي پنهور لکيو ته اسان مڪمل طور تي ان بل کي رد ڪريون ٿا ۽ گڏوگڏ سنڌ مان چونڊيل نمائندن کي به ياد ڏياريون ٿا ته اک کوليو نه ته ائين نه ٿئي جو سڪن سان گڏ ساوا به سڙي وڃن. عاقب چانڊيو لکيو ته اهو سنڌين جي حقن مٿان ڌاڙو آهي، ڪريم کوسو لکيو ته حڪومت رهيل اڃا ڪهڙا سنڌ دشمن فيصلا ڇڏيا آھن، همير گل راڄپر لکيو ته غلط فيصلو آهي، عبدالحميد پيرزادو به راءِ جو اظهار ڪيو، قربان علي ميراڻي لکيو ته پ پ وارن سنڌ سان اڳ ڪھڙي خير خواھي ڪئي آهي جو ھاڻي ڪندا ھميشه غلط فيصلا ڪندا رھيا آھن جڏھن عوامي ري ايڪشن اچي ٿو ته فيصلا معطل ڪري ڇڏين ٿا ھاڻي به جڏھن عوام سجاڳ ٿيندو ته ساڳيو ئي فيصلو واپس وٺندا، رميش ڪمار لکيو ته ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي نمائندن کي چپ جو روضو ٽوڙي ڀرپور مخالفت ڪرڻ کپي، سيف الله پنهور لکيو ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ سان ھر روز ۽ ھر وقت ويساهه گھاتي جا سانڀاهه ڪري رھي آھي، اڪرم علي گجو لکيو ته سنڌين سان زيادتي آهي سنڌين جي حقن تي ڌاڙو آهي، شهمير علي لکيو ته اھو فيصلو غلط آھي جلد کان جلد واپس ورتو وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو، شنڪر لال لکيو ته ھي بل پيش ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان ناانصافي ڪئي وئي آهي، حاجي خان پنهور لکيو ته اڃا گهڻو ڪجهه ٿيندو سنڌ واسين سان، سنتوش ڪمار لکيو ته پ پ پنهنجو ووٽ وڌائڻ چاهي ٿي، منظور زرداري لکيو ته غلط فيصلو ڪيو ويو آهي، شيراز احمد لکيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي پورو مينڊيٽ آھي، ڪھڙو به بل پيش به ڪري سگھي ٿي ته پاس به ڪرائي سگھي ٿي، پاڪستان پيپلز پارٽي کي اھو مينڊيٽ سنڌ جي عوام ئي ڏنو آھي. نارائڻ داس لکاڻي لکيو ته سراسر ناانصافي آھي، علي محمد سمون لکيو ته هي پنهنجي مفادن خاطر ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، خميسو آريسر لکيو ته هن عوام لاءِ هي حڪومت ٺيڪ آهي، اقبال شاهه لکيو ته سنڌي ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين کِسڪائي پئي وڃي، لڳي ايئن پيو ته پهرين ڌاريا ماڻهو سنڌ جي نوڪرين ۽ وسيلن ۾ حصيدار هئا ۽ هاڻي کين مڪمل مالڪي ڏني پئي وڃي، هاشم جوڻيجو لکيو ته اهڙي بل جي حمايت ڪرڻ وارن کي ڪهڙو نالو ڏجي، سيده ايمي لکيو ته افسوس ٿيو، غلام حسين لکيو ته پ پ سدائين سنڌ سان ايئن ظلم ڪيو آهي، خميسو خاصخيلي لکيو ته اهڙي بل جي اسان مذمت ڪريون ٿا، شوڪت نهڙيو لکيو ته پيپلزپارٽي حڪومت ۾ ھميشه اھڙا ئي فيصلا ٿيندا آهن، عرفان علي، زاهد سولنگي، ممتاز علي سجاد به بل کي رد ڪيو، حيدر علي پنهور لکيو ته سنڌ جو عوام سجاڳ ناهي ٿيو، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته اگر سنڌ عالمي يتيم خانو بڻائڻ چاھيو ٿا ته پوءِ سنڌ جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ لاءِ ڏئي ڇڏيو، طارق باجڪاڻي لکيو ته سراسر ناجائزي آهي اڳ ئي سنڌ ۾ لکين پڙهيا لکيا ڊگريون کڻي بيروزگاري سبب دربدري جي زندگي گذارين ٿا ويتر جيڪي جايون ھونديون سو ڌارين کي ڊوميسائل ٺاهي ڏنيون وينديون، ڪامران علي لکيو ته پهريان آيل غير ملڪي لوڌ ڪڍي نوان آڻين ته خبر پوي ڪهڙا ٻاهريان آھن..!!فيض درس لکيو ته بچيو ڇا آهي ڌارين صوبن کي ڇڏيو ڌارين ملڪن جا ماڻهو پراپرٽي وٺيو ويٺا آهن، محب علي شاهه، اسد انڍڙ، قائم الدين خشڪ به سروي ۾ حصو ورتو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته امير سنڌ جي سٻاجھڙي عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ جي سازش جيڪا سراسر ناانصافي آهي اھڙي فيصلي کي رد ڪريون ٿا، منظور ڪنڀر لکيو ته هي مفادن خاطر ڪجھه به ڪري سگهن ٿا، عمران نائچ لکيو ته هي غلط فيصلو آهي، محمد فياض وساڻ لکيو ته پنهنجي صوبي ۾ رھندي سنڌ واسين کي پٽيوالي به مشڪل سان ملي ٿي پر ڌارين کي ڊوميسائل به آرام سان ته ٺھي ملندا ڇھن مھينن ۾ پر نوڪري به حاصل ڪري ويندا سنڌين کي اقليت ۾ شامل ڪرڻ جي سازش آهي جنهن تي آواز اٿارڻ کپي، محمد سليمان جمالي لکيو ته ھتي آرام سان ايم پي اي ٿيو وڃن سنڌ جو ڪو ماڻهو ڪنھن ٻئي صوبي ۾ ڪائونسلر به نه ٿيو آھي…..شاهزيب ساند، سجاد شاهه، ساجد علي سيوهاڻي، شڪر جمال، محمد موسيٰ کٽي، خالد ڏنو شاهه، جنيد زرين بلوچ، ساگر، جواد ڀنڀرو به سروي ۾ حصو ورتو.