سوال/سروي … سنڌ ۾ معصوم ٻار به محفوظ ناهن، اغوا وارداتون وڌڻ جي حڪومت ۽ پوليس ذميوار آهي، ڌاڙيلن سان گڏ وڏيرن خلاف به ڪارروائي ڪريو: عوام

0
279

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪنڌڪوٽ مان اغوا نينگر سمرت ڪمار ۽ خيرپور مان اغوا ٿيل ٻالڪ جعفر ڀٽو آزاد نه ٿيا: ذميوار ڪير ؟ اغوا وارداتن کي ڪيئن روڪي سگهي ٿو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هاڻ سنڌ ۾ معصوم ٻار به محفوظ ناهن رهيا ان سڄي صورتحال جي حڪومت ۽ پوليس ذميوار آهن، تڪ جا چونڊيل نمائندا، وڏيرا، ڀوتار به ذميوار آهن، ڪچي جي ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پڪي تي سندن ساٿارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪچي ۾ فوجي آپريشن ڪيو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شاهد ميراڻي لکيوته حد جا ايس ايس پيز ذميوار آهن، هاڻي واري امن امان جي صورتحال ته آءِ جي غلام نبي ميمڻ جي ماضي واري ڪارڪردگي کي به لوڙهي ڇڏيو آهي، پوليس جا ڌاڙيلن جي ٻِرن ۾ وڃڻ کان ئي پَر سڙن ٿا، ٿيڻ ائين گهرجي ته جنهن حد مان اغوا ٿئي اتان جي ايس ايڇ کي گرفتار ڪري لاڪپ ۾ رکيو وڃي. گل حسن شر لکيو ته ڌاڙيل راڄ خلاف ڪارائتو آپريشن ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج کان مدد ورتي وڃي جيئن ڇوٽو بکراڻي گينگ خلاف پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪري ان کي انجام تي پھچايو ھيو ھاڻي ان ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ اھوئي واحد رستو بچيو آھي جيڪڏھن زميوار سردار آھن ته انھن کي ايترو اسپيس ڇو ڏنو ويو آهي، محسن ملاح لکيو ته جيڪڏهن رڳو مقامي پوليس ڀرپور ڪوشش ڪري ته اهي ٻار بازياب به ٿي سگهن ٿا ۽ ڪا اغوا جي واردات به نه ٿيندي، باقي اڄڪلھه اغوا، چورين، ڦرون، قتلاعام روز جا قصا بڻجي چڪا آهن، مختيار مولائي لکيو ته اسين ھر روز چوندا آھيون معصوم ٻارڙن توڙي مسافر مزدورن کي اغوا ڪندڙن جا اصل زميوار تڪ جا چونڊيل نمائندا جيستائين گرفتار نه ٿيندا تيسين اھي اغو قتل چوريون ڦرون ڌاڙا ڪڏھن به بند نه ٿيندا. منظور ڪنڀر لکيو ته ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏيندڙ اهي ڀوتار آهن جيڪي نٿا چاهين ته سنڌ ۾ امن امان برقرار رهي. عبدالحئي مير لکيو ته ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙ اسانجا ايم پي ايز ايم اين ايز ۽ ڀوتار آھن جيڪي اهڙيون نرسريون پيدا ڪن ٿا، مون جڏهن هڪ نامي گرامي انعام يافته ڏوهاري کي پوليس جو باڊي گارڊ ڏٺو ته پريشان ٿي ويس ۽ پوءِ پڪ پيم ته هي ڀوتار ئي انهن کي خلقڻهار آھن، رياست کي ان ناسور کي ختم ڪرڻو آھي ته بيرحم آپريشن ڪيو وڃي. غلام رسول چانڊيو لکيو ته سڌي ڳالھه آھي ته ان جا ذميوار وزير اعليٰ سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ پوليس آهن..هڪ اعتبار جوڳي ذريعي وٽان ايتري قدر به معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان آرمي اپر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي پيشڪش ڪئي پر آ پوليس اها قبول نه ڪئي ، لطف سنڌي لکيو ته امن امان جي صورتحال جو ذميوار اهو وڏيرو آهي جيڪو اسيمبلي ۾ ويهي ٻڙڪ به نه ڪڍي، اڃان ويتر پوليس کي روڪي ته ڦلاڻو سهولتڪار ڇو گرفتار ڪيو اٿو، حافظ عبدالفتاح سومرو لکيو ته ڪچي ۾ آرمي آپريشن ڪري هڪ ڏينهن م مسئلو حل ٿي ويندو پر اسان جي حڪومت ائين ڪندي ڪونه، دليپ آزاد لکيو ته انهن ڌاڙيلن سان حڪومتي ادارن جا ماڻهو ملوث آهن جيڪڏهن حڪومت چاهي ته منٽ ڪري ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ، فقير ولايت حسين لکيو ته جيڪڏھن وڏيرن ڀوتارن کي ايس ايس پي گرفتار ڪن جوا جا اڏا بند ڪرائين ته سڀني ڏوھن جي روڪ ٿي ويندي وڏيرن کان اسيمبلي ميمبرن جو سيٽون کسيو سڀ ڪجھه ظاهر ٿي ويندو، فتح محمد ڪلهوڙو لکيوته اغوا ڦرون روز جو معمول آھي زميوار اسانجي سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت آھي ڌاڙيلن سان به پوليس ظلم ڪيو آھي ڌاڙيل چون ٿا ايس ايس پي تنوير تنيو کي بدلي ڪريو ته امن ٿي ويندو ڌاڙيلن جو اهو به موقف آھي ته اسان زمين آباد ڪئي آھي جيڪا سنڌ حڪومت وڏيرن سان ملي ڪري پوليس ٽارگيٽ ڏنو آھي ته ڌاڙيل آهن ڪچي ۾ هڪ دفعو ايس ايس پي کي هٽائي ڏسن امن ٿئي ته ٺيڪ نه ته اتان جي سردارن ۽ ننڍن وڏيرن کي سوگهو ڪن اهي سڀ مليل آهن اسانجي رائي آھي ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس سردار وڏيرا زميوار آھن انهن معصومن جي اغوا ۾، انهن کي سزا ڏني وڃي ۽ اهڙو حڪم جاري ڪيو وڃي ته جنهن جي حد مان ماڻھون اغوا ٿيو ته اتان جو زميوار آفيسر وڏيرن ۽ سردارن کي گرفتار ڪيو ويندو سڀ کان پهريان ايس ايس پي کي هٽايو وڃي. بشير ميراڻي لکيو ته رياست ۽ حڪومت ذميوار آهي، باقي روڪڻ لاءِ قانون جي ضرورت آهي جيڪو اسان وٽ ته ناهي. شرف الدين ڪيريو لکيو ته  ان معاملن جي زميواري حڪومت وقت ۽ سڪيورٽي جي ادارن جي آهي اھي جي اگر سچائي ڪن ته اهڙا واقعا ئي پيش نه اچن، ممتاز سميجو لکيو ته سنڌ حڪومت ٻئي گدرا مُٺ ۾ رکڻ چاهي ٿي رياست به سنڌ جي معاملن ۾ غير ذميوار آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته جڏهن قانون غريبن کي ڇڏي سردارن حڪمرانن ۽ ڪرپٽ آفيسرن تي لاڳو ٿيندو ته گھڻين برائين جي جڙ ڪٽجي ويندي. اياز چانڊيو لکيو ته اياز چانڊيو لکيو ته سنڌ جي اندر اڪثر پوليس اهلڪار مقامي هجن ٿا جيڪي ڌاڙيلن جي خوف کان مخبري ڪري رهيا آھن ۽ ڦل فراءِ جي صورت ۾ ڏنڊ ڀري چڪا آھن اهڙي صورتحال ۾ پوليس ڇا ڪندي . پوليس اهلڪار جي ڊيوٽي ضلعي کان ٻاهر هجڻ گهرجي ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ فوجي آپريشن ڪرائي ڌاڙيلن ۽ سندن سهولت ڪارن جو خاتمو ڪيو وڃي . مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته افسوس، اسان جي ملڪ ۾ معصوم ٻارڙا به محفوظ ناھن نه قيامت آئي نه آسمان ڦاٽو، حقيقت ته اها آھي نه قانون آھي نه حڪومت آھي نه حڪمران آھن انھن کي ڪرسي جي جھيڙي مان واندڪائي ملي ته عوام لاءِ سوچين ھن کانپوءِ ٻي ڪھڙي قيامت ايندي. راشد رولاڪ لکيو ته ڌاڙا, اغوا واقعا به حڪمرانن ۽ پوليس جي منصوبي بندي جو حصو هوندا. رياست عوام جي لاءِ ڀرجهلو ٿي بيهي تي ٻارن کي اغوا ڪرڻ جي ڪير به جرئت نٿو ڪري سگهي. پوليس پاڻ ۾ سڌارا آڻي ته اغوا ڪار به ختم ٿي سگهن ٿا. عبدالرحمان چانگ لکيو ته سنڌ پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي خيرپور ضلعي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون هيون اهي ئي ناڪارا ٿي ويون جيڪڏھن سي سي ٽي وي هجي ها ته ڏوهارين جو پتو پئجي سگهي آ پوليس جڏھن چاهي امن ٿي سگهي ٿو، خاموش خليل شر لکيو ته ان حد جا ايس ايڇ اوز ذميوار آهن، بشير ميراڻي لکيو ته ذميوار رياست ۽ حڪومت آهي، اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون هئڻ گهرجي پر ھتي قانون نالي ڪا شئي ناهي. محمد پڃل ملاح لکيو ته ناڪارا پوليس جيڪي گھر ٽنڊڻ ماڪوڙي کان ڊڄن ٿا انهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪري عوام جي ڪنڌ ھنيون وڃي ٿو، جي آر چانڊيو لکيو ته ذميوار سنڌ پوليس آهي ۽ چونڊيل نمائندا ذميوار آهن. سنڌي علي گل شيخ لکيو ته جيڪڏهن وڏيرا ڀوتار پوليس ڌاڙيلن جي پٺ ڀرائي نه ڪري ته سوال ئي پيدا ناهي ٿيندو جو ڪوئي اغوا ٿئي، هن وقت به ڪيترائي ڌاڙيلن وٽ قيد آهن ان جا ذميوار ڪجهه پوليس اهلڪار ڪجهه وڏيرا شامل آهن. نثار لغاري لکيو ته پوليس هن سموري عمل ۾ ملوث آھي اها روڪي به سگهي ٿي، نديم عمراڻي لکيو ته زميوار رياست آهي جيڪي ھٿ سان اھڙا عمل ڪرائي ٿي ايتري قدر جو ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار ڏئي سنڌ پوليس کي به مارائي ٿي، لال بخش بوزدار لکيو ته ذميوار رياست ۽ ڪجھه وارثن جي ڪوتاھي اغوا وارداتن کي پوليس جي شعبي ۾ بھتري آڻي روڪي سگھجي ٿو.ساگر امير حيدر لکيو ته سياسي اثر رسوخ ۽ ڀوتارڪو نظام ذميوار آهي، نارائڻ سنڌي لکيو ته بس نااهل حڪمرانن جي حڪمراني جي ڪري معصومن جي زندگين سان رهزن پيا کيڏن، جڳت دان ديول لکيو ته رياست چاهي ته پن به چوري نٿو ٿي سگهي، محمد ميرڻ جکراڻي لکيو ته حد جا وڏيرا ذميوار آهن، شاهد شر بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن غريب کي اغوا ڪن پيا پوليس خالي تماشو پئي ڏسي انهي جي ذميوار پوليس ۽ حڪومت آهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته رياست جي لاپرواهي سبب اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن، گلشير سومرو لکيو ته پوليس ۽ وڏيرا زميوار آھن، نادر ابڙو لکيو ته سموري سنڌ بد امني جي ور چڙهيل آهي قانون جي رٽ کي ڏوهاري چيلينج ڪندا رهن ٿا پر پوليس خبر ناهي جاري ڪيل بجيٽ ڪٿي خرچ ڪري رهي آهي، موهن لال لکيو هت ڪچي ۾ ويٺل ڌاڙيلن جا ساٿاري پڪي جا ڌاڙيل ڀوتار ۽ نمائنده آهن بغير ڪنهن سفارش جي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو وڃي، نصرالله لاشاري لکيو ته سنڌ ۾ ننڍڙن ٻارن توڙي ڪنھن به شھري جي اغوا جي مک زميوار سنڌ حڪومت آھي جيڪا ڌاڙيلن جي سھولتڪار سردارن خلاف ڪوبه ايڪشن نه ٿي وٺي. مولائي راحب تنيو لکيو ته ڪجھه پوليس جون ڪاريون رڍون شامل آهن، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور کي گهرجي ته مڪمل جاچ ڪري پهريان ملوٽ پوليس اهلڪارن کي فارغ ڪيو وڃي، تاج محمد لکيو ته ذميوار ڀوتار آهن، وشال رٻاري لکيو ته جتي قانون ڪاغذن جي ٽڪرن تائين محدود هجي عدالتن جي اندر قتلام ٿين ٿا، منظور احمد لولائي لکيو ته ڌاڙيلن کي هٿيار فراهم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، شاهه محمد بلوچ لکي وته سنڌ ۾ 1980 واري ڏهاڪي کان وٺي ڌاڙيل راڄ اڄ به قائم آهي، گورنمينٽ اگر غور ڪندي ته ڌاڙيل راڄ ڪجهه به ناهي پوليس کان ڪم وٺڻ موجوده سرڪار جو ڪم آهي، عامر علي لکيو ته ذميوار وڏو وزير آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته پوليس ۽ حڪومت جي نا اهلي آهي.امين چنا لکيو ته پوليس ذميوار آهي، عبدالوحيد چنا لکيو ته سنڌ ۾ اغوا ٿيڻ وارن واقعن جا اصل ڪردار وڏيرا ڀوتار ۽ رئيس آھن، مهتاب سولنگي، محمد فياض وساڻ، منٺار لغاري، شيخ صاحب، رشيد بلوچ، عدنان خان، علي شاهه ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.