سوال/سروي … سنڌ ۾ شديد گرمي باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين منهن ڪڍيو، اسپتالن ۾ ڪا سهولت ناهي: عوام

0
313

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ شديد گرمي باوجود بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، گيسٽرو سوڌو  مختلف بيماريون پکڙجي ويون، ڇا اوهان جي علائقي ۾ سرڪاري اسپتال ۾ علاج جي بهتر سهولت موجود آهي؟ جنهن تي اڪثر  ماڻهن بجلي جي لوڊشيڊنگ جون دانهون ڪندي چيو ته اسپتالن ۾ ڪي به بنيادي سهولتون ناهن، گيسٽرو ۽ ٻيون بيماريون وڌي ويون آهن جنهن لاءِ اسپتالن ۾ ڌار وارڊ قائم ڪرڻ گهرجي ۽ عوام ۾ آگاهي مهم به هلائي وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور زرداري لکيو ته بجلي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 6 ڪلاڪ ھلي ٿي، پي پي ايچ آءِ بي ايچ يو ۾ شامل اسپتال ۾ دوائون پوريون نٿيون ملن، اسپتال جو عملو رڳو 4 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪري ٿو اسپتال ۾ ڪا به سهولت ميسر ناهي، عظمت الله ٻرڙو لکيو ته ڪنڌرا ۾ به لوڊشيڊنگ جو وڏو آزار آهي، ڪنڌرا شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گيسٽرو ارڙي، نمونيا، ۽ مليريا ڪر کنيو آهي، جنهن سبب ست معصوم ٻار بيماري جو کاڄ بڻجي ويا اسانجي علائقي ڪنڌرا ۾ سول اسپتال موجود ته آهي پر افسوس سان اسپتال صرف نالي ماتر آهي عملو موجود آهي پر دوا نه ملندي مريضن کي دوائون پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تان وٺڻيون ٿيون پونديون آهن. محمد اسلم لکيو ته ڀان سيد آباد ڀان جو رورل هيلٿ سينٽر بلڊنگ ڏسڻ سان صفا ڀلو نظر ايندو پر دوا پينا ڊول به نه ملندي، خاموش خليل شر لکيو ته فيض گنج ڪرونڊي ۾ گذريل طوفان جهڪ سبب بجلي نه هجڻ ڪري هتان جا ماڻھو گرمي سبب گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا هيا جن کي مختلف اسپتالن ۾ ايڊمٽ ڪيو ويو آھي پر ڪرونڊي ۾ عوام سان غلط ورتاءُ ڪيو ويو ڪا دوا نه ڏني وئي، دليپ آزاد لکيو ته سفارشي ڪلچر تباھي ڪري ڇڏي آهي ڪافي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڊيوٽي نٿا ڪن ۽ ڪافي اسپتالن ۾ اسٽاف جي کوٽ پڻ آهي، محمد مختيار آريسر لکيو ته ڊسٽرڪٽ عمرڪوٽ يوسي ڍوروناري جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ ساڊر سان منهنجو تعلق آھي منهنجو ڳوٺ ڊسٽرڪٽ عمرڪوٽ جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺن مان هڪ آهي هتي صحت جي ڪابه سهولت ناهي ڪوبه سرڪاري اسپتال ته پري جي ڳالھه آھي پر هڪ ڊسپينسري به ناهي هنن شديد گرمين جي ڏينهن ۾ ڪيترا ئي ماڻھون گيسٽرو ۽ هيٽ اسٽروڪ جو شڪار ٿين ٿا پر ضلعي انتظاميه ڪوبه اقدام ڪرڻ لاءِ تيار ناهي منهنجي گورنمينٽ سنڌ کان اپيل آھي ته اسان جي سار لڌي وڃي، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته بيسڪ هيلٿ يونٽ ٻيلو ۾، ڏينهن جو ماڻھو بخار جي گوري ۽ انجيڪشن تي گذارو ڪري ٿو وڃي پر رات جي وقت سول اسپتال سجاول يا ٺٽي پهچڻ لاءِ مريض وٽ گاڏي جو ڪرايو به ناهي هوندو اگر ضلعي جي هيڊڪواٽر اسپتال پهتو به، ته پرائيويٽ اسٽور جي پرچي سندس آجيان ڪندي، شنڪر لال لکيو ته ھن وقت تائين حڪومت ۽ انتظاميا طرفان ڪو به انتظام نه هجڻ جي برابر آهي، مراد علي لکيو ته سنڌ ۾ گرمي جي شديد لھر باوجود بجليَ جي لوڊ لوڊشيڊنگ تمام گهڻي وڌي وئي آهي سيري جي صحت مرڪز ۾ سھولتون ڪونهن غريب ويچارا خانگي ڪلينڪن تي علاج ڪرائن ٿا، موهن لال لکيو ته اسان جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ پي پي ايڇ آءِ جي سهڪار سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي پر آبادي جي تناسب سان بيسڪ هيلٿ يونٽ 2 وڳي کانپوءِ بند ٿيو وڃي پوءِ مريض پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي، تازو ئي رورل هيلٿ سينٽر جي بلڊنگ تيار ٿي آهي پر ايس اين اي منظور نه ٿيڻ سبب 6 ڪروڙ جي لاڳت سان ٺهيل بلڊنگ زبون حال جو شڪار ٿي رهي آهي. لياقت بلوچ لکيو ته اسان وٽ کيسانه موري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تمام گهڻي آهي، 24 ڪلاڪن ۾ صرف 6 ڪلاڪ هلي ٿي باقي سرڪاري اسپتال صحيح آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته اسان جي شهر شڪارپور جي اسپتالن ۾ ڪجهه سهولتون ناهن، ايمبولينس جي سهولت ناهي دوائون نه ٿيون ملن ، شڪارپور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ به ختم ڪئي وڃي، بشير ميراڻي لکيو ته اسان جي ضلعي سجاول کي 2013 ۾ ضلعي جو درجو ڏنو ويو آهي پر اڃان تائين ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جو درجو ناهي مليو، بجيٽ ايندي آهي پر صرف ڪاغذن ۾، علاج جون ڪي به سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن، عوام ساڳي سورن ۾، باقي بجلي 24 ڪلاڪن مان صرف 3 ڪلاڪ هوندي آهي، ثناءُالله چنا لکيو ته اسان جي تعلقي ٺري ميرواهه جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود هوندا آهن پر دوائون نٿيو ملن غريب مريضن کي دوا اسٽورن تان وٺڻي پوي ٿي باقي بجلي ته ٻوڏ کان وٺي اسان وٽ آئي نه آهي ڳوٺ ميهر چنه سميت پنجاهه کان مٿي ڳوٺ پٿر جي دور واري زندگي گذاري رهيا آهيون، اشفاق چانڊيو لکيو ته نصيرآباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران بجلي 2 ڪلاڪ ٿا ڏين، اسان جي تعلقي نصير آباد ۾ ڪنهن شئي جي به سهولتون ناهي غريب ويچارا پريشان آهن سرڪاري اسپتال ۾، احسان عيسيٰ لکيو ته سجاول کي ضلعي جو درجو مليو آهي، ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر جي عاليشان اسپتال ۾ ٻين وڏين بيمارين جو علاج ميسر ڪڏھن به ناھي پر گيسٽرو تمام وڌي وئي آهي ڪالھه به ھڪ لاچار ٻار گيسٽرو جو شڪار ٿي ويو ھتان جا چونڊيل نمائندن کي ضلعي جي چئرمين جي سيٽ تي پاڻ ۾ اٽڪيا پيا آھن عوام ھيلٿ پاڻي جو ڪو لاچار ناھي ھنن کي، ظهور خاصخيلي لکيو ته بجلي غائب هوندي آهي سرڪاري اسپتالن ۾ سهولت ناهي، شاهد ڏاهري لکيو ته ڀريا روڊ شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪا به سهولت ناهي بجلي نه پاڻي نه ئي ڊاڪٽر آهن دوا به من پسندن کي ڏني وڃي ٿي، ممتاز سميجو لکيو ته لُڪ گرمي جي ڪري گيسٽرو ساڻ ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجن ٿيون پر علاج لاءِ سرڪاري اسپتال ۾ سُک لڀي ڪونه ٿو، ساجد اقبال لکيو ته سرڪاري اسپتالن جو عمارتون ڀليون ٺھيل آھن پر علاج لاءِ ڪو خاص انتظام ناهي، شفيع ملاح لکيو ته ٺري ميرواهه جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي دوائون اڻلڀ آهن غريب ماڻهو کي صحت جي ڪا به سھوليت ميسر ناهي، مجيب الرحمان لکيو ته ڪابه اسپتال ويجھو دريا خان مري .يوسي بانبري ۾ مريضن لاءِ ميسر نه آھي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته وڳڻ جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آھي ڪابه سهولت ناهي غريب هڪ ٽڪي لاءِ به پريشان آھن. رات جو ايمرجنسي ۾ ڪوبه ڊاڪٽر ناهي هوندو، ذوالفقار علي لکيو ته سنڌ ۾ واحد بيسڪ هيلٿ يونٽ ٻيلو آهي جتي غريبن جي 24 ڪلاڪ فري ۾ ايم آر آءِ ڪئي ويندي آهي، محمد بچل شر لکيو ته ٺري ميرواھ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر مريض کي دوا نٿا ڏين، ايم شعيب چانڊيو لکيو ته ميروخان شھر مان لاشاري فيڊر مٿان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، راجو ٺڪر لکيو ته ملڪاڻي شريف ۾ اسپتال ۾ تمام بھترين علاج آھي، ظفر گاڏهي لکيو ته جوھي اسپتال ۾ توھان کي پيناڊول جي ٽيبليٽ ڪونه ڏيندا بجلي 24 ڪلاڪن مان 6 ڪلاڪ ھلي ٿي، شڪيل احمد لکيو ته گرمين ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت وڌي ويو آهي، سرڪاري اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ ۽گيسٽرو بابت الڳ وارڊ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي آگاهي لاءِ به مهم هلڻ گهرجي، عطاءُالله جروار لکيو ته ٻه پيناڍول ٻه پيراسٽامول، علاج هلي پيو سڄي سنڌ ۾، قلندر بابا، سنتوش ڪمار به سروي ۾ حصو ورتو، نقاش پيرزادو لکيو ته علاج تي پري جي گالھ آھي بيناڏول گوري مشڪل سان ملندي آھي، اسانجي ڪنڊيارو شھر م لوڊشيڊنگ جي ڪري اسپتال ۾ ايڪسري جي سهولت به ناهي ملندي دوا به ٻاهران وٺڻي پوندي آهي، توفيق احمد لکيو ته گرمين ۾ لوڊ شيڊنگ جو وقت وڌي ويندو آهي اسپتالن ۾ گيسٽرو جو ڌار وارڊ ٺاهڻ گهرجي، منٺار علي لغاري لکيو ته اسان جي شھر ڳڙھي خيرو ۾ عوام لاءِ سول اسپتال ۾ ايتري شديد جي گرمي جي موسم ۾ ٿڌي پاڻي جو ڪولر به ناهي هوندو ، رهي ڳالھه علاج جي ته صرف ۽ صرف مريض کي پينادول گوري ۽ ، بخار جو شربت پياريندا آهن ، اويس خان سونو راڄپر لکيو ته منهنجو تعلق ضلعي نوشهروفيروز جي ننڍڙي ڳوٺ وليڏنو راڄپر سان آهي اسان جي ڳوٺ جي آبادي 120گهر آهي 4سال اڳ سنڌ ۾ جهڪ آئي جنهن سبب ڪجهه پول ڪري پيا جنهن سبب واپڊا جي نوشهرو جي نااهلي اها آهي جو اڃا تائين بجلي بحال ناهي ڪئي وئي آخر ڪهڙو جرم آهي سنڌ واسين جو، بخت حسين به سروي ۾ حصو ورتو، فرحان ملڪاڻي لکيو ته ملڪاڻي شريف ۾ بجلي جي 20 ڪلاڪن تائين جي لوڊ شيڊنگ خلاف اڄ نوجوانن، شھرين، واپارين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي احتجاجي مظاھرو ڪري پنگريو جھڏو روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو. منير خان سومرو لکيو ته ڦلجي اسٽيشن ضلع دادو ۾ واپڊا جا پرائيويٽ ملازم رکيل آهن جيڪي غيرقانوني ڪنيڪشن ڏين ٿا، بجلي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 3 ڪلاڪ هلي ٿي، صحت مرڪز ۾ دوائون ئي ناهن ملنديون، شازيه ڪي زيڊ لکيو ته ٽنڊوالهيار اسپتال ۾ ڪي به سهولتون ناهن، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته اسان جي تعلقي ٺل جي بجيٽ ۽ علاج صرف ڪاغذي ڪاروائي لاءِ هوندو آهي دوائون خوشامند وارن لاءِ موجود آهن ٺل شهر اندر بجلي جو نظام مڪمل تباهه آهي 24 ڪلاڪن مان صرف 8 ڪلاڪ بجلي ڏئي رهيا آهن،محمد حسين لکيو ته سرھاري ۾ بجلي 24ڪلاڪن صرف6ڪلاڪ آهي باقي اسپتال ۾ سهولت ناهي، لال بخش بوزدار لکيو ته اسان جي علائقي صدرجي ڀٽيون ۾ بجلي 24 ڪلاڪن ۾ چار ڪلاڪ به نٿي ھلي سرڪاري اسپتال ۾ پيناڊول جي گورين کانسواءِ ٻي دوا نٿي ملي. عبدالوحيد چنا لکيو ته ڪنڊيارو ۾ لوڊ شيڊنگ جو آزار آھي ايڪسپريس فيڊر تي به لوڊشيڊنگ جو سلسلو برقرار آھي صحت جي حوالي سان تعلقي جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج نالي ڪابه سھولت نه آھي تعلقه اسپتال ۾ ايمرجنسي وارڊ ۾ علاج لاءِ ويندڙن کي ھڪ سرنج تائين به ميسر ناھي ۽ دوائون مجبورن ٻاھران وٺڻيون پونديون آھن، ميان داد لکيو ته ڪنڌڪوٽ سول اسپتال علاج نالي ڪا شي آهي ئي نه، غريبن کي گيسٽرو پري جي ڳالھه آھي بخار جو دوا نٿي ملي، جاويد علي به سروي ۾ حصو ورتو.