سوال/سروي … سنڌ کي هٿ سان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻوڙيو ويو، صوبائي حڪومت، ڪامورا ۽ اسيمبلي ميمبر ذميوار آهن. قدرتي آفتن جو ڪو به ذميوار ناهي هوندو: عوام جي راءِ

0
433

 سنڌ جي عوام جي وڏي اڪثريت سنڌ ۾ برساتن بعد ٿيل ٻوڏ جي تباهي کي سنڌ جي حڪومت، حڪمران پارٽي، پارٽي سان واسطو رکندڙ بااثر قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرن ۽ ڪامورا شاهي کي ذميوار قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته امدادي رقم ڦٻائڻ ۽ دنيا کان قرض وٺڻ، ورتل قرض معاف ڪرائڻ لاءِ سنڌ کي هٿ سان ٻوڙيو ويو. ڪجهه ماڻهن جي راءِ هئي ته سنڌ سان گڏ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به تباهي آئي آهي ڇا اتي به ماڻهن کي هٿ سان ٻوڙيو ويو آهي. ڪجهه ماڻهن وري چين، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ آهن ٻوڏ جا به حوالا ڏنا ته اتي آيل ٻوڏ تي ڇا چيو ويندو؟ ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج لاءِ فيص بڪ تي سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ بيان ڏنو آهي ته سنڌ ٻڏي ناهي پر هٿ سان ٻوڙي وئي آهي: حليم عادل شيخ جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جيڪڏهن سنڌ ٻوڙي وئي آهي ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ان جي جواب ۾ سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ جو ھر شعور وارو چھرو نه صرف اھا ڳالهه ڪري پيو پر سنڌ جو ھر ماڻھو سنڌ کي ھٿن سان ٻوڙڻ جو اکين ڏٺو گواھ آھي. حيدرآباد مان عبدالغفور سروهي لکيو ته ماشا الله حليم عادل شيخ به ننڊ مان اٿيو آهي ڇا؟

سنڌ ٻڏي نه ٻوڙي وئي آهي، اها ڳالهه ته خلق پهرئين ڏينهن کان ڪري پئي، شيخ ڇو تڪليف ڪئي؟ سياستدان ڪجهه ڪندا به يا رڳو ٻڌل خبرون ٻڌائيندا؟ سنڌ حڪومت سان گڏ اپوزيشن جماعتون به ان ڏوهه ۾ برابر جون شريڪ آهن.گل حسن شر لکيو ته ڪنھن ٻوڙي آھي ھيتري ساري برسات پئي ھي سياسي پروپيگنڊا جو حصو آھي. ھن جي ڳالھين کي سنجيده وٺڻ جي ضرورت ناھي ذميوار سمنڊ ۽ بادل، مون سون، موسم ۽ ماحولياتي تبديلي آھن قدرتي آفتن جو ڪير به ذميوار ناھي ھوندو اوهان جي پسند لکيو ته 95 سيڪڙو متفق آهيون ان ڳالھه سان. ارشاد کوسو خيرپورناٿن شاهه مان لکيو ته واقعي حليم عادل درست ٿو چوي سنڌ ٻڏي ناهي ٻوڙايو ويو آهي سنڌ سرڪار ۽ تڪ جي نمائندن ملي ڪري سنڌ کي تباھ ڪيو آهي. مدن لعل مهيشوري لکيو ته جي ها زيروپوائنٽ تي بند ٻڌل آهي. پاڻي جا قدرتي لنگهه کولرايو سنڌ سڄي ڪليئر ٿي ويندي. حاجن رند لکيو ته ان جي ذميوار سنڌ سرڪار ۽ مراد علي شاھ آهي. شنڪر لعل لکيو ته بلڪل حليم عادل شيخ جي ڳالهه درست آهي ۽ ھن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي. امجد خان تيوڻو لکيو ته شيخ صاحب صحيح ٿو ڇوي اسان جي ميھڙ کي به ھٿ سان ٻوڙايو ويو آھي. سپريو بند واري موري تي جي وقت سر ميشنري موڪلي وڃي ھا ته ايڏي تباھي ڪانه ٿئي ھا ميھڙ ۾ ٽوٽل 500سو ڳوٺ تباھ ٿي ويا ھن ٻوڏ جي ڪري. حاڪم علي ڪٽوهڙ ڳڙهي خيرو مان لکيو ته حليم عادل شيخ جو بيان بلڪل سچ آهي سنڌ کي هٿ سان ٻوڙيو ويو آهي. ذميوار پيپلزپارٽي وارا آهن. شنزيل طيباڻي ميمڻ لکيو ته حليم عادل شيخ ڪوڙو آهي. فضل سبزوئي لکيو ته بلڪل حليم عادل شيخ صاحب جو بيان حقيقت تي ٻڌل آهي سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙايو ويو غريب ماڻهن جي ملڪونتون تباھ ڪندڙ پيپلز پارٽي زرداري ليگ آھي. مهاوير ٽيڪواڻي مٺي مان لکيو ته بلڪل حليم آدل شيخ صحيح چوي پيو سنڌ کي ھٿن سان ٻوڙي ويو آھي. سليم اختر چيو ته درست چوي پيو. جوشيلو ٿهيم لکيو ته سنڌ کي تباهه ڪرڻ وارا سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل آھن.

سيد احمد شاهه لکيو ته بلڪل اھا ڳالھه درست آھي حڪومت کي ڪو متبادل رستو ڪڍي پاڻي نيڪال ڪرائڻ کپندو ھو جنھن جي ڪري ھيترو نقصان ٿيو آ اھا حڪومت جي لاپرواھي آ. نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته جي بلڪل اها حقيقت آ ته سنڌ کي هٿ سان ٻوڙيو ويو آھي. سنڌ کي ٻوڙڻ جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ زرداري مافيا آھي. علي اڪبر چانڊيو حيدري لکيو ته بلڪل ٻوڙي وئي ذميوار سنڌ گورنمينٽ آھي. ظفر رئيس امان الله رند لکيو ته حليم عادل جو بيان بلڪل درست آھي انهي جا ذميوار سنڌ حڪومت ۽ منڍ جا زميندار آھن جن پنهنجا فصل ۽ ٻنيون بچائڻ خاطر سنڌ کي ٻوڙيو. عبدالرحمان چانگ لکيو ته سنڌ ٻوڙي وئي آهي ان جي ذميوار پ پ حڪومت آ. الياس سمون لکيو ته حليم عادل شيخ جي ڳالھه بلڪل درست آهي ھر ماڻھو چوي ٿو عالمي ميڊيا به چوي ٿي سنڌ سرڪار جي نااهل حڪمرانن سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙي تباهه ڪيو آهي. اياز علي راهوجو چيو ته  اھا حقيقت آھي. انيس معاويه جتوئي لکيو ته بلڪل حقيقت آ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سچ پيو چوي پي پي پي وارن سنڌ ھٿ سان ٻوڙائي آهي مال ٺاھڻ جي چڪر ۾ 2023 واري اليڪشن کٽڻ جي لاءِ. غلام مهدي عمران ڀٽو لکيو ته حليم عادل سان سهمت آهيان. زاهد خان باجڪاڻي لکيو ته بلڪل اصل حقيقت اھا آهي ته سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙايائون. نعمت الله خان نوهڙي لکيو بلڪل حقيقت آ پاڻي جي قدرتي لنگھه کولرايا وڃن ۽ شهرن ۾ ناليون هجن ته ائين سنڌ نه ٻُڏي ها. فيض ايم فيض سهتو لکيو ته بلڪل سچ چوي ٿو. احسان علي چانڊيو لکيو ته سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙايو ويو آ. امام علي ڀنڊ ڪلائي لکيو ته سنڌجي پ پ حڪومت ڊالرڪمائڻ لاءِ سنڌکي ٻوڙايو. جمال الدين چنا لکيو ته بلڪل اها حقيقت آھي سنڌ کي زرداري مافيا هٿ سان ٻوڙيو آھي ۽ تباهه ڪيو آھي. جنيد زرين بلوچ لکيو ته ڪجھه مينھاڻي ڪجھه ريجاڻي. بچائي سنگهه تيجاڻي دوهات لکيو ته حقيقت آهي. وحيد ڄامڙو لکيو ته حليم عادل شيخ سراسر سچو آھي وسڪارن کي ھڪ مھينو گذري چڪو آھي پر ھن وقت تائين حڪومت ڪي جوڳا اپاءُ ناھن ورتا امير سنڌ جا ٻچا بنا اجھن جي دربدر ماني ڳڀي لاءِ ڌڪا ٿاٻا کائي رھيا آھن جنھن صوبي کي ڪوئلي تيل گئس سمنڊ جھڙي لاتعداد ملڪيت ھجي اتان جا ماڻهو دربدر آهن. عرفان جروار لکيو ته پيپلز پارٽي ان جي ذميوار آھي جيڪي 15سالن کان حڪومت ۾ آھن ٻوڏ ھر ڏھن سالن ۾ ايندي آھي پوءِ پاڻي جا لنگھه ڇو بند ڪيا ويا جتان پاڻي آساني سان سمنڊ تائين پھچي وڃي. سڌو پيپلز پارٽي ذميوار آھي. لياقت علي نوهڙي لکيو ته بلڪل انهي ڳاله ۾ وزن آهي سنڌ ٻوڙي وئي آهي جنهن جا بنيادي ڪارڻ ٻه آهن هڪ ته ڪو به سم نالن جو ڪم يا صفائي ناهي ٿي.

موسم وارن اڳ ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ته برساتون معمول کان وڌيڪ ٿينديون پر ڪنهن جي ڪن تي جونءِ نه سري نه ڪو اڳواٽ بندوبست ڪيو ويو نه ڪو مناسب گس ڏنو ويو. بشير احمد لکيو ته حليم عادل صحيح چيو آھي ۽ ھلندڙ برساتي پاڻي کي روڪي گڏ ڪري ڇڏيو ويو ۽ خاص ڪري جنھن اليڪشن ۾ منھن نه ڏنو ۽ ڪنھن جي زمينن کي بچائڻ لاءِ روڊن کي ڪٽ ھڻائي ڪيترائي علائقا ھٿ سان ٻوڙايا ويا ۽ سم نالي جي کاٽي نه ڪرائي وئي. مير حسن رند لکيو ته تيز طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جو اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو ويو پر ان هوندي به سنڌ حڪومت طرفان ڪابه بهتر حڪمت عملي نه جوڙي وئي وقت سر ڊرنيج سسٽم جو ناڪاره ٿيڻ ۽ ان کي فعال نه ڪرڻ جي ڪري يقينن اهو سمجهجي ته قدرتي آفتون پنهنجي جڳه تي آهن پر موجوده سنڌ ۾ ڪرپٽ سسٽم به ان جو ذميوار آهي. نعمت الله راهمون لکيو ته نيازي ملڪ ٻوڙيو غربت ۾ ان جو ڇا ٿيندو. اسد الله شاهه لکيو ته صحيح آهي پر هاڻي پاڻي ڪڍرايو، ماڻهو سردي ۾ وڌيڪ تڪليف ڏسندا. انهن جي اولاد کي به ائين روڊن تي آڻيو جن به تمام گهڻو ظلم ڪيو قبضا مافيا جو ڪم آهي. شهمير جمالي لکيو ته بلڪل سچ چيو اٿس حليم عادل ته ڇا سنڌ جو ٻچو ٻچو ان ڳالھه کان واقف آھي ته سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙيو ويو آھي. حاجي خان پنهور لکيو ته سنڌ حڪومت جيڪا مسلسل پندرنهن سالن کان رڳو ڪرپشن جي ماهر نڪتي. سم نالن جي صفائي نه ڪرائي وئي دريائي وهڪرن کي هٿ وٺي ڪٽ ڌياريا ويا پنهنجون زمينون بچائڻ خاطر سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙايو ويو آهي. سيلرو عرفان لکيو ته ڪالهه به چيو هو اڄ به چوان ٿو سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙايو ويو ته جيئن عالمي ادارن کان خيرات وٺجي ۽ قرضن ۾ ڪجهه نرمي ڪرائجي. علي اڪبر چنا ڀان سيد آباد کان لکيو ته جي بلڪل صحيح ٿا چئو زرداي مافيا ھٿ سان ٻوڙيو آ ۽ تباھ ڪيو آھي سنڌ کي. علي بخش چانگ لکيو ته پ پ پ حڪومت چاهي ها ته عوام جا اهنج گهٽ ڪري پئي سگهي پر امداد جي ڪڍ سنڌ هٿ سان ٻوڙائي وئي. عبداللطيف شر لکيو ته بلڪل درست چيو اٿس سنڌ کي فنڊ وٺڻ لاءِ ٻوڙيو ويو آهي. عباسي وڪي لکيو ته پنڻ جي چڪر ۾ سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي. ادا جاڳو غريبن کي امداد جي ضرورت ھئي ووٽ جو غلط استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو خدارا پ پ کي سنڌ ما پاسپورٽ ذريحي ٻاھر موڪليو. وقاص علي ملاح لکيو ته بلڪل حليم آدل شيخ صحيح پيو چوي ته سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙيو ويو آهي پر منڇر کي ڪاڏي خالي ڪن ھا؟

مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اوھان ميڊيا وارا نشاندهي ڪريو ته پاني ڪا پاني دوڌ کا دوڌ ٿي ويندو. خادم حسين کوسا لکيو ته بلڪل متفق سنڌ کي ٻوڙايو ويو آھي پر سنڌ کي ٻوڙڻ وارن جا پيرا کڻو پيرا ڪاڏي ٿا وڃن؟ هتي ڪامورا وڌيڪ طاقتور آھن صحيح نمومي سان حقيقتن کي ظاهر ڪرايو. محمد ڪاشف لکيو ته جي بلڪل سچ ٿو چوي حليم عادل. اسان جي سنڌ پياري کي برسات نه پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ ايم اين اي ۽ ايم پي ايز هٿ وٺي ٻوڙايو آهي. نه ته برسات ته ڪي پي ۽ پنجاب ۾ به پئي هئي اتي ايترو نقصان ناهي ٿيو. عمران سانگي لکيو ته ڇا بلوچستان ۽ پنجاب کي به پوءِ هٿ سان ٻوڙيو ويو آهي. ڇا چين ۽ ٻين ملڪن به هٿ سان ٻوڙيا ويا آهن. اهو سڀ ڪوڙ آهي اهڙو ڪجهه ناهي ۽ ان کي پنهنجي پارٽي جا ماڻهو ئي اپوزيشن ليڊر نه ٿا مڃين ته ٻيا ڪيئن مڃيندا؟ عبدالسبحان سنڌي لکيو ته سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي سنڌ جي وچولي طبقي کي ڄاڻي واڻي تباھ ڪيو پيو وڃي. سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۾ رياستي پاليسي ۽ پپلز پارٽي شامل آھن. سروي ۾ منور علي ابڙوم حبدار علي وارث، دلدار علي جروار، راجا امداد علي نهڙيو، محمد يونس رستماڻي، نعمت الله لطيفاڻي ساند، لطيف کوسو، محمود مري، جاويد جمالي، مير معين ڏاهري، شوڪت بلوچ، بلال نهڙيو، شمن علي، راحيل احمد، ڪامران علي رند، دليپ ڪمار، افضل چانڊيو، تنها قادر شر، شعور دائودپوٽو، طارق حسين ڪٻر، ڪڙيو گهنور خبرون، حبيب الرحمان ڪيريو، امتياز بلوچ، شاهد شر بلوچ، عبدالخالق نهڙيو، جان جان جان، محمد اسماعيل لانگاهه، آڪاش پنهور، عبدالغني کوسو، سيد زمان شاهه، مير مرتضيٰ، فيصل خان، مهراڻ خان بلوچ، اڪبر ڪانڌڙو، علي بخش شر، انجنيئر سهيل احمد، امتياز کوسو، سڪندر علي، خادم حسين جمالي، نوڪر حسين ميمڻ، عبدالغفور جمالي، اسد انڍڙ ۽ محمد وارث به حصو ورتو.