سوال/سروي سنڌ کي سياسي ڏوهارين جو صوبو چوڻ وارو اسد عمر جو بيان رد سنڌ سرڪار رڳو سنڌ ۽ وفاقي حڪومت پوري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي: عوام

0
236

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ سياسي ڏوهارين جو صوبو آهي، ڪجهه اهڙا قدم کڻنداسين جنهن سان وفاق ۽ سنڌ سرڪار ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويندي، وفاقي وزير اسد عمر جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسد عمر پاران سنڌ کي سياسي ڏوهارين جو صوبو چوڻ جي مذمت ڪجي ٿي، باقي سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت ۾ ڇڪتاڻ وڌندي اهي هڪٻئي جا مخالف آهن، سنڌ حڪومت وارن سنڌ کي تباھه ڪيو ۽ وفاق وارن پوري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته مطلب اشتعال انگيزي کان ڪم ورتو ويندو، ڪارڪردگي زيرو باقي رڳو زور ڇڪتاڻ وڌائڻ تي آهي، گلشن چانڊيو لکيو ته سياسي حوالي سان تجزيو ڪجي ٿو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت هڪٻئي جا مخالف آهن ۽ هن محل تائين عوام کي نه سنڌ حڪومت ڪجهه ڏنو آهي ۽ نه ئي وفاقي حڪومت ڪو ٻوٽو ٻاريو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته بيانن ۾ جهيڙو هوندو، سڪندر علي لکيو ته اسد عمر صحيح چيو آهي، شاهد ڏاهري لکيو ته هي عوام کي ڏيکاءَ لاءِ الزام هڻي رهيا آهن، غلام محمد لکيو ته وفاق ڪجه ڪري ٿو ته هنن جون رڙيون شروع ٿيو وڃن هنن سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، تحسين رضا پنهور لکيو ته سنڌ سرڪار جي باري ۾ درست پيا چون، آصف علي چانڊيو لکيو ته اها ڳالهه درست آهي، صاحب خان رند به سروي ۾ حصو ورتو، نياز سومرو لکيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت مھانگائي، عوام دشمن پاليسين ۽ ناڪام پرڏيهي پاليسي کي پردو رکڻ لاءِ منصوبي تحت ھڪٻئي خلاف بيان بازي ڪري رھيا آھن،آسود مل لوهاڻا لکيو ته وفاقي وزير هرو ڀرو سنڌ کي نشانو بڻائي رهيا آهن، نماڻو نوناري لکيو ته رڳو سنڌ لاءِ ڇو پنجاب لاءِ به اهڙا بيان ڇو نٿا ڏين، سرفراز لکيو ته سنڌ ۾ ڪي به سهولتون ناهن، نجيب ڀٽي لکيو ته اسد عمر ڪير ٿيندو آهي جيڪو سنڌين لاءِ ايئن ڳالهائي، اسحاق بوزدار لکيو ته اسد عمر صحيح نشاندهي ڪئي آهي سنڌ ۾ بلڪل سياسي ڏوھاري آهن، جاويد احمد لکيو ته سنئين سڌي سنڌ کي ڌمڪي آهي، شنڪر باغي لکيو ته سڀني سياستدانن کي ڏوهاري چوڻ مناسب ناهي، شبير عالماڻي افسوس جو اظهارڪيو، عبدالڪريم ڀٽي لکيو ته پ پ سنڌ کي تباهه ڪيو آهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته وفاق۽ سنڌ حڪومت کي گڏجي ڪري عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻگ هرجي، ممتاز ڀٽي لکيو ته درست ڳالهه آهي، موهن لال لکيو ته ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ نيڪ نيتي جي اشد ضرورت آهي، اعجاز بجير لکيو ته الاهي ڇو هنن جي نظر ۾ صرف سنڌ صوبو آھي، مظهر عباسي لکيو ته اسد عمر کي سمجھڻ گھرجي ته سنڌ مان ئي چونڊيل نمائندو آھي، سڀاڳو خان انڙ لکيو ته رڳو سنڌ نه پر هر صوبي ۾ ساڳي صورتحال آهي. عبدالقادر عباسي لکيو ته سياسي ڏوھاري جتي ڪٿي آھن يقينن پنجاب ۾ به ھوندا، مجيب الرحمان لکيو ته ڪم انهن کان پاڻ کان نٿو ٿئي، لقمان کوسو لکيو ته اھاڳالھه سراسرغلط آھي سنڌ سچل، سامي، قلندر، ڀٽائي، سورھيا بادشاھ، مخدوم بلاول، سائين جي ايم سيد ۽ٻين بزرگن ۽ ھستين جو وطن آھي، عرفان سيلرو به سروي ۾ حصو ورتو، رضوان علي لکيو ته سنڌ ۾ پنهنجي مخالف کي هٽائڻ لاءِ پوليس جي مدد سان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندي آھي،امير نظاماڻي لکيو ته سنڌ حڪومت وارن سنڌ کي تباھ ڪيو ۽ وفاق وارن وري پوري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، عبدالهادي بڙدي لکيو ته سياسي ڏوهاري هر صوبي ۾ آھن، طارق باجڪاڻي لکيو ته اگر عمران سنڌ ۾ ڪرپشن، بيروزگاري ختم ڪري ته سندس ساٿ ڏبو، خالد ٿري لکيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آئي جي آھي، حبيب راڄپر لکيو ته اسد عمر جي اها ڳالھه ته سنڌ سياسي ڏوهارين جو صوبو آھي ان تي اسان سادا ماڻھو اهو چئون ٿا ته وفاق مھا سياسي ڏوهارين جي قبضي ۾ آھي، ڪاشف قدير لکيو ته سياسي تربيت جي کوٽ ۽ غيرتجربيڪار اهڙا بيان ڏيندا آهن، محمد خير سوهو، حاڪم ڪٽوهر، ساگر علي رضا، علم الدين بلوچ، زاهد ممتاز منگي، شهاب الدين صوفي، عمران ڀيو، راجيش ميگهواڙ به سروي ۾ حصو ورتو، محمد حسن ٻٻر، شبير شر، قربان ميراڻي، غلام رسول کوڙ، غلام رسول راهمون، عثمان پنهور به راءِ جو اظهار ڪيو، گلشير سومرو، شفقت حسين زئور، عبدالوهاب سنڌي، آصف علي حسيني ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.