سوال/سروي .. سنڌ پوليس پاڻ سياسي وڏيرن وٽ يرغمال، ڌاڙيلن وٽان مغوي آزاد ڪيئن ٿيندا؟ عوام جو ردعمل

0
240

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن پاران ڀنگ لاءِ اغوا بعد مغوين سان ڏاڍائي، وڊيو به وائرل ڪري ڇڏي، پوليس جي خاموشي سواليه نشان بڻجي وئي، ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته آءِ جي پاڻ مجبور آهي، پوليس پاڻ سياسي وڏيرن وٽ يرغمال آهي، ڌاڙيلن کي به وڏيرن، ڀوتارن جي پٺڀرائي حاصل آهي، ڌاڙيلن وٽان مغوي تڏهن آزاد نٿا ٿين، ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ان ڪري نٿي ٿئي، مغوين جي آزادي لاءِ اثرائتو آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ايم اعجاز سومرو لکيو ته جيستائين سنڌ ۾ سياسي ڌاڙيل ۽ سرداري نظام ۽ سنڌ پوليس کي جديد سهولتون مليل نه هونديون، ڪارروائي تي سياسي پريشر اچي و ڃي ٿو تيستائين هر روز ڪونه ڪو ماڻھو اغوا ٿيندو رهندو، اياز علي راهوجو لکيو ته ڪي ڪچي ۾رهندڙ ڌاڙيل ڪي پڪي جا ڌاڙيل ڪي وري پوليس ۾ لڪل ڌاڙيل عوام ويچارو ڪيڏانهن وڃي، افسوس آهي اھڙي حڪمراني تي، گل حسن شر لکيو ته قانون مفلوج آهي اهو اهم سوال آهي سرعام رياستي رٽ کي چيلنج ڪرڻ وارو هٿياربند ٽولو قانون کان ڪيئن زور آهي؟ فوج ۽ رينجرز جي نگراني ۾ آپريشن ڪيو وڃي، پرويز خاصخيلي لکيو ته پوليس کي سڀ خبر هوندي به اڻڄاڻ آهي ٻيو ته ايس ايس پي کي ايترو علم ئي ناهي ته ڪيئن مسئلا حل ڪجن ڪيئن بازياب ڪرائجن ماڻهو حصي پتي وارا آهن اهي سڀ، محمد يوسف سومرو لکيو ته وڏيرا شاهي جي سرپرستي آهي سنڌ جي ظالمن وڏيرن کان ته ظالم انگريز ڀلو هيو گهٽ ۾ گهٽ انصاف ته هيو، ايم علي عباسي لکيو ته ڌاڙيل ۽ سنڌ پوليس جا ايس ايس پيز حڪومتي با اثر ڪارندن جا ڪمدار آھن، ڪارندا پنھنجو اثر ۽ ڏاڍ برقرار رکڻ چاھين پيا، جنھن سبب ايڏي انسانيت سوز واقعي تي سندن اکين تي بيحسي جي پٽي ٻڌل آھي، نادر ابڙو لکيو ته سنڌ جي ضلعن ۾ ڏوهارين خلاف خاص طور تي رواجي ڪاروائيون ٿينديون آھن انڪري ڏوهارين پوليس جو پاڻي ڪڇي ڇڏيو آھي پوليس پبهنجو اثر رسوخ ڏيکارڻ بجاءِ سدائين ڏوهارين سان ڊيل ڪري ماڻھو بازياب ڪرايا آھن ڏوهارين خلاف ڪڏهن به اثرائتي ڪاروائي نه ٿي آھي انڪري ڏوهارين جو راڄ برقرار آھي، جنيد زرين بلوچ لکيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ جا سبب حڪومت ۽ وڏيرن جي پشت پناهي آھي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته قانون ڌاڙيلن آڏو بيوس آهي، ڏوهارين جي سرداري سپورٽ سان گڏ قانوني سپورٽ به آهي، بنا رعايت جي آپريشن ٿيڻ گهرجي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح هجي، علي گوهر سومرو لکيو ته ڌاڙيلن جا محسن اسيمبلين ۾ موجود آھن، عبدالجبار راڄڙ لکيو ته جڏهن ڌاڙيلن وڌيڪ ڏوهه ڪيا تڏهن پاڪ فوج نوٽيس ورتو، آپريشن ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جو عملو وزير اعليٰ مراد علي شاهه سان مليو ان وقت پاڪ فوج کي اهو چئي موڪلي ڇڏيائين ته اهو آپريشن اسان پوليس ذريعي ڪنداسون، فوج کي واپس موڪلي ڇڏيو ۽ ڪو به آپريشن ڪونه ٿيو، وحيد ڄامڙو لکيو ته قانون ڏھارين اڳيان بيوس بڻيل آھي، شريف شھرين جون عزتون داءُ تي لڳل آھن، ماڻھن تڪليف ڀوڳي رھيا آھن، گھوٽڪي وارو واقعو انهن جي منھن تي چماٽ آھي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ھن وقت تائين ڪابه ڪاروائي ناھن ڪري سگهيا، ڌاڙيلن خلاف بي حماڻو آپريشن ڪيو وڃي، نويد نواز لکيو ته جيستائين قانون جي اندر سفارشي ڪلچر ختم نه ٿيندو تيستائين ڪوبه ڏوھه ۽ ڏوهاري ختم نٿو ٿي سگهي، راسومل لکيو ته پوليس سردارن کي خوش ڪرڻ ۾ لڳل آھي جيڪڏهن ڌاڙيل پڪڙيا ته سردار ناراض ٿي پوندا ۽ نوڪري خطري ۾ پئجي ويندي، مولائي اسد ماڇي لکيو ته قانون ڌاڙيلن اڳيان بيوس آھي باقي ٻڪري چور کي فل فراءِ ڪري ڇڏيندا آهن، حسيني آصف علي لکيو ته هي ڪچي جا ڌاڙيل جن جي آشيرواڌ سان پلجن پيا پهرئين انهن جو گهيرو تنگ ٿيڻ کپي ڇو جو اهي ئي انهن ڌاڙيلن جا لائسنس آهن. فضل سبزوئي لکيو ته پوليس ڌاڙيل ڀائي ڀائي، مان دعويٰ سان چوان ٿو ته پوليس ڏوھارين خلاف ڪڏهن به ڪا اثرائتي ڪاروائي نه ڪئي آهي سبب اھو آھي ته ڏوھاري نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي تنوير تنيو کي بليڪ ميل ڪري ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وئرل ڪري رهيا آهن. بلاول احمد ڪنبوهه ايڊووڪيٽ لکيو ته ڌاڙيلن کي وڏيرن ۽ سياسي ماڻهن جي پشت پناهي حاصل آهي… عزير بلوچ هن جو زنده مثال آهي 40/50ڪيسن مان هن تي رڳو ڪجهه ڪيس اچي بچيا آهن باقي سمورن ڪيسن مان باعزت بري ٿي ويو آهي هن ۾ سڀ ادارا به برابر جا شريڪ آهن.. ممتاز علي سميجو لکيو ته وڏا ڌاڙيل پاڻ آهن باقي سندن سڀ پيداوار آهن جي چاهين ته ڌاڙيل ڪلچر ڪنهن به وقت ختم ڪري سگهن ٿا پر هي نٿا چاهين، محمد حسين پنهور لکيو ته جيستائين سنڌ مان ڀوتارڪو ۽ سرداي نظام ختم نه ٿيندو تيستائين سنڌ اندر مظلوم لاچار ماڻھن سان بي پناھه زيادتيون ٿينديون رهنديون ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙ به اهي ڀوتار آھن، شاهه محمد لکيو ته پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آھي جڏھن به پوليس آپريشن ڪيو آهي ناڪام وئي آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سڀ کان پھريان سرداري نظام جو خاتمو ٿيڻ گھرجي جيڪو ڪينسر جي بيماري آھي، ابوبڪر جوڻيجو لکيو ته پوليس ۽ چونڊيل نمائندن کي پورو حصو ملي ٿو. زاهد گل مجيداڻو لکيو ته لڳي ٿو قانون جي ئي پٺڀرائي آھي ڌاڙيلن کي جو ايترا طاقتور ٿي ويا آهن جو ڪنهن جي به پڪڙ ۾ ڪونه ٿا اچن، مظفر لغاري لکيو ته وڏيراشاهي ۽ سياسي ڳٺجوڙ جو اهو نتيجو آهي، ظهير احمد جمالي لکيو ته ڀوتار وڏيرا ايم اين اي ايم پي وري ٻيو ڪير سبب آهن، ميانداد مري لکيو ته پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آھي جڏھن به پوليس آپريشن ڪيو آهي ناڪام ويو آهي، نجيب رحمان لکيو ته رياست پاڻ پنھنجي ماڻھن کي خوف ۾ رکڻ چاھي ٿي باقي ڌاڙيل ڪلچر سندن ئي پيدا ڪيل آھي. لازمي گھوٽڪي ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن ۾ امن امان ھوندو تعليمي معيار بھتر ھوندو ته سنڌي عوام نوڪرين ۽ آسائشن جي گھر ڪندو تنھنڪري رياست چاھي ٿي ته مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ خوف واري فضا قائم ھجي ۽ سرداري نظام ذريعي معاملن کي ھلايو وڃي. ڪورٽن مان ماڻھن کي ويهه ويھه سالن کان انصاف نٿو ملي آخر ۾ وري به راڄوڻي. منٺار لغاري لکيو ته مان توهان کي ٻڌايان ته تقريبن علائقن ۾ پوليس کي ڌاڙيلن پاران ڌمڪي ڏني وئي آهي ، انھن علائقن ۾ پوليس چوڪي پٽي ڇڏي آهي ،سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو ايڪشن نٿي کڻي، سنڌ جي عوام ۾ هڪ وڏو خوف پيدا ٿيل آهي سنڌ حڪومت ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري سنڌ جي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ پوليس جو ڪيريئر برقرار رکيو وڃي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته قانون لاچار آهي ڏوهارن اڳيان بيوس بڻيل آهي، هن وقت ڌاڙيل راڄ آهي، سرعام ڀتي خوري هلي پئي، ڳوٺن ۾ غريب شريف عوام محفوظ ناهي، هر گهر مٿان ٽيڪس آهي جيڪڏهن ڪوئي غريب ٽيڪس نٿو ڏئي ان غريبن گهرن مٿان فائرنگ گهرن کي باهيون فصل جو نقصان ڪيو وڃي ٿو حد جي ايس ايچ او، ايس ايس پي کي سڀ خبر آهي پوءِ به لاچار آهن سنڌ ۾ رينجرز کي اختيار ڏئي غنڊا گردي ختم ڪرائي وڃي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته سنڌ جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل آھن، پوليس رڳو وڏن ماڻهن جي ڪمدار بڻيل آھي، پوليس کان جي ڌاڙيل ڏاڍا آھن ته پوءِ عوام کي اجازت نامو ڏنو وڃي پاڻ هٿيار کڻي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري، حبيب الله مهر لکيو ته سنڌ سرڪار ۽ پوليس کي شرم اچڻ گهرجي، اياز چانڊيو لکيو ته هڪ سبب هي آھي ته اڪثر ڏوهن ڪرائڻ ۾ حد جي پوليس جاڪجهه عملدار ملوث هوندا آھن ۽ ٻيو سبب ته پوليس ۾ ڀرتي ٿيل سپاهين کي سندن ئي شھرن ۾ مقرر ڪيو پيو وڃي جيڪي ڏوهارين ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙ بااثر پاٿاريدارن جي خوف کان پوليسنگ بجاءِ چپ ڪري روزگار ڪري رهيا آھن جنهن ڪري مسڪين ايئن ڏوهارين هٿان تذليل جو نشانو بڻجندا رهن ٿا. حاجي خان پنهور لکيو ته ڏوهاري قسم جي وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، پوليس نظام جي ڪارين رڍن سبب پوليس جي ناجائزين جون خبرون پڻ عروج تي پهتل پوليس عملو مڪمل پنهنجي مورال جو دفاع ناهي ڪري سگهيو يا ڀوتارن جي اجازت سواءِ ڪجهه ناهي ڪرڻو، سياسي مداخلت سبب پوليس ناڪامي کي منهن ڏئي رهي آهي، شيراز احمد لکيو ته پوليس وٽ جديد سھولتون ناھن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته قانون لاڳو ادارن ۾ سياسي مداخلت نه هجي ته اهڙا منظر ئي ڏسڻ لاءِ نه ملن، سعيد رونجهو لکيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿئي ٿو ته ڀوتار ٿا ڪاوڙجن تنهنڪري ته گذريل آپريشن جا نتيجا توهان سڀني جي سامهون آهن جيڪڏهن مثبت آپريش ٿئي ها ته اهڙا واقعا ڪونه ٿين ها. شنڪر لال لکيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت ٿيندي آھي،قانون لاڳو ڪندڙن کي  فوري طور ايڪشن وٺڻ گھرجي، عاشق ڀٽي لکيو ته قانون ڌاڙيلن اڳيان مجبور پيو لڳي پوليس کي سخت ايڪشن وٺڻ گھرجي، سنتوش ڪمار لکيو ته وڏيرن جي ڪري ڌاڙيلن خلاف ايڪشن نٿو ٿئي، طارق حسين جمالي لکيو ته چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن جي سرپرستي حاصل آھي ڌاڙيلن کي پوليس ڇا ڪندي سنڌ ۾ پوليس سياست هٿان يرغمال آهي، محمد نواز لکيو ته آءِ جي مجبور آهي، مير منور بلوچ لکيو ته سنڌ جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل آھن پوليس رڳو وڏن ماڻهن جي ڪمدار بڻيل آھي پوليس کان جي ڌاڙيل ڏاڍا آھن ته پوءِ عوام کي اجازت نامو ڏنو وڃي ته پاڻ هٿيار کڻي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري، سردار لطيف لکيو ته سنڌي ۾ چوندا آھن جيستائين پاڻ تي ناھي ايندي تيستائين احساس ناھي ٿيندو، اھو ھڪ عام ماڻھو سان ٿيو ان ڪري ايڪشن نه پيو کنيو وڃي، اھا حرڪت جيڪڏهن ڪنھن آفيسر، ڪنھن ايم پي اي، ايم اين اي جي اولاد سان ٿئي ھا ته ھنگامو ٿي وڃي ھا، بروقت ڪاروايون ٿين ھا، پوري سنڌ جي نفري ٻيلي ۾ لاٿي وڃي ھا، پر افسوس اسان ته ھنن لاءِ عام ماڻهو اهميت نٿو رکي.