سوال/سروي … سنڌ ٻڏي ناهي پر ٻوڙي وئي آهي، هيتري تباهي باوجود ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ مستقل حل ڇو نٿو ڪڍيو وڃي؟ : عوام

0
189

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سيوهڻ، جوهي ۽ دادو بچائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ هنيو ويو، پنهنجا شهر بچائڻ لاءِ شهرين جون ڪوششون، حڪومتي سرگرمين کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ ٻڏي ناهي پر ٻوڙي وئي آهي، حڪمرانن هٿ سان تباهي آندي آهي ورهين کان حڪمراني ڪن ٿا هن مهل تائين ٻوڏ کان بچاءُ جو حل ناهن ڪڍي سگهيا، سنڌ کي ٻوڙي عالمي امداد به کائي ويندا، هن وقت سڄي سنڌ جو تقريبن هر علائقو ٻڏل آهي لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، ڪچا توڙي پڪا گهر ڪِري پيا آهن متاثر ماڻهو روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ مستقل طور اپاءَ وٺڻ گهرجن، متاثر ماڻهن کي لاوارث نه ڇڏڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد هڪڙو لکيو ته سنڌ جي عوام ۾ شعور جي گهٽتائي آهي جنهن ڪري ساڳين ماڻهن جي هر هر چونڊ ڪن ٿا، انهن سنڌين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي سڃاڻڻو پوندو، جن هي حال ڪيو آهي، راسومل لکيو ته پنهنجي مدد پاڻ ڪريو حڪومت جي آسري ۾ نه رهو هي ڪرپٽ سياستدان سنڌ کي ٻوڙي پوءِ عالمي امداد پيا کائين، مخدوم مينهل لکيو ته حڪومت ڳوٺن شهرن کي لاوارث ڇڏي ڏنو حڪومت جي نااهلي عروج تي آهي، شاهد ڏاهري لکيو ته حڪومت جي ڪا به پاليسي ناهي، نيڪال جو سسٽم ناهي، ڀريا روڊ جا سمورا روڊ رستا بازارون پاڻي ۾ ٻڏل آهن پر افسوس جو انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، حڪومت ننڊ ستل آهي، زاهد گل مجيداڻو لکيو ته ھر ڪو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون ڪري ٿو، حڪومت جون ڪوششون ڪنهن ڪم جون ناهن چونڊيل نمائندا غائب لڳا پيا آهن، سرڪاري مشينري به نظر نٿي اچي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته عوام پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون وٺي باقي حڪومت ته ٻوڙي ڇڏيندي. طارق علي باجڪاڻي لکيو ته ڪرپٽ حڪمران پنهنجي ڪرپشن ۽ ٻاهرين امداد خاطر هٿ سان پاڻي روڪ ڪري سنڌ جا شهر ۽ فصل ٻوڙي رهيا آهن وقت سر برساتي پاڻي کي رستو ڏنو وڃي ها ته هيڏي ساري خلق درپدر نه ٿئي ها، جمال الدين چنا لکيو ته سنڌ جي ڪرپٽ حڪومت صرف ٻاهرين ملڪن کان امداد خاطر سنڌ جي شھرن کي هٿ سان پئي ٻوڙائي ڪرپٽ حڪومت کي سنڌ جي عوام سان ڪو به غرض ناهي، نياز ڪلوئي لکيو ته جيڪڏهن پھريان ڪٽ ڏين ھا ته شايد ڪي اين شاھ بچي پئي ھا وڏو ظلم ڪيو ٿو وڃي ڪي اين شاهه سان شايد ڪي اين شاهه جي مالڪي ڪانهي، نماڻو نوناري لکيو ته هٿ سان شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙن ٿا، ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ممتاز علي سميجو لکيو ته حڪومتي سرگرميون ملڪ ٻوڙي مال ٺاهڻ ۾م مصروف آهن، اياز علي راهوجو لکيو ته سٺو ڪم ڪيو آهي، امتياز جمالي لکيو ته سنڌ ٻڏي ناهي ٻوڙي وئي آهي، عامر علي لکيو ته سجي سنڌ جي صورتحال خراب آهي پاڻي جي ڪري، صاحب خان ڪلمتي لکيو ته سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ماڻهوَ پنهنجي مدد پاڻ ويچارا محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل پيا ٿين سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي سرڪار کي 15 سال ٿي چڪا آهن ۽ ان باوجود ٻوڏ کان بچاءُ لا ڪو مستقل حل ناھن ڪڍي سگھيا؟  ظفر رند لکيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي انتظاميه ۽ نمائيندا مال ٺاهڻ ۾ پورا آھن اسان جي تعلقه شھدادپور جي هڪ اسڪول ڪيمپ ۾ ڏيڍ ڪروڙ جو کاڌو ڄاڻايو ويو آھي ڳالھه سمجھه کان ٻاهر آھي، رياض ڪولاچي لکيو ته اسين لڙهي وياسين اسان کي خبر آهي هي ٻوڏ ڪيڏو عذاب هونديون آهن جيڪا اسان تي گذري پئي شل مالڪ هر ڪنهن کي پنهنجي پناھ ۾ رکي. جتي باھه لڳي اها جائي سڙي. باقي جيسين ڪڪڙ، دادو نه ٻڏندا هي اسان جا ڦرون حڪمران عوام کي وڌيڪ ٻوڙيندا، سنتوش ڪمار لکيو ته سٺو فيصلو آهي ڪچي آباد جي ماڻهن کي لاوارث نه ڇڏڻ گهرجي انهن جي مدد ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي، حاجي خان رند لکيو ته ڪرپٽ حڪومت آهي.