سوال/سروي سردار پاڻ فيصلن ۾ ملوث قرار، سندن ذريعي جهيڙا ختم ڪرائڻ وارو فيصلو رد سرڪار جي رٽ ناهي؟ سردار قبيلائي تڪرار ختم ڪندا پوءِ عدالتون ۽ ٿاڻا ڇو آهن؟ عوام

0
480

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ايپيڪس ڪاميٽي ۾ قبيلائي تڪرارن جَي خاتمي جي ذميواري قبيلائي سردارن کي سونپڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڇا سرڪار پاران قانون بدران سردارن ذريعي تڪرار ختم ڪرڻ جو فيصلو درست آھي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سنڌ ايپيڪس ڪاميٽي جي اهڙي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته ان سان سرداري نظام کي هٿي ملندي، سردار، وڏيرا ۽ ڀوتار پاڻ ئي قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث آهن اهي ڪيئن جهيڙا ختم ڪندا؟ جيڪڏهن قبيلائي سردار قبيلائي جهيڙن جا فيصلا ڪندا ته پوءِ قانون، عدالتون، پوليس ۽ حڪومت ڇا لاءِ آهي؟ تنهن ڪري اهڙو فيصلو قانون يا رياست جي رٽ ناڪام ٿيڻ سمجهيو ويندو، قبيلائي جهيڙن خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن، سرداري نظام قبول ناهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته سنڌ جو شعور وند طبقو اهڙي فيصلي کي قبول ڪڏهن ڪو نه ڪندو، قبيلائي جهيڙن ڪرائڻ وارا ئي سردار جاگيردار آهن، فيصلا انهن حوالي ڪرڻ بدران قانوني نظام کي بهتر جي ضرورت آهي. گل حسن شر لکيو ته صحيح فيصلو آھي ان سان تڪڙو انصاف ملندو، ڪنهن باڪردار شخص کي ڳوٺاڻن پاران سرپئنچ چونڊيو وڃي، خادم گهراڻو لکيو ته وڏيرن جا فيصلا پنهنجا آهن حڪومت جو قانون بهتر آهي ته قبيلائي جهيڙن جو فيصلو عدالت ڪري قبيلائي فيصلن سان جهيڙا وڌن پيا گهٽجن نه پيا، ماجد سمون لکيو ته جڏهن ورهين کان قانون ئي سردار هلائيندا آيا آهن ته هاڻي سڌي ريت انهن کي اختيار ئي ڏئي ڇڏجن ته بهتر رهندو، شعيب سڪندر گبول لکيو ته پوءِ وڏيرن جي پگهار مقرر ڪري ججن کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي؟ غلام علي ٻجورو لکيو ته اهو فيصلو ڪنهن جي آڏو گوڏا کوڙڻ جي برابر آھي. اگر فيصلا وڏيرن ۽ سردارن جي حوالي ٿين پوءِ حڪومتون ۽ عدالتون ڇا جون آھن؟؟ ڇا حڪومتي رٽ ڪمزور ٿي چڪي آھي؟؟ سجاد علي ڪٻر لکيو ته قبيلائي جهيڙا ته هميشه جيان سردار، وڏيرا ۽ چونڊيل نمائندن ڪرائيندا آهن حڪومت کي گهرجي ته اهڙن قبيلائي جهڙن مسئلن کي سنجيدگي سان وٺي، جاويد هڪڙو لکيو ته مطلب رياست چئي ڇڏيو ته سردارن جي سرداري کي چيلنج نه ڪريو؟ رائو محسن لکيو ته اھو فيصلو سنڌ حڪومت سميت سنڌ پوليس جي نااھلي جو چٽو ثبوت آهي، قبيلائي تڪرارن کي ھٿي ڏيڻ ۾ سنڌ جي وڏيرن، ڀوتارن ،قبيلي جي سردارن جو ڪردار سر فھرست رھيو آھي ۽ ٻئي نمبر تي پوليس جو ڪردار رھيو آھي، نوابزاده والماڻي لکيو ته درست فيصلو آهي، عمر پنهور لکيو ته اصل ۾ هن وقت سنڌ ۾ حڪومت ئي سردارن جي آهي، محمد مراد لکيو ته پهريان پوءِ انهن کي گرفتار ڇو ڪيو ويو، جاني شاهه لڪياري لکيو ته جڏھن ته سرڪار وٽ قانون آھي ته پوءِ سردارن تي اھا ذميواري ڇو رکي وڃي سردارن ھميشه سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪيو آھي، سردار قبيلائي تڪرار ختم نه ڪرائيندا، فقير علي لکيو ته ڀوتارن کي وڏن وڏن جيھڙن ۾ وڏو فائدو ملي ٿو ، نماڻو نوناري لکيو ته قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، فضل بلوچ لکيو ته قبيلائي تڪرارن جا ذميوار هي وڏيرا ۽ سردار آهن، اهي ڪئين چاهيندا ته قبيلائي تڪرار ختم ٿين، آفتاب ڪيريو لکيو ته جڏھن سرڪار خود قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائڻ ۾ سنجيده ناھي ته پوءِ سردار ئي قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا تازو جتوئي شاھاڻي سيمت ڪيترائي ٻيا تڪرار سردارن ئي ختم ڪرايا آھن، خاموش خليل شر لکيو ته سرداري نظام ۽ وڏيرا ڪلچر سان قبيلائي جهيڙا وڌي سگهن ٿا باقي سرڪار ۽ ڪورٽون ڪهڙي ڪم جون آهن؟ عبدالغني کوسو لکيو ته نااهل حڪمرانن کي ڇا چئجي، قبيلائي تڪرارن جي جڙ به اھي ئي سردار آهن، سخت قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي سڀ جھيڙا پاڻ ئي ختم ٿي ويندا، اسد ماڇي لکيو ته جهيڙا ڀوتار پاڻ ئي ته ڪرائن ٿا، نجيب چانڊيو لکيو ته سردار ته جهڙن جي جَڙَ آھن، اڳ ئي عدالتي اختيارن کي نظرانداز ڪري جاگيردارن کي اوج تي پهچايو ويو آھي. سنڌ ايپيڪس ڪاميٽي جو اهو فيصلو عدالتي اختيارن کان مٿانهون قدم سمجهون ٿا. ساگر ڀٽي لکيو ته ان مان لڳي ٿو سنڌ حڪومت جھيڙا روڪرائڻ نه پر جھيڙا وڌائڻ ٿي چاھي،ڪامريڊ والماڻي لکيو ته فيصلو درست به آهي ته نه به، طارق باجڪاڻي لکيو ته سنڌ اندر قبيلائي جھيڙن جي ذميوار موجوده سنڌ حڪومت آهي، ذوالفقار شر لکيو ته غلط عمل آهي، سميع الرحمان لکيو ته سردار سچا ٿين ته انهن وٽ به حق جو فيصلو ٿي سگهي ٿو، آصف دل لکيو ته اھو فيصلو حڪومت جي ناڪامي آھي، ساحل ڪيريو لکيو ته قبيلائي جهيڙن جا مک ڪردار سردار ۽ وڏيرا آھن، سيف الله مهر لکيو ته هر بهتري لا ڪم ڪري سگهجي ٿو، قاسم خاصخيلي لکيو ته سرداري سسٽم ۽ جرڳائي سسٽم ۾ وڏيرن کي مضبوط ۽ پيڙھيل طبقي کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي سازش آھي، عاشق حسين لکيو ته سردار پنھنجي حاڪميت کي برقرار رکڻ لاءِ پنھنجو فيصلو ڪندا ، طارق حسين راڄپر لکيو ته اهي سردار ڪڏهن به نه چاهيندا ته اهي تڪرار ختم ٿين، آسودو مل لوهاڻو لکيو ته اهو عمل بلڪل غلط آهي، علي گل ڏيٿو لکيو ته جيڪي سرداري جي پڳ تي جيهڙا ٿيندا اهي ڪٿي حل ٿيندا؟ فرمان علي انڍڙ لکيو ته جتي سردار يا وڏيرا ناهن اتي جهيڙا به ناهن، نديم منگي لکيو ته اھڙي عمل سان حڪومت جي رٽ ڪمزور ٿيندي ۽ غريب سان ظلم وڌي ويندو، حسين علي مهيسر لکيو ته پوءِ ڪورٽون ۽ ٿاڻا ڇو آهن؟ ياسر خان لکيو ته سرداري نظام کي ختم ڪيو وڃي ته قبيلائي جهيڙا ختم ٿي ويندا، عمر پنهور، ياسر خان، مظفر بوزدار به سروي ۾ حصو ورتو، حاجي خان پنهور لکيو ته عدالتن مان تڪڙو انصاف نٿو ملي فريادي کي تاريخ تي تاريخون ملن ٿيون، سڪندر بلوچ لکيو ته سردارن ۽ وڏيرن ذريعي قبيلائي تڪرار ختم ڪرائڻ جو مقصد معني ڳالھ صاف ظاھر ٿي وئي ته قانون جي رٽ تمام ڪمزور ٿي وئي آھي قبيلائي تڪرارن جي جڙ سردار وڏيرا آھن، عزيزالله شر لکيو ته اهو ته حڪومت جو متبادل نظام ٿي ويو سرداري نظام، حبيب الله عمراڻي لکيو ته سرڪار جو اهو فيصلو بلڪل غلط آهي، جاويد اسد رند لکيو ته سنڌ جا شعور رکندڙ نوجوان اھڙي فيصلي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، عصمت الله رند لکيو ته سڌي سنئين حڪومت جي رٽ ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي اٿن، موهن لال لکيو ته سردارن جي آشيرواد سان ڏوھه جنم وٺي ٿو ۽ سنڌ ايپيڪس ڪاميٽي پاران سردارن کي چڱو مڙس بنائڻ جو مقصد ويتر کلي ڇوٽ ڏيڻ برابر آهي، همٿ علي چانڊيو لکيو ته سردار۽ڀوتارئي ته سنڌ۾ قبائلي جهيڙن جوبنيادي سبب آھن انهن کي اهازميواري ڏيڻ غلط آهي، فيصلو قبول ناهي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته قبيلائي جهيڙن جو اگر خاتتو ڪرڻو آهي ته جيڪو شروعات ڪري ٿو انهي کي سزا ڏني وڃي، جنيد جمالي لکيو ته اسان جي عدالتن ۾ سالن جا سال فيصلا نٿا ٿين، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سنڌ جا شعور رکندڙ نوجوان اھڙي فيصلي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، منظور زرداري لکيو ته سرداري نظام نامنظور، وڏيرا پاڻ ئي ته جهيڙا ڪرائيندا آهن.