سوال/سروي … سال 2022ع سنڌ لاءِ تباهي وارو سال قرار: هن سال ڪنهن کي خوشيون ته ڪنهن کي وري ڏک مليا

0
230

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جو سال 2022ع ڪيئن گذريو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سال 2022ع ٻوڏ جي ڪري سنڌ لاءِ تباهي وارو سال ثابت ٿيو، هن سال ۾ ڪنهن کي خوشيون نصيب ٿيون ته ڪنهن کي وري ڏک به مليا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مبين مگسي لکيو ته سال 2022ع پنهنجي ذاتي زندگي کان ويندي سماجي ،سياسي قدرتي حوالي سان ڏاڍو ڏکيو سال گذريو .، نورالدين سولنگي لکيو ته وک وک تي ڏک ۽ سور مليا باقي نئين سال مان اميدون آهن .. منهنجو پيارو بابا سائين مونکان جدا ڪيو ۽ برسات توڙي ٻوڏ تباهي مچائي، گهر ٻڏي ويا فصل تباهه ٿي ويا آهن. عظمت الله ٻرڙو لکيو ته 2022ع ۾ برسات تباهي آندي، گل حسن شر لکيو ته 2022 اسان لاءِ خاص ڪري زراعت جي حوالي سان بھتر نه ھيو 2023 لاء اسان اميد۽ دعا ٿا ڪريون ته اسان سميت پوري عالم انسانيت لاءِ خوشين ڀريو ھوندو، حاجي سهيل لکيو ته ھن سال تمام ڏکيائيون پيش آيون اميد ته الله پاڪ ۾ آھي دعا آهي ته الله اھڙيون مصيبتون وري ڪنھن سال نه آڻي، ايم جاويد نهڙيو لکيو ته 2022 سٺو گذريو باقي برساتن جي ڪري نااھل حڪمرانن سنڌ کي تباهه ڪيو اھو تاريخ ۾ لکيو ويندو ته 2022 ۾ برساتن ۾ منهنجي سنڌ کي انهيَ نااھل حڪمرانن پنهنجي مفاد جي ڪري تباهه ڪيو، عامر کوسو لکيو ته هي سال جتي ڪجھه خوشيون کڻي آيو ته اتي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ عذاب ارپي ويو ڪيتريون ئي جوانيون سڙيون ڪيترائي گل ڪومائجي ويا خاص ڪري برساتن دوران ذري گهٽ سڄي سنڌ فطري عتاب هيٺ آئي هون ئي سرمائيدار طبقي طرفان سڄي سنڌ پيڙهيل رهي آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته 2022ع سورن سان گذريو، غلام مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته 2022 ۾ ڏک عذاب مصيبتون آفتون ڏئي ويو، سيد احمد شاهه لکيو ته منھنجو 2022 سال بهترين گذريو، بس بعد ۾ برساتن جي ڪري عوام کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار غريبن کي ڏسي دلي صدمو پھتو ۽ ڪجھ سبق به مليو ته ڏکن ۾ هزارن مان ڪو هڪ ساٿ ڏيندو باقي سکن ۾ سڀ گڏ هوندا آهن، مظهر عثمان پنهور لکيو ته بهترين سال گذريو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته سال 2022جي انهن مهينن جن ۾ برسات ۽ ٻوڏ آئي انهن ۾ پنهنجن پراون جي خبر پئجي وئي باقي زندگي به گذري ويندي سال وانگر سو ڪڏھن خوشي ڪڏھن ڏُک مليو، محمد عثمان ميمڻ لکيو ته محمد عثمان ميمڻ لکيو ته اسان لاءِ بھترين سال 2022 گذريو جنهن ۾ اسان سٺن سياسي  ۽ سماجي ماڻھن مان گھڻو ڪجهه سکيو ۽ اسان کي انهيَ مان تمام گهڻي ڄاڻ ملي، اسان پنهنجن حقن خاطر ڳالھائڻ به سکيو، حسين ٽانوري لکيو ته 2022 سال سنڌ جي تباھي جو سال ھيو حڪمرانن ته سنڌ کي تباھ ڪيو پر رھيل ڪسر برسات به پوري ڪئي سنڌ لاءِ 2022 جو سال دردن ڀريو سال رھيو، خاموش خليل شر لکيو ته اسان لاءِ سال 2022 خوشين جو سال رهيو , ڪافي محبوب دوستن سان ملاقاتون ٿيون، آگسٽ 2022 برساتن ۽ ٻوڏن سبب ڪير ڪنهن جو نه رهيو، مزمل علي لکيو ته سال 2022ع ۾ غريبن جا گهر ٻوڙايا ويا، الياس سمون لکيو ته ڪيٽي بندر، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ان سال ۾ سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ منهنجي مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي جنھن سبب زندگي جي حسين لمحن مان 99 ڪلاڪ زندگي جا بدين جي جيل ۾ قيد رھيس، قمبراڻي عبدالله لکيو ته ٻوڏ جي ڪري پوري سنڌ لاءِ تباهي وارو سال هو ملڪي معيشت خراب حدون ڪراس ڪري پئي، اظهر علي جوکيو لکيو ته هن سال به رهيو انتظار تنھنجو، نه اچڻو هو نه آيو پيار منھنجو، مظفر نظر لکيو ته ملڪ کي پهريون دفعو حقيقي تباهي جي ور چڙهندي ڏٺو سين، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته گذريل سالن وانگر هي سال به ايس آر پي جو آرڊر ملڻ جو انتظار ڪندي گذري ويو، 4 سالن کان انتظار ۾ آهيون، راشد الطاف لکيو ته هزارين تجربا ٿيا احساسن انساني زندگي ۾ جنم ورتا ماڻھن جون تڪليفون ڏسي ڪجهه گزريل سالن کان الڳ ئي هي سال گذريو، عرفان جروار لکيو ته ھي سال تمام ڏکيو گذريو برساتي ٻوڏ سبب ڪافي تڪليفن کي منھن ڏيڻو پيو، ھي سال ھميشه ياد رھندو ۽ رپورٽنگ ڪرڻ دوران غريبن کي روڊن تي ڏسي بس اکين ۾ لڙڪ ھئا ھن سال ۾ مون کان منھنجا رشتيدار پڻ وڇڙي ويا آھن، ايم اعجاز سومرو لکيو ته ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سک رهيا، آخري مهيني ۾ ڏک نصيب ٿيو، منهنجو چاچو وڇڙي ويو، قادر بخش زئور لکيو ته 2022 مون کان منھجو جاني ڀاءُ جدا ڪيو ادا مختيار جدا ڪيو اڀاڳو سال ثابت ٿيو،نور عمراڻي لکيو ته سال مجموعي طور ڪو سٺو نه هيو. سڄي سال غريب بيوس نظر آيو. جميل شر لکيو ته 2022 جو گھڻو حصو پنھنجي سنڌ ڌرتي کان پري رھياسين ھاسٽل جي زندگي ۾ ڪافي مشڪلاتن ۽ پريشانين کي منھن ڏيڻو پيو ان سان گڏوگڏ ڪافي سکيوسين، ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته مهانگائي، ڪرپشن، برسات جي ڪري سال ڏکيو گذريو، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته سال 2022 ۾حڪمرانن ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا ۽ هاڻ اهڙي پوزيشن ٿي وئي جو غريب ماڻهون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، نارائڻ داس لکيو ته ٻوڏ، مهانگائي، حڪمرانن جي لاپرواهي جي ڪري سال خراب رهيو، شنڪر لال لکيو ته ھي سال سنڌ لاءِ تمام خراب گذريو، ڄام اصغر لکيو ته بهترين سال رهيو، بشير ميراڻي لکيو ته 2022 جو سال سورن وارو گذريو، اشفاق چانڊيو لکيو ته الله جو شڪر آهي، سليم اختر لکيو ته سٺو ڪو نه گذريو، جنيد زرين لکيو ته مھانگائي،بيروزگاري،بدامني سان گڏوگڏ برساتن سبب ڏک ٻيڻا ٿي ويا، سيف الله پنهور لکيو ته انتهائي اڀاڳو سال رهيو جنهن ۾ هٿرادو ٻوڏ آڻي سنڌ کي تباھه ۽ برباد ڪري ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو، رند لکيو ته ڏُکن سورن ۾، ذلفي چاچڙ لکيو ته بهترين سال رهيو،  منھنجو پھريون ڪتاب شايع ٿيو ۽ نياڻي آيت جنم ورتو. ظفر رند لکيو ته ٻوڏ جي ڪري پوري سنڌ سورن ۾ رهي، عبدالحق لنجواڻي، ساگر امير حيدر، ايم قاسم کوسو، احمد علي چانڊيو، فرحان علي مگسي، جميل احمد ٿيٻو، شوڪت نهڙيو به پنهنجا ڏک ۽ سک بيان ڪيا، فضل سبزوئي لکيو ته 2022 تمام بھتر گذريو آهي، عابد شر لکيو ته اسان ٺري ميرواھ واسين لاء هي سال آگسٽ مهيني ۾ قيامت جهڙي برسات کڻي آيو، شبير سهتو، معشوق سهتو، وحيد ڄامڙو، خان انڙ، حسين حسرت، ايم اسماعيل سولنگي، ايوب شر، ظفر حسين، صدام حسين خاڻوٺ ، محمد حسن، ذوالفقار راهمون، ارشاد ناريجو، خميسو آريسر، علي گوهر سومرو، حسين علي مهيسر، الطاف بلوچ، راجا مختيار، پيارو خان سنجراڻي، ڪليم الله بلوچ، رشيد احمد، جي ايم سنجراڻي، اويس علي، نديم حسين، احسان لغاري، جنت فاطمه، عبدالنبي درديلو، دلشير راهمون، صحبت علي نهڙي، محمد موسيٰ کٽي، قلندري جروار، شاهد، ڪنيا لال، ميانداد مري، ايم اسماعيل بلوچ، ايم عيسيٰ لنڊ، فيض محمد، حڪيم جروار، جاويد جمالي، قربان علي، اي بي خالق، آڪاش پنهور، ذيشان حفيظ بلوچ ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو ۽ سال 2022ع جي صورتحال بيان ڪئي.