سوال/سروي رياست مدينه ٺاهڻ پري جي ڳالهه، عمران خان مهانگائي ڪري پراڻي پاڪستان جا ٽائر ۽ غريبن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن: عوام

0
140
سوال/سروي رياست مدينه ٺاهڻ پري جي ڳالهه، عمران خان مهانگائي ڪري پراڻي پاڪستان جا ٽائر ۽ غريبن جا ترا ڪڍي ڇڏيا آهن: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي مديني وانگر فلاحي رياست بڻائڻ زندگي جو مقصد آهي، مال ۽ دولت نه انسان اندر غيرت ضروري آهي، وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزير اعظم جو رڳو بيانن تي زور آھن عوام کي بيوقوف نه بڻايو وڃي، رڳو ٺلهيون ڳالهيون آھن عمل ٽڪي جو به ناھي اھڙا بيان گذريل ڪيترن ئي سالن کا ٻڌندا پيا اچون، عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ غريب صفا مري ويو آهي، ملڪ تباهي ڪناري پهتل آهي، عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ غريب صفا مري ويو آهي، ملڪ تباهي ڪناري پهتل آهي، وفاقي حڪومت مديني جي رياست ته ٺاهڻ پري جي ڳالھه پر پراڻي پاڪستان جا به ٽائر ڪڍي ڇڏيا آهن، هي رياست مدينه نه ٺاهي سگهندا، رڳو اسان کي پراڻو پاڪستان واپس ڪريو.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته وزيراعظم نئين ڪهڙي ڳالهه ڪئي آهي، ھينئر تائين جيڪو ڪجھه چيو اٿس ان جي ابتڙ ئي ٿيو آھي سڌريل ملڪن جي حڪمرانن جو پروٽوڪول ڏسو ھن امداد ۽ قرض تي ھلندڙ ملڪ جي حاڪمن جو پروٽوڪول ڏسو مديني جي رياست ته پري جي ڳالھه اھي رڳو سڌريل ملڪ بڻجي پون ته به شڪر آھي، خادم گهراڻو لکيو ته پاڪستان کي مديني جي رياست ٺاهڻ وارا واعدا پورا ڪن مهانگائي امن امان خودڪشين تي ضابطو آڻين، مديني جي اندر جيئن قانون تي عمل آهي هتي ڪري ڏيکارين ڪوڙا واعدا ڪري عوام کي بيوقوف نه بڻايو وڃي، عبدالغفور سروهي لکيو ته عمران خان اعتبار جوڳو سياستدان پر قوم بيحس، بي شعور ۽ تڪڙي/عارضي رليف جي بکي آهي، علي بخش شر لکيو ته حڪمرانن جي ڳالھه ۽ واعدا سئو فيصد سچا ثابت ناهن ٿيندا ۽ سئو فيصد ڪم به ناهن ٿيندا ان کان اڳ به حڪمران کوڙ ڳالهيون ڪري ويا، حيدر ٿيٻو به سروي ۾ حصو ورتو،

پريم راٺوڙ لکيو ته سڀ ميڊيا بيان ھوندا اصل ۾ ائين ناھي ھوندو رڳو ٺلهيون ڳالهيون آھن عمل ٽڪي جو به ناھي اھڙا بيان گذريل ڪيترن ئي سالن کا ٻڌندا پيا اچون، سڪندر علي مهر لکيو ته  رياست مدينه جي دعويدار تبديلي سرڪار مهنگائي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اڳيان حڪمران هنن کان سئو دفعا ڀلا هيا گهٽ ۾ گهٽ غريب ته خوش هيو،نياز ڪلوئي لکيو ته اسان رياست مدينه کان بس ڪئي رڳو مھنگائي گھٽ ڪريو اسان کي جيئڻ ڏيو،خاموش خليل شر لکيو ته رڳو ٺلها واعدا ٿيندا رهندا آھن پر عمل ڪونه ٿيندو آھي، ملڪ ۾ بجلي مهانگي، اٽو مهانگو، پيٽرول مهانگو، اها آهي رياست مدينه؟ رڳو بيان ڏئي خوش پيو ڪري، عمل ٽڪو به ناهي. مڪيش ڪمار جئپال لکيو ته رڳو عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، شنڪر باغي لکيو ته مديني جهڙي رياست ٿئي ته ڀلا ڀاڳ اسانجا پر انهن اعمالن مان ٿيندي نظر نٿي اچي، جاسم بلوچ لکيو ته  مديني جي رياست ٺاھڻ جو تقرير ڪري عوام کي بيوقوف ڪري رھيا آھيو،

نماڻو نوناري لکيو ته عمران خان جي نئين پاڪستان ۾ غريب صفا مري ويو آهي، ملڪ تباهي ڪناري پهتل آهي، احمد علي ڪورائي لکيو ته مديني جي رياست ۾ مهانگائي ته ڏسو ماڻھو بکن تي آھن پيٽرولن ۽ دوائن جا اگھه ته ڏسو رڳو وزير اعظم جا بيانن تي زور آھن، مڪيش ڀوراڻي لکيو ته رياست مدينه وارا اعلان ٽي سالن کان ٻڌون پيا عوام کي عمران مان نجات جو رستو گھرجي ٿو، پرويز علي لکيو ته مديني جي رياست جي ڳالھه ڪندڙن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، مهانگائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ايم اي سنڌ لکيو ته پهريان پاڻ عمل ڪري، غلام حسين ڀٽي لکيو ته مديني جي رياست ۾ ڪو بُک وگهي نه مرندو آھي، ھتي بُک وگهي روز خودڪشيون پيون ٿين، بشير ميراڻي لکيو ته وزيراعظم عمران خان اليڪشن کان اڳ جيڪي به واعدا ڪيا هئا پهرين انهن کي پورو ڪري، پوءِ مدينه رياست جو سوچي، اهو ساڳيو ئي آهي جنهن چيو هو ته عالمي برادري کان قرض نه وٺندس. پر قرض اڳوڻي حڪومت کان به وڌيڪ کڻي ويو آهي.

اي ستار بلوچ لکيو ته وفاقي حڪومت مديني جي رياست ته پري جي ڳالھه پر پراڻي پاڪستان جا به ٽائر ڪڍي ڇڏيا آهن، جاني خان شر به سروي ۾ حصو ورتو، ممتاز سميجو لکيو ته هر ملڪ جو قرضي ڪيو اٿئين، شاهد ڏاهري لکيو ته وزيراعظم عمران خان رڳو ڊرامو پيو ڪري، غلام نبي بلوچ لکيو ته مهانگائي ترا ڪڍي ڇڏيا آھن عوام جا ۽ غريبن جي مرڻ کانپوءِ رياست مدينه ٺاهيندا؟ جاويد زرداري لکيو ته اسان جو ملڪ بلڪل مديني جي رياست جهڙو آهي، دلشاد پروانه به سروي ۾ حصو ورتو، اعجاز احمد وزيراعظم جي بيان کي درست قرار ڏنو، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته مديني جي رياست ٺاهيندا؟ مهانگائي ته ڏسو غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، مجاهد علي قادري لکيو ته تبديلي سرڪار مهانگائي سان عوام جي چيله چٻي ڪري ڇڏي آھي،

اسحاق کوسو به راءِ جو اظهار ڪيو، امير بخش گجو لکيو ته عمران خان سچو ليڊر آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته رياست مدينه جو پهريون ڪم سچ ڳالهائڻ آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته رڳو بيانن تي زور آهي وزيراعظم جو ، نياز سومرو لکيو ته ملڪ ۾ مديني جي رياست ٺاھڻ جو ڏٽو ڏئي پاڪستان کي معاشي طور تباھ ڪندڙ عمران نيازي اپوزيشن ۾ ھوندي چيو ھيو ته اگر مان وزير اعظم ھجان ھان ۽ ڪو ھڪ ماڻھو به اچي چوي ھا ته گو نيازي گو ته ان وقت ئي استعيفا ڏئي ڇڏيندس، اڄ پورو ملڪ گو نيازي گو چئي رهيو آهي، محمد عرفان به سروي ۾ حصو ورتو، يار محمد مڱريو لکيو ته بهترين سوچ آهي مالڪ سائين هن کي ڪاميابي عطا ڪري، سالار ٻرڙو لکيو ته وياج جو نظام ختم ڪيو وڃي، رضوان چانڊيو ۽ جسونت راٺوڙ به راءِ جو اظهار ڪيو،

آسودومل لوهاڻو لکيو ته رياست مدينا جي نالي تي هنن عوام تي مهانگائي جو بار وجهي ڇڏيو بيحس وزير اعظم صرف مخالف ڌر کي ذميوار قرار ڏي ٿو پاڻ عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪيو رڳو ڪوڙ تي زور آهي هنن رياست مدينا جي نالي تي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو آهي، شيراز چانگ لکيو ته سندس ڪم صرف بيان ڏيڻ اچي بچو آھي، نااھل خان کي واضع ڪرڻ ٿا چاھيون ترقي پزير ملڪ بيانن سان ناھن ھلندا پريڪٽيڪلي ڪجھه ڪرڻو پوندو آهي. مبين اڄڻ لکيو ته ھي ڪھڙي مدينا رياست آھي جتي ھر روز ڪيترائي خاندان بک بيروزگاري بدامني کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري زندگي ڏيئو اجهائي ڇڏن ٿا ھن مدينه رياست ۾ توھان کي اسپتالن ۾ دوائون نه ملنديون ماڻھو ھر صوبي توڙي شھر ۾ تڙپندي نظر ايندا مدينه رياست ۾ گئس اوھان کي ٽي ٽائيم ملندي جڏھن تي ڪرپٽ حڪومت ۾ سڄو ڏينھن ملندي ھئي ڪرپٽ حڪومت ۾ کنڊ سٺ رپيا ڪلو ھئي، هن کان ته اڳوڻا حڪمران ڀلا هئا، سرفراز جکرو لکيو ته عوام جي مال ۽ دولت تي ڪرپشن وسيلي پنهنجا گهر ڀريا اٿئو، باقي کوکلن نعرن تي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهيو، وحيد مستوئي لکيو ته رياست مدينه نه ٺاهي سگهندا، رڳو اسان کي پراڻو پاڪستان واپس ڪري. رياست مدينه ٺاهڻ هن جي وس جي ڳالهه ناهي، اسد عباس به سروي ۾ حصو ورتو