سوال/سروي حڪمران پنهنجون ملڪيتون گروي رکي ملڪ لاءِ قرض ڇو نٿا وٺن؟ لڳي ٿو ته عوام کي به گروي رکي ڇڏيندا

0
112
سوال/سروي حڪمران پنهنجون ملڪيتون گروي رکي ملڪ لاءِ قرض ڇو نٿا وٺن؟ لڳي ٿو ته عوام کي به گروي رکي ڇڏيندا

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت قرض وٺڻ لاءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ انڊس هاءِ وي سوڌو 9 سرڪاري ملڪيتون گروي رکي سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا، حڪمران پنهنجون ملڪيتون گروي ڇو نٿا رکن، آخرڪار هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ لڳي ٿو عوام کي به وڪڻي ڇڏيندا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ائين ته پھرين به ڪيو ھو عمران سرڪار، آخرڪار ھن ملڪ جو ٿيندو ڇا ڪيستائين قرض کڻي ڪشڪول کڻي ملڪ ھلندو بنگلاديش کي ئي رول ماڊل بڻايو ته به ترقي ڪري وجهي ھا ھي ملڪ، تيرٿ ڀيل لکيو ته حڪومت سنڌ جون ڪافي شيون گروي ڏئي ملڪ کي گروي ڪري رهي آهي،اڳين به برصغير ۾ ائين گروي جو سلسلو شروع ٿيو هو ،جيڪو وڃي ملڪ جي غلامي تائين پهتو ،وڙهي وڙهي مس وڃي ملڪ آزاد ٿيو، هاڻ به انهي گس ڏانهن وڃي رهيا آهيون، هنن پنهنجي شين کي پاڻ استعمال ڪرڻ سکيو ئي ناهي، اهي هميشه ٻئي جي جتي هيٺ رهڻ سکيا آهن،

مظفر شبير بوزدار لکيو ته پاڪستان سميت پوري مخلوق کي کپائي ڇڏين پوءِ به انهن جو پيٽ نه ڀربو، بشير ميراڻي لکيو ته سڄو ملڪ گروي ڪري ڇڏيو آهي رڳو حڪمران پنهنجي حڪومت قائم رکڻ لاءِ پر آءِ ايم ايف چاهي ٿي ته سرڪاري ادارن کي به وڪڻي ڇڏيو، جيڪا به حڪومت اچي ٿي اها مهانگائي ڪري ٿي.. ممتاز مولائي پنهور لکيو ته افسو آهي ھن جاھل حڪومت تي پنهنجي ملڪيت ڇو نٿا ڪڍن رڳو غريبن جو رت پيئن ٿا، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته وفاقي حڪومت جو فيصلو صحيح ڪونهي اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، سليم اختر لکيو ته نڀاڳا جڏهن کان مسلط ٿيا آهن روز روز رڳو وڪڻڻ جون ڳالهيون پيا ٻڌون، سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ ڪن آتا ٿيا پيا آهن، ايم عزيز سيال لکيو ته ان قدم جي مذمت ڪريون ٿا، خاموش خليل شر لکيو ته لڳي ٿو عوام به وڪڻي ڇڏيندا رهيل ڪسر پوري ڪري پوءِ ساھ پٽيندا، عاشق حسين لکيو ته اھڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي ، اھو به سنڌ جون ملڪيتون گروي رکي قرض ورتو ٿو وڃي ڇا ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب جا پراجيڪٽ گروي ڇو نٿا رکو، علي اڪبر مري لکيو ته ڇو لنڊن ۽ دبئي جو ملڪيتون گروي نٿا رکن، آصف علي چانڊيو لکيو ته حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، اياز علي راهوجو لکيو ته بس ھاڻي ڪم شروع آھي ڪجھه سالن ۾ سڄو ملڪ گروي رکندا پاڻ ٻاھر ھليا ويندا اھو قرض عوام کي لاھيڻو پوندو، نور علي خاصخيلي لکيو ته جنھن صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ انويسٽمينٽ ٿي آھي گروي به انھي کي ڪرڻ گھرجي، راسومل لکيو ته حڪومت قرض ڀلي وٺي پر پنهنجا خرچ گهٽ ڪري،

مولائي اسد ماڇي لکيو ته اھو غلط فيصلو آھي، مير سڪندر سولنگي لکيو ته تمام غلط فيصلو آھي، امتياز بلوچ لکيو ته ھر ايندڙ حڪومت جي اک صرف سنڌ جي ملڪيت تي ھوندي آھي جڏھن عمران خان وزيراعظم ھو سنڌ جي ٻيٽن تي نظر ھئس سو کپائڻ پئي چاهيو ھاڻي شھباز شريف سنڌ جي ملڪيت گروي رکي پنھنجا مقصد ماڻيندو ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ميانداد مري لکيو ته اھڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي ، اھو به سنڌ جون ملڪيتون گروي رکي قرضو ورتو ٿو وڃي ڇا ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ڪي پي ڪي جا پراجيڪٽ گروي ڇو نٿا رکو، عثمان جتوئي لکيو ته افسوس آهي ھن جاھل حڪومت تي پنهنجي ملڪيت ڇو نٿا ڪڍن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته هي ته ڪجهه ادارا گروي رکيا اٿن، فضل سبزوئي لکيو ته ھر ايندڙ حڪومت جي اک صرف سنڌ جي ملڪيت تي ھوندي آھي،

وحيد ڄامڙو لکيو ته موجوده حڪومت ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو قرض حاصل ڪرڻ لاءِ مھانگائي وڌائي عوام جا صفا وڻ ئي وڄائي ڇڏيا آھن ملڪ جون ملڪيتون گروي رکي ملڪ جي ڀينگ ڪري رھي آھي چوندا آھن ته ماڻھون جڏھن سڃيو ٿيندو آھي ته ملڪيتون ۽ گھر جا ٽپڙ وڪڻندو آھي ثابت ٿي ويو ته حڪومت جو صفا حال ناھي، قربان ميراڻي لکيو ته سڀ ڪجھه گروي رکي بعد ۾ ملڪ ۽ قوم به گروي رکندا نا اھل حڪمران، موهن لال لکيو ته ڪراچيءَ پورٽ ٽرسٽ ۽ انڊس هاءِ وي سوڌو 9 سرڪاري ملڪيتون گروي رکڻ سان قرض ملي ٿو ته اهو لازمي وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ملڪ معاشي طور ٺپ ٿي ويو آهي اهڙي صورتحال ۾ قرض لازمي کپي. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ جي قسمت جا ڌڻي جيڪو فيصلو ڪن انڪار ڪير ڪندو، جنيد زرين لکيو ته راءِ  اھا آھي ته ڪراچي پورٽ انڊس هاءِ وي.گروي رکيا ويا آهن. پر درحقيقت سمجھو ته اتان جي عوام گروي رکي وئي آهي، نادر سيال لکيو ته  ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا، قادر شر لکيو ته قرض کڻي ملڪ کي وياج تي ڏئي پاڻ وڃي ٻاهرين ملڪن ۾رهندا، رياض بوزدار به سروي ۾ حصو ورتو.