سوال/سروي … حڪمران اتحاد جي ريفرنس تي عمران خان نا اهل نه ٿيندو، مشروط طور محفوظ رستو ملي ويندو: عوام

0
150
سوال/سروي ... حڪمران اتحاد جي ريفرنس تي عمران خان نا اهل نه ٿيندو، مشروط طور محفوظ رستو ملي ويندو: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪمران اتحاد پاران عمران خان جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، نتيجو ڇا ايندو ؟ ڇا عمران خان نااهل ٿيندو ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان نا اهل ٿيندو، ڪجهه ماڻهن چيو ته عمران خان نا اهل نه ٿيندو کيس وچون رستو ڏنو ويندو، اهو به چيو ويو ته هوائن جو رخ تبديل ٿي چڪو آهي عمران خان کي سياست کان پاسيرو ڪيو ويندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته بدقسمتيءَ سان ملڪ ۾ عملدرآمد جو فقدان آهي، فيصلا ايندا پوءِ عدالتن ۾ چئلينج ٿيندا، ڪيس هلندا پوءِ تاريخ تي تاريخ ملندي ٻيو ڇا ٿيڻو آهي.

هي ملڪ ناهي مذاق آهي، هتي قانون ۽ حڪمراني نالي ڪا شئي ناهي، ادارا آزاد ناهن، پرويز خاصخيلي لکيو ته هيل پي ڊي ايم وارن تي به اثر پوندو، گل حسن شر لکيو ته ھوائن جو رخ تبديل ٿي چڪو آھي مون سون ھوائن ۽ اسلام آباد جي ھوائن جو اعتبار ناھي ڪيڏي مھل به رخ مٽائي سگھن ٿيون، نارائڻ داس لاکاڻي لکيو ته نا اهل ٿيڻ گهرجي ۽ گرفتار ڪيو وڃي ملڪ ۾ خوشحالي اچي،  عابد ڀٽي لکيو ته بلڪل نواز شريف ۽ فصل واڊا وانگر فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ناهل ٿيندو عمران خان ناهل نه ٿيو ته اليڪشن ڪميشن لاءِ وڏو چئلينج بڻجي ويندو، شاهه محمد لکيو ته بلڪل به نه ھي گيم به عمران خان کٽيندو، جنيد زرين بلوچ لکيو ته ڳالھ کڻي مڃجي. عمران خان پي.ڊي.ايم. ۾ شامل سياستدانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. ۽ اڪيلو ھڪ ئي ماڻهون آهي

جنهن سان سڌو سنئون مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪو به سياستدان تيار ناهي.باقي عمران خان نااهل ٿي سگھي ٿو.پر سپريم ڪورٽ شايد نااهلي ختم ڪري سگھي ٿي، رياض ڪولاچي لکيو ته هن ملڪ سان وڏو ظلم آهي جيڪو ڏاڍو آهي انهي جي مرضي آهي جنهن کي غلام ڪن باقي عوام تاڙين وڄائڻ ۾ پورو هوندو، شاهد ڏاهري لکيو ته هي عمران خان خلاف سازش آهي، شنڪر باغي لکيو ته عمران خان سڀني لاء مڇي جو ڪنڊو ثابت ٿيو آهي جنهن کي نه ڪو ريڙھي ٿا سگهن نه ڪو ٻاهر ڪڍي ٿا سگهن، نارائڻ سنڌي لکيو ته حڪمران طبقو گهڻو آهي۽ هيئنر واڳون به انهن جي هٿ ۾ آهن، ٿي سگهي ڪنهن سياسي چال ۾ ڦاسائي وجهن، ابوبڪر سريوال لکيو ته عمران خان نا اهل ٿيندو،  فيصل نظر مورائي لکيو ته ڪڏهن به نا اهل نه ڪندس، صدام پيرزادو لکيو ته نتيجو اهو نڪرندو جيئن ٻين تي ڪيس آھن

اھي گهمندا وتن ٿا عمران خان به ائين ڪيسن کي منهن ڏيندو باقي عمران خان جي پارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ اتحادي جماعت پنھنجو پورو زور ڏيندي پر ڪامياب ڪونه ٿي سگهندي، شنڪر لال لکيو ته ريفرنس ڪامياب ڪونه ويندو ۽ نه عمران خان نااهل ٿيندو…انور راجا لکيو ته عمران خان نااھل نه ٿيندو ھو ھڪ ايماندار ليڊر آھي ڪجهه ڪونه ٿيندو عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، علي حسن راهمون لکيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر آهي ته عمران خان کي به قانون جي گرفت ۾ آڻڻ کپي جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ سڀني کي ڇوٽ ڏجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي تالا ھڻي قوم جي دولت بچائڻ کپي، سعيد رونجهو لکيو ته عمران جي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها ته گهڻا ڏينهن اڳ نااهل ٿي وڃي ها پر هن کي ڪوڙا دليل بچايو ويٺا آهن، ايم اعجاز سومرو لکيو ته عمران خان نااهل ڪونه ٿيندو ڇو ته اهي ڪيس زرداري ۽ شھباز شريف تي به آهن اهيو صرف عوام کي مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ تي اهيو اشو آندو ويو آھي، مولائي اسد ماڇ يلکيو ته عمران نااھل نه ٿيندو ڇو جو ٻين سياستدانن تي به ڪيس آھن، مير حسن راهمو لکيو ته عمران خان نااهل ٿي سگهي ٿو پر سپريم ڪورٽ شايد نااهلي ختم ڪري سگهي ٿي، الياس سمون لکيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿيندو،

ارشد لکيو ته ڪجهه به نه ٿيندو، فضل سبزوئي لکيو ته عمران خان کي ڪجهه به نه ٿيندو، گلزار خشڪ لکيو ته عمران خان کي آڻڻ وارا واڳ ڌڻي ڪجھه به ڪرڻ ڪونه ڏيندا، فقير نويد مڱريو لکيو ته ڪجهه به ڪونه ٿيندو ايندڙ وزيراعظم پاڪستان عمران خان ئي ٿيندو، نماڻو نوناري لکيو ته عمران نا اهل نه ٿيندو پر حڪومت جا پويان پير هوندا، عابد حسين لکيو ته نااھل ٿيڻ کپي، نادر لغاري لکيو ته عمران خان نااھل نه ٿيندو ھو ھڪ ايماندار ليڊر آھي، حافظ راڄپر لکيو ته انشاءَالله ڪامياب ٿيندو مخالف چپ ٿي ويندا، بيکو مهر لکيو ته عمران خان زنده آباد، واحد بخش لکيو ته حڪومت کي گھرجي عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ گهرجي پر پارٽي تي پابندي لڳائي وڃي، نعيم احمد ميمڻ لکيو ته ڪڏهن به نا اهل نه ٿيندو، ساگر علي رضا لکيو ته پاڪستان ۾ نااهل ته حڪومت هلائيندڙ آهن ٻيو وري ڪهڙا اهل ماڻهو سسٽم کي هلائيندڙ آهن، ممتاز علي سميجو لکيو ته نااهل نه ٿيندو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته عمران خان نااهل ڪونه ٿيندو عمران خان اهل ٿيندو، ايم آصف مڱريو لکيو ته انشاءَالله نا اهل ٿيندو، الهڏنو راهمون لکيو ته عمران خان کي مشروط طور محفوظ رستو ملي ويندو،

آزاد سنڌي لکيو ته قانون تي عمل اڻپورو آهي، سليم اختر لکيو ته عمران خان نااھل نه ٿيندو ھو ھڪ ايماندار ليڊر آھي ڪجهه ڪونه ٿيندو عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿي ڪامياب ٿيندو، مخالف چپ ٿي ويندا، شيراز احمد لکيو ته مشڪل آهي، غلام مرتضيٰ فرحان ميمڻ، ناصر مينگل به سروي ۾ حصو ورتو، نادر علي سيال لکيو ته عمران خان کي ٻين جي اشارن تي حڪومت مان ڪڍيو ويو پنجاب حڪومت ڦري وئي اليڪشن جا نتيجا تبديل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون پر عوام سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني نيٺ غير آئيني غير قانوني طرح عمران جي مينڊيٽ تي ڌاڙو ھڻي پنجاب حڪومت تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اھا به ڪامياب نه ٿي ته ترپ جو آخري پتو اڇلائي اليڪشن ڪميشن ذريعي عمران خان کي اليڪشن کان پاسي رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اھا به ڪامياب نه ٿيندي جيڪڏھن عمران خان کي اليڪشن کان پاسي رکڻ جو فيصلو ٿيو ته نتيجا انتھائي خراب نڪرندا، رئوف عباسي لکيو ته نا اھل ٿي به سگھي ٿو،  ڳڻپ کان ٻاھر ملڪن کان ھن فنڊنگ فلاحي ڪمن لاءِ ورتي ۽ آندي ذاتي ڪمن ۾، روايتي سياستدانن وانگي ھن به ذاتي اڪائونٽ ظاھر نه ڪيا، محمد حسين لکيو ته نتيجو ڪجهه ايئن ايندو جيئن پهريان حڪمرانن لاءِ آيو،محمد حنيف لکيو ته فيصلو ڪجهه به اچي پر عمران جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو، بابر چانگ لکيو ته عمران خان کي نااهل ڪرڻ سياسي چورن لاءِ لازمي ٿي ويو آهي

جنهن لاءِ گهڻا امڪان آهن ته عمران خان کي نااهل قرار ڏنو ويندو پر اهو فيصلو اچڻ کانپوءِ عوام جو رد عمل تمام خراب هوندو ان لاءِ به اقدار ڌڻي تيار ٿي وڃن، باغي مظھرالسنڌي لکيو ته  اصل ۾ اتحادي حڪمرانن پاران ھن کان پلاند ۽ ھن خلاف سراسر سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪي قابل مذمت آھن، اي ڪي مالهي لکيو ته ڪجهه به ڪونه ٿيندو ايندڙ وزيراعظم پاڪستان عمران خان ئي ٿيندو انشاءالله، ڪمال حسن به سروي ۾ حصو ورتو، موٽومل ميگهواڙ لکيو ته ڪجهه ڪونه ٿيندو عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، محمد عثمان کوسو لکيو ته نا اهل به ٿيڻ گهرجي ۽ گرفتار به ڪيو وڃي، احسان احمد  مڱريو لکيو ته ڪنهن ۾ ايتري همٿ ئي ناهي جو نا اهل ڪري، نجيب الرحمان لکيو ته ريفرنس عمران خان لاء نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو، عدالت مان مرحليوار عمران جي حق ۾ فيصلا وٺي آخر ۾ خلاف فيصلو ڏياري گيم پوري ڪئي ويندي. اسانجي نقطي نظر ۾ عمران ھونئن به صادق امين ناھي رھيو.

عادل خان تنيو لکيو ته عمران خان اليڪشن ايڪٽ تحت نااھل ٿي چڪو آھي ھن تي مختلف ملڪن کان غير قانوني طور فنڊنگ ثابت ٿي چڪي آھي .۽ ھاڻي سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ ڏانھن آھن، اعجاز کوسو لکيو ته عمران جان هڪ سچو ليڊر آهي چورن جي چوڻ تي هڪ سچو ليڊر نااهل نٿو ٿي سگهي، خاموش خليل شر لکيو ته ڪجهه به ڪونه ٿي سگهندس ,ٻين کي ڇا ٿيو آهي جو عمران خان کي ٿيندو، علامه اقبال توحيدي لکيو ته پهريون ڀيرو ملڪ کي سچو ايماندار ليڊر مليو آهي، راجا خان عباسي لکيو ته صرف عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي پي ڊي ايم سميت سڀني ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي، وحيد مستوئي لکيو ته عمران خان کي نا اھل ڪرايو ويندو، عبدالوهاب سنڌي لکيو ته عمران خان کي ٻاھر ڪڍڻ انهن جي وس ۾ ڪونهي ڇو ته پھريون دفعو انهن کي ٽڪر جا ماڻهو مليا آهن، عاشق ڀٽي لکيو ته اگر آئين مطابق فيصلو آيو ته نااھل ٿي ويندو، اسد انڍڙ لکيو ته پنجاب جي ضمني اليڪشن کان پوءِ پي ڊي ايم پريشان هئي ڪوئي نعرو ڪونه هيو جنهن تحت عمران خان خلاف اليڪشن وڙهن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته عمران خان کي ڪجهه نه ٿيندو.