سوال/سروي جج، پوليس ۽ قبضا مافيا مليل آهن وزيراعظم سچ ڳالهايو – غيرذميواراڻو بيان ڏنو: عوام جي راءِ ورهايل

0
404

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جج، پوليس ۽ قبضا مافيا مليل آهن، عدالتي نظام ڏاڍي اڳيان هيڻو آهي، پي ڊي ايم اين آر او وٺڻ جي يونين آهي، وزيراعظم عمران خان جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته وزيراعظم سچ ڳالهايو آهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته وزيراعظم جو بيان غيرذميواراڻو آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته وزير اعظم جنهن پوليس، قبضا مافيا ۽ جوڊيشري جو پاڻ ۾ مليل هئڻ جي ڳالھ ڪئي آھي اها بلڪل درست آھي. خود عمران خان وزير اعظم جي حيثيت ۾ عدليا، پوليس ۽ قبضاگير مافيائن کي پنهنجي اقتداري مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيو آھي؟ سارنگ منير سومرو لکيو ته وزير اعظم بلڪل صحيح پيو چوي پر وزير اعظم کي اھو ذھن ۾ ھجڻ گھرجي ته ھو انهن سڀني جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته وزير اعظم جو بيان حقيقت آهي پوليس جي ڪاروائي ڏسو ڪيترن گهرن جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا آهن، دانش سولنگي لکيو ته وزير اعظم ڪورونا جي ڪري اهڙا بيان پيو ڏئي، گل حسن لکيو ته وزيراعظم جي بيان سان متفق آھيون، ماجد سمون لکيو ته اهو ئي بيان سچو اٿس، هزار خان لکيو ته بلڪل پھرين دفعو سچ ڳالھايو اٿس، ايم حنيف سومرو لکيو ته عدالتن مان انصاف نٿوملي، سجاول ضلعي ۾ته پوليس جون پنج ئي آڱريون گيھه ۾آھن ڇوته سجاول ضلعي ۾ گٽڪو وڏي مقدار۾ھلي ٿو ، امتياز لغاري لکيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي، جنيد زرين لکيو ته وزيراعظم درست چئي رهيو آهي، غفار لغاري لکيو ته بلڪل صحيح ڳالهه آهي ملڪ اندر غريبن لاءِ ھڪڙو ته وري اميرن لاءِ ٻيو قانون آھي ائين نه ھئڻ گھرجي، منظور حسين شر لکيو ته بلڪل اها حقيقت آھي ملڪ ۾ جيڪو ڏاڍو سوئي گابو واري ڪار آهي غريبن جي ڪوئي ٻڌڻ وارو ناهي.، عصمت الله ڀٽي لکيو ته بلڪل پاڪستان جو قانون صرف خاص ڪري غريب لاءِ آهي اگر ڪنهن غريب کي انصاف ملي به ٿو ته ان جي اڌ زندگي ڪورٽ جي حاضرين ۾ گذري وڃي ٿي، محمد پريل عباسي لکيو ته وزيراعظم ملڪي معيشت کي تباهه پيو ڪندو وڃي ادارن کي ٽارگيٽ ڪرڻ سٺو عمل نه آھي، جمال عبدالناصر وزيراعظم جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو، عباس لغآري لکيو ته ملڪ جي وزير اعظم جو نهايت غير زميوارڻو بيان آهي، جاويد جبار مريداڻي لکيو ته اها تلخ حقيقت آهي ، سنڌ ۾ وڏيرڪو نظام هلي ٿو، علي مراد جوکيو لکيو ته ان ڳالھه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته عوام جو عدالتن مٿان اعتماد کڄندو پيو وڃي، راجيش ميگهواڙ ۽ سجاد علي چيو ته وزيراعظم جو بيان درست آهي، عبدالجبار راڄڙ لکيو ته ملڪ ۾ انصاف ڪٿي به نظر نٿو اچي. ان ڪري مظلوم تي وڌيڪ ظلم ٿئي پيو. جج پوليس ۽ قبضا مافيا مليل آهن، سرفراز لکيو ته پهريون ڀيرو وزيراعظم سچ ڳالهايو آهي، گلاب خاصخيلي لکيو ته وزيراعظم جي اها ڳالهه حڪومت جي بيوسي کي به ظاهر ڪري ٿي، رياض احمد لکيو ته وزيراعظم جي بيان مان هي صاف ظاهر آهي ته هي صرف نالي جو وزير اعظم آهي، فضل بلوچ ۽ عظمت علي لکيو ته صحيح ڳالهه آهي، بلاول اوڳاهي لکيو ته وزيراعظم عمران کان صاحب اوهان اهو پهريون سچ چيو، زاهد لاکو لکيو ته اهو ڪڙو سچ آهي، اساما خان لکيو ته وزيراعظم عمران خان غربت تي به ڪجهه نظر رکي، ابوبڪر جوڻيجو، سرواڻ گل چانڊيو، افضل حاجاڻو، راجا رميش، آصف علي شاهه، ارمان الهداد ڪنڀر، مقصود عباسي،عبدالقيوم بکراڻي، خالق الزمان، ڪانجي ڪمار لکيو ته وزيراعظم درست ڳالهه ڪئي آهي، آفتاب لغاري لکيو ته تبديلي سرڪار ملڪي انتظام سنڀالڻ ۾ ناڪامي جو ذميوار ٻين کي قرار ڏيڻ بجاءِ پنهنجي ذميواري نڀائي، مظفر ڏيٿو لکيو ته وزيراعظم درست ڳالهه ڪئي، مقبول چارڻ لکيو ته هن سموري قصي کان ڪو به آجو ناهي،فيصل وزير مري لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت تي وڏو زور آھي ته پي ڊي ايم وران کي اين آر او ڏي پر عمران خان ڪڏھن به پي ڊي ايم وران کي اين آر آو نه ڏيندو، يارمحمد مڱريو لکيو ته پاڪستان جو نظام تباهه ٿيل آهي هر هڪ اداري ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، اسد خاصخيلي لکيو ته وزيراعظم ججن خلاف ڳالهايو آهي، عاشق حسين لکيو ته وزيراعظم جو بيان قانون کان مٿانھون آھي، سڪندر بلوچ لکيو ته پوليس، عدالتن ۾ سٺا ماڻھون به ڪم ڪن پيا، سينگار علي لکيو ته ملڪ جي وزير اعظم جو نهايت غير ذميوارڻو بيان آهي، مظفر شبير بوزدار ملڪ جو سربراهه اهڙو بيان ڏئي رهيو آهي، طارق احمد ميمڻ لکيو ته وزير اعظم توهين عدالت ڪئي آهي.