سوال/سروي … تعليم واري وزير جو رشوت وٺندڙ آفيسر کي نه ڇڏڻ جو اعلان سٺو آهي پر عمل جي ڪا اميد ڪانهي، سردار شاهه سٺو ڪم پيو ڪري: عوام جي راءِ ورهايل

0
260

  پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج تي عوام کان سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه جي بيان تي سوال ڪيو ويو جنهن ۾ هن چيو هو ته اميدوارن کان رشوت وٺندڙ تعليم کاتي جي آفيسرز کي نه ڇڏيندس. ڪنهن ايم اين اي يا ايم پي اي جو ماڻهو تنگ ڪري ته ٻڌايو، کين گرفتار ڪرائي سخت سزا ڏياريندس. سردار شاهه جي هن بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ان جي جواب ۾ گل حسن شر لکيو ته اندر مڙيوئي اڳڙيون مٿان خالص کل اھڙيون ڳالھيون ھر دور ۾ ٻڌڻ ۾ اينديون آھن. علي ڪامران سهتو لکيو ته ايم اين اي يا ايم اپي اي تنگ ڪرڻ بابت ڀلا آفيسرز ڪيئن ٿو دانهين سگهي؟ اهي ته رکرايل ئي انهن جا هجن ٿا! سردار شاهه جو بيان رڳو بيان تائين محدود آھي ان تي عمل ڪرڻ آسمان ۾ ٿڪ اڇلائڻ برابر آھي. آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 40 مارڪون کڻڻ وارن کي نوڪريون ڏيڻ واري اعلان تي ڀلا عمل ٿيو جو هن اعلان تي عمل ٿيندو؟ سائين اميدوارن کي آرڊر ڏيو ۽ سنڌ بعد تعليم بچايو. شفيع ملاح لکيو ته سائين سردار شاهه جا قدم بهترين آھن پر آفيسر لڏو ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هتي ادارن کي آفيسر شاهي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي. تعليم کي تباهه ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو اٿن باقي ايماندار آفيسر سائيڊ ۾ آھن، جڳاڙي ڪرپٽ آفيسر ٻه ٻه چارجون سنڀاليو ويٺا آھن. حيدرآباد مان عبدالغفور سروهي لکيو ته  اهي گدڙ ڀڀڪيون آهن، جيڪو مال مان حصو نه ڏيندو، اهو نوٽ ڪري. قدرت الله ڀٽو لکيو ته ڪاش ايئن ٿئي باقي ڪم وڏو آ. غلام رضا راڄپر لکيو ته چور آهي. راشد بابا ڀٽي لکيو ته سائين جا بيان ڏاڍا ڀلا ھوندا آھن

تارج محمد لکيو ته اهو خالي ڌماڪو آهي. عرفان خان ڦل لکيو ته سائين جو بيان منظور وساڻ جو خواب اعتبار لائق ناهن هالار علي سومرو لکيو ته ان فلم جو نالو ڇا آھي سائين! مجتبيٰ جوکيو لکيو ته بلڪل سائين سردار علي شاھ ۽ سندس سموري ٽيم بهتر ڪم ڪري رهي آھي جي سائين سردار علي شاھ صوبائي وزير ۽ اڪبر لغاري صاحب سيڪريٽري تعليم نه هجن ها ته شايد هي بيوروڪريٽ پوءِ ائين حقدارن کي حق نه ڏين ها. عبداللطيف لکيو ته اھو سَڄو ڊرامو آ ڀَلا سائين جن کي خبر ناهي ته ملڪ ڪيئن پيو هلي. شنڪر لعل لکيو ته سائين جو بيان ته زبردست آهي، پر عملي طور ايڪشن ڪونهي ٿيندو. ديدار علي دستي لکيو ته شاه صاحب هنن کي نه ڇڏيندو باقي پاڻ وٺندو. ڊاڪٽر عاليه خان لکيو ته اهو بهترين فيصلو آهي. ممتاز علي لاکو لکيو ته پاڪستان مان رشوت ڪڏهن به ڪونه ويندي. همير بوچيا لکيو ته سنڌ ۾ جيڪي شاهه آھن اعلان ڪندا آهن پر عمل ڪونه ڪندا آهن جئي قائم علي شاهه. سارنگ رام سارنگ لکيو ته اهو سٺو فيصلو آهي. گلزار پنهور لکيو ته فريال ٽالپر به چوندي آ اسان ڪرپشن ڪونه ڪندا آھيون ڪرپشن ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي. پيربخش راڄڙ لکيو ته ھمٿ ڪندو ته ٿي ويندو گھٽ مارڪن وارن جام ٿيا آهي پيسن تي ڀرتي. ساجد حسين بلوچ لکيو ته وڳڻ مان سردار شاھ جي بيان ۾ صداقت ناهي سراسر ڪوڙ آهي پئسا نـ وٺندا ته اميدوارن کي آرڊر به ڪو نه ملندا. نماڻو نوناري لکيو ته الله پاڪ غيرت ڏين باقي ڪرپشن پياري آ. مشتاق احمد لکيو ته مرشد جيڪا رشوت تون پاڻ پيو وٺين پاڻ ڇا ڪندين؟ ظهير لغاري لکيو ته هل ڙي بندوق تنهجو ٺڪاءُ. موهن لعل ترڪيو لکيو ته محترم سردار شاهه جو بيان هڪ سٺو سمئوڻ آهي. باقي رهي ڳالھه ته هن شيءِ تي شال عمل ٿئي. ٻيو ته پي ايس ٽي استاد جيڪي 09 گريڊ ۽ 14 گريڊ واري ٽياس تي ٽنگيل آهن انهن جي معاملي کي وزير تعليم کي جلدي حل ڪرڻ گهرجي جلد کان جلد استادن جي 14 گريڊ وارو ڪم ڪيو وڃي. عبدالستار شر لکيو ته سردار شاهه صاحب سٺو ماڻھو آھي

باقي پئسن واري سائين کي به خبر ھوندي. سيڪريٽري صاحب پندرھن وارننگز باوجود ڪنھن ڊي اي او خلاف ڪارروائي نه ڪري سگھيو. سڪيش ڪمار لکيو ته سردار شاھ جو بيان تعريف جوڳو پر رھي ڳالھ عمل ڪرڻ جي عمل پڻ ڪرڻ گھرجي ۽ جيڪي ٽيسٽ پاس ڪري استاد ٿيا آھن انھن جي پگھارن واري معاملي کي پڻ جلد کان جلد حل ڪري سنڌ جي نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي جيڪي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رھيا آھن. مبارڪ بجير لکيو ته سائين جو بيان ته زبردست آهي پر جيئن چوي پيو ائين ڪري ڪونه سگهندو. رضوان احمد ڪنڀر لکيو ته انصاف ڪونه ملندو بس اجايو رت ٿا ساڙين. محمد حسين لکيو ته اهاھوائي فائرنگ آهي. ايس منظور لنجو لکيو ته  سائين سردار شاهه جو ھي بيان تعريف جوڳو آهي سائين سردار شاهه صاحب سٺو ماڻهو آهي ھن چڪر پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جون مقرريون تقريبن ميرٽ تي ٿيون آهن. الله بخش خاصخيلي لکيو ته مشڪل هوائي فائر آهن. رياض سولنگي لکيو ته سائين جي هن بيان مان لڳي ٿو رشوت وصول ڪندڙ کي سائين ڌمڪي ڏئي پنهنجو حصو طلب ڪيو آهي باقي هي سيد ڪجھه به نه ڪري سگهندو. مٺياڻي کان عجيب سولنگي لکيو ته فلم جي پھرين قسط ته آفيسر جيڪو به ڪم ۾ ڪوتاھي ڪندو ته ان کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ۽ ھاڻي فلم جي قسط رشوت نه وٺبي ۽ اگر ڪنهن به ايم پي اي يا ايم اين اي جو ماڻھو تنگ ڪندو ته ان تي ايف آءِ آر ڪرائيندس ھل شاھ صاحب تنهنجي فلم جا ٽيلر. خورشيد احمد ڀيو لکيو ته ڪجهه ڪونه ڪندو ڪنهن کي به. ڊي او ڪشمور ڪرپشن ڪري جايون لڪايو ويٺا آھن ڪافي ثبوت سيڪريٽري ڏانهن موڪليا ويا آھن پر ڪوبه ايڪشن ناهي ورتو ويو. مٺي مان مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته سردار شاھ جو بيان تعريف جوڳو پر رھي ڳالھه عمل ڪرڻ جي عمل پڻ ڪرڻ گھرجي ؟ کپري مان آزاد راڄڙ لکيو ته سردار شاهه پنهنجي ٻئي دور ۾ تعليم ۾ سڌارو آڻي ناهي سگهيو. هيٺين عملي، سڪيريٽري ۽ ان کان هيٺ وارن آفيسرن تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي آھي. سردار شاه پهرين پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرايو پوءِ ڪڍرائي خانگي اسڪول ۾ داخل ڪرايو انهي مان ظاهر آهي ته سرڪاري تعليم جو معيار ناهي. ديناري قربان لکيو ته ڊرامو آھي پاڻ وڏو ڪرپٽ آھي بيان کي نه ڏسو نيت کي ڏسو. محمد حسين لکيو ته سردار سائين جيڪو چوي ٿو

هتي عمل ڪونه ٿيندو اڳ ۾ عمل ٿيو آهي جو هاڻي ٿيندو. ٻه ڏينهن اڳ ۾ سنڌ سرڪار اٽو 65 رپيه ڪلو جو اعلان ڪيو ان تي عمل ڪونه ٿيو. امتياز بلوچ ڪنڌ ڪوٽ مان لکيو ته سائين سردار شاھ جو بيان تعريف جوڳو آهي پر عمل پڻ ڪرڻ گھرجي ؟ محمد علي بهڻ لکيو ته سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ کي عرض آهي ته نوڪري ڪريو ته دبنگ ٿي ڪريو ڊي او کي معطل ڪندو ته فون ايندو بحال ڪرڻو پوندو. ان لاءِ اهڙن آفيسرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرايو جيڪي حڪم نٿا مڃن. عبدالحميد بلوچ لکيو ته اهي رشوت وٺڻ وارا به انهن جا پاليل آهن نااهل خبرون پيو ڪري.  علي حسن احسن چڍڙ لکيو ته سائين جو هي قدم ته بهتر آهي پر هن تي عمل ڪونه ٿيندو. ميرپور ماٿيلو ۾ هر روز احتجاج ٿي رهيا آهن ڊي اي او پرائمري سيڪنڊري خلاف هو پوسٽون ظاهر نه ٿا ڪن. جي اعلان ٿيو آهي ته ان تي عمل به ڪرائي ۽ هن وقت ميرپورماٿيلو جي اسڪولن ۾ ڪتاب به ناهن ڪتاب به مهيا ڪيا وڃن. شيراز علي پنهور لکيو ته بيان ته سٺو ڏنو اٿس پاڪستان ۾ رڳو ھر شيءِ جو نوٽيس وٺندا آھن عمل ڪڏھن ٿيو جو ھاڻي ڪندا مڙئي ٺڪا ڏنو اٿس. فقير يوسف حامد راهمون لکيو ته ڪرپشن جو بيتاج بادشاھ وري ڪرپشن فري جي ڳالهه ٿو ڪــري ھــن جو ڀاءُ ۽ ھي پاڻ وڏا ڪــرپٽ آھــن. نصير چنا لکيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته سردار شاھ ٿورڙي وقت ۾ ايڏيون وڏيون ڀرتيون ڪرايون پر تعليم کاتي جي رشوت خور آفيسرن کيس وڏو منجھايو آھي. ڪيترن ئي ضلعن ۾ سيٽون لڪايون ويون آھن، ھارڊ ايريا من پسند علائقن کي قرار ڏياريو ويو. جاويد احمد لکيو ته سردار شاھ جو وس ھلي ھا ته اڄ تائين سمورا اسڪول استادن سميت کليل ھجن ھا پر ھن کي ته رڳو موهن جو دڙو سنوارڻو آهي

جنھن تي الله جو عذاب آيو. اسڪولن تي ھن جي توجه ئي ناهي. پڙهيل لکيل وزير جو سنڌ جي تعليم تي ڪو خاص اثر نه پئجي سگهيو آهي. ڪڙيو گهنور خبرون لکيو ته سراسر ڪوڙو آھي ھنن جا بيان ڊاڙن کان گھٽ نه آھن. سنڌ جي اسڪول نيو ايل استاد جيڪي بايوميٽرڪ وارن جا دل گھريو دوست يا من گھريا مائٽ آھن اھي ڊيوٽي نه ڪندا آھن. ڪيترائي بااثر اچڻ کان ئي من پسند ھنڌن تي بدليون ڪرائي ويا پورو نظام چور آھي. مير ڌڻي بخش نصيراڻي چيو ته بھترين اعلان سردار شاھ صاحب جو ليڪن سنڌ ڌرتي جا وارث صرف پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جا اميدوار ناھن ٻين کاتن ۾ به ڀرتين جا مسئلا نظرانداز آھن جيئن ايس آر پي سنڌ پوليس 2018ع جي ڀرتي جا پي ٽي ايس پاس 40کان 54 مارڪون کڻندڙ پوري سنڌ جا 15 سئو اميدوار آفر آرڊرن کان محروم آهن. ايم عارف مهر لکيو ته ٻيلي خدا کي مڃ تون خود سياسي مخالفن تي ھن ٻوڏ واري صورتحال ۾ انتقامي ڪاروائي ڪري رھيو آھين پر ياد رک انشاالله وقت ھميشه ھڪجھڙو ناھي رھندو. وحيد مستوئي لکيو ته جذباتي خيالات ڏاڍو متاثر ڪندڙ آھن. باقي فيصلا سندن ھٿ ۾ آھن ڪونه جو اھڙو قسم کڻي وري پورو به نه لھي سگھي. امان الله چانڊيو لکيو ته رشوت تي ته اوهان جو گذارو آهي رشوت بغير ڪهڙو ادارو آهي اوهان جو ۽ سنڌ ۾ ايم پي اي ايم اين اي ڪنهن جا آهن اوهان جا ئي ته ساٿاري آهن. امان الله سمون لکيو ته اسين ڪجھه ھيئن ٿا ڏسون رشوت وٺڻ جي اجازت سائين جي ننڍي ڀاءُ کي آھي ٻين کي نه ان ڪري رشوت صرف سائين کي ڏيو. سروي ۾ کٽومل سنجناڻي، زاهد کوسو، نادر جوڻيجو، اعظم بلوچ، محمد ميران جکراڻي، الاهي ايچ ايم، حاڪم علي ڪٽوهڙنارائڻ سنڌي، علي گوهر سومرو، شرجيل مفتي، احمد خان مگسي، ممتاز علي سميجو، ڪامران خان، ڏياراام رکيسر، سيد عرفان شاهه امروٽي، خان محمد بنگلاڻي، دولت ام آگراڻي، عابد حسين شر، مرتضيٰ پنهور، شوڪت شوڪت، ميانداد مري، ايم رمضان، راڻا خان نونڌو، راڻا فيصل، بلال مصطفيٰ ٻگهيو، عبيدالله رند، سعيد بوزدار، سڄڻ راهو به حصو ورتو ۽ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.