سوال/سروي تبديلي جي شروعات بلوچستان کان ٿيندي، ڄام ڪمال کي هٽائڻ عمران جو اقتدار ڪيرائڻ جي شروعات آهي: عوام

0
250

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال جو گهيرو تنگ، ناراض پارٽي ميمبرن پاران به بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي ۽ وزيراعليٰ بلوچستان ڄام ڪمال کان استعيفا جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا ڄام ڪمال جي حڪومت تي ڪو اثر پوندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته تبديلي جي شروعات بلوچستان کان ٿيندي آھي، ڄام ڪمال جنهن طريقي سان آيو آهي ان ئي طريقي سان ويندو، وزيراعلي بلوچستان کي ھٽائڻ واري عمل جي شروعات دراصل عمران جي اقتدار کي ڪيرائڻ جي شروعات آهي،ڄام ڪمال جي وڃڻ سان ڪهڙو فرق پوندو، عمران خان وڃي ته جيئن ٻيو ڪو اچي.سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته جيڪڏهن وزير اعليٰ سان ميمبر گڏ آهن ته نه لهر نه لوڏو جيڪڏهن گڏ نه آهن ته بي اعتمادي رٿ کيس لوڏي وجهندي حڪومت هلي ويندي، گل حسن شر لکيو ته تبديلي جي شروعات بلوچستان کان ٿيندي آھي فرق ته لازمي پوندو، طارق بلوچ لکيو ته اهو به سليڪٽڊ آهي، ڪامريڊ لڪش والماڻي لکيو ته ڄام ڪمال تي اثر پوندو، حبيب الله عمراڻي لکيو ته ڄام ڪمال ويو ته به عوام کي ڪو به فائدو ڪونه ٿيندو ڇاڪاڻ ته جيڪو به هاڻ ايندو اهو پنهنجو پيٽ ڀريندو اهو اصل کان پيو ٿيندو اچي، جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته ڄام ڪمال جي وڃڻ سان فرق نه پوندو، کيس ميمبرن جو ساٿ گهربل آهي، مخالف گروپ جا 2 حصا آهن، هٽائڻ مشڪل هوندو، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته ڄام ڪمال کي هاڻ وڃڻ گهرجي باقي ڪنهن قيادت کان سواءِ ڄام ڪمال جو رهڻ مشڪل نه پر انتهائي مشڪل ٿي ويندو، سليم اختر لکيو ته بلوچستان ۾ حڪومت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم، اتي ھر ميمبر بليڪ ميلر ھوندو آهي، چاهي حڪومت جو ھجي يا اپوزيشن جو، ڄام جمال ۾ ڪھڙي خامي آهي اھو ڪير ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي، نياز ڪلوئي لکيو ته ڄام ڪمال کي وڃڻ گھرجي ڇو ته ان جي پنهنجي پارٽي ان جي خلاف ٿي آهي باقي اثر ضرور پوندو آهي، علي گل ڏيٿو لکيو ته اعتمادي رٿ جمع ڪرائيندڙ اڳتي هلي رستو صاف ڏسي ڀڄي جان ڇڏائيندا ڄام ڪمال جنهن طريقي سان آيو آهي ان ئي طريقي سان ويندو، شبير ڪٽوهر لکيو ته ڄام ڪمال جي وڃڻ سان ڪهڙو فرق پوندو لڳي ٿو ڪجھه نه ٿيندو، محمد حسن نهڙيو لکيو ته گهيرو تنگ آهي ته وزيراعليٰ به پنهنجي ذاتي کي ڏسي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ڪنهن جي به وڃڻ سان ڪو به فرق محسوس نه ٿيندو، آدم پتافي لکيو ته يقينن، جنھن 14 ماڻھن عدم اعتماد رٿ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي اھي ميمبر منظر عام تي اچي ويا ته رٿ ڪامياب ٿيندي.نويد کوڙ لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، الطاف کوڙ لکيو ته ڄام ڪمال وڃڻ سان ڪھڙو فرق پوندو، شيراز چانگ لکيو ته ٿي سگھي ٿو ھن مشڪل گھڙي مان ڄام ڪمال پار پئجي وڃي، منظر عباس لکيو ته زرداري چيو هو ته شروعات بلوچستان کان ٿيندي هاڻي ڏسجي، پرويز ميرجت لکيو ته ڄام ڪمال کي ڇڏيو عمران کان استعيفي وٺو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سڀ ناراض پارٽي جا ميمبر سيٽ ٿي ويندا، عرفان سيلرو لکيو ته غير جهموري قوتون نٿيون چاهين ته بلوچستان جون حالتون بهتر ٿين، نياز سومرو لکيو ته وزيراعلي بلوچستان کي ھٽائڻ واري عمل جي شروعات دراصل عمران جي اقتدار کي ڪيرائڻ جي شروعات آهي، حسن علي جوڻيجو لکيو ته ڄام ڪمال جي وڃڻ سان ٻئي کي وارو ملندو، حاجي خان پنهور لکيو ته ڄام ڪمال کي هاڻي بي اعتمادي جو ڊپ ناهي، عاشق حسين لکيو ته باپ راضي آهي ته پوءِ ڄام ڪمال کي ڪو به نقصان نه ٿيندو، واحد بخش لکيو ته صرف عوام کي بيوس ڪرڻ لاءِ گيم ڪرائي وڃي ٿي، بشير ميراڻي لکيو ته ڄام ڪمال جي وڃڻ سان ڪهڙو فرق پوندو، عمران خان وڃي ته جيئن ٻيو ڪو اچي. ثناءُالله چنا لکيو ته جيڪڏهن مٿان کان قيادت ڄام ڪمال سان گڏ آهي ته پو ڪجهه نه ٿيندو شنڪر باغي لکيو ته اهڙين حالتن ۾ استعيفا ڏئي آرام ڪرڻ گهرجي، جاويد احمد لکيو ته صورتحال سنگين آهي، مسرور شر لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، عيدل ڪنڀر لکيو ته ڄام ڪمال کي وڃڻ گھرجي ڇو ته انجي پنهنجي پارٽي ان جي خلاف ٿي آهي، ممتاز سميجو لکيو ته ڄام ڪمال جي وڃڻ سان ڪهڙو فرق پوندو.