سوال/سروي … ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ مڪاني قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، اسڪول ۽ ڊسپينسريون مڪاني ادارن حوالي ڪرڻ سان تباهه ٿي وينديون: عوام

0
152

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار پاران مڪاني قانون ۾ ترميم تحت اسڪول ۽ ڊسپينسريون مڪاني ادارن حوالي ڪيون وينديون، ميئر اٿارٽين جا سربراهه هوندا، متحده جي مطالبي تي مڪاني ترميمي بل منظور ڪيو ويو، سنڌ سرڪار جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سنڌ سرڪار جي ان قدم کي رد ڪيو، هنن چيو ته پ پ ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙي قانونسازي ڪري رهي آهي، ادارا ايم ڪيو ايم حوالي ٿي ويندا جنهن سان نقصان ٿيندو، اهو بل بدنيتي تي ٻڌل آهي، جنهن کي رد ڪريون ٿا، اهو به چيو ويو ته  اسڪول يا ڊسپينسريون ڀلي مڪاني کاتن حوالي ڪريو پر گهٽ ۾ گهٽ اُنهن کي بهتر ته ڪريو. اڳ به اسڪول ۽ ڊسپينسريون مڪاني ادارن حوالي هيون جيڪي تباهه ٿي ويون اتي ڪي به سهولتون نه هيون،

                         سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي موهن لال لکيو ته ايم ڪيو ايم تازو ضمني اليڪشن ۾ ڪراچي مان هارائي چڪي آهي 7 قومي  سيٽون رکندڙ ان پارٽي کي ڪراچي جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ڀلي ايم ڪيو ايم جي خواهش مطابق ڪراچي جا هڙئي کاتا ميئر ماتحت ڪيا وڃن پر اهو خواب ايم ڪيو ايم لاءِ ساڀيان ناهي ٿيڻو، سنڌ سرڪار پاران ترميمي بل لوڪل سطح تي انتظاميا کي ملڻ گهرجي جنهن سان ننڍا وڏا مسئلا ميئر ئي حل ڪري سگهي ٿو، باغي مختيار ميمڻ لکيو ته بدنيتي تي ٻڌل بل آهي، اڳ به ايم ڪيو ايم انهن وزارتن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي، هن ڀيري به هو پ پ پ سان ملي پنهنجي فائدي جو بل منظور ڪرائي اسڪولن ۽ ڊسپينسرين تي قبضا ڪندا. راجا انور لکيو ته سنڌ سرڪار خاص ڪري جڏھن به اُھا  پ پ جي هُجي ٿي ته ايم ڪيم ايم کان ڊنل هُجي ٿي تازو مڪاني ادارن واري بل ۾ ترميم ڪرڻ توڙي ميئر کي اٿارٽي جو سربراھ مُقرر ڪرڻ وارو عمل ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ برابر آهي باقي رهي ڳالھه اسڪول ۽ ڊسپينسريون لوڪل گورمينٽ حوالي ڪرڻ جي ته اُھي ماضي ۾ به لوڪل گورمينٽ(مڪاني ادارن ) جي ماتحت رهيا آهن اسان جي ڳوٺ ۾ پڻ ڊسپينسري آهي جيڪا مڪاني ادارن جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي اُھا ڳالھه الڳ آهي ته ڊسپينسري ۾ ڪو به ڊاڪٽر وغيره مُقرر ٿيل نه آهي ۽ نه ئي ڪڏھن دوائون فراهم ڪيون ويون آهن

ڊسپينسري ۾ فقط هڪ ڊسپينسر مُقرر ٿيل آهي جيڪو ذاتي خرچ تي دوائون وٺي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري ٿو سو مُنهنجي چوڻ جو مقصد اُھو آهي ته اسڪول يا ڊسپينسريون ڀلي مڪاني کاتن حوالي ڪريو پر گهٽ ۾ گهٽ اُنهن کي بهتر ته ڪريو. حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ايم ڪيو ايم جي ڪجهه سيٽن جي ڪري پ پ وارا اهڙا ڪم ڪن پيا، عبدالغني لکيو ته پ پ جو منشور سنڌ دشمن آهن ايم ڪيو ايم زيرو ٿي وئي آهي پر ھي ان کي اڃان به سھارو ڏين پيا. ثناءُالله چنا لکيو ته ايم ڪيو ايم وارا ٿا چاهين اهو پيا ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ادارا انهن حوالي ڪيا وڃن سو هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا بس افسوس حڪومت تي آهي جيڪا سنڌ جا ادارا انهن حوالي ڪري رهي آهي، الياس سمون لکيو ته اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ سنڌ سرڪار ڇا ڇڏيو آهي تباهه برباد ڪري ڇڏيو آهي،

عرفان علي چانڊيو لکيو ته بس سائين ڇا چئجي سڀ هڪجهڙا آهن، گلزار خشڪ لکيو ته جيڪو ڪجھه بچيو سنڌ ۾ آھي ان جي تباهي هي ڪندا، سنڌ جي ملڪيتن تي ڌارين جا قبضا نامنظور، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وارا پاڻ ۾ سئوٽ ماسات آھن، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته بدنيتي تي ٻڌل بل اڳ به ايم ڪيو ايم انهن وزارتن جو ناجائز استعمال ڪيو آهي هن ڀيري به هو پ پ پ سان ملي پنهنجي فائدي جو بل منظور ڪرائي اسڪولن ۽ ڊسپينسرين تي قبضا ڪرائيندا، شاهه محمد لکيو ته سڀ ھڪ جھڙا آھن ڪنھن کي دانھن ڏجي، اختر علي اوٺو لکيو ته اھيو فيصلو پي پي عارضي طور ڪيو ھوندو شايد، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته سنڌ حڪومت جو فيصلو غلط آهي، ولي الله جمالي لکيو ته ايم ڪيو ايم تازو ضمني اليڪشن ۾ ڪراچي مان هارائي چڪي آهي 7 قومي جون سيٽون رکندڙ پارٽي کي ڪراچي جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ڀلي ايم ڪيو ايم جي خواهش مطابق ڪراچي جا هڙئي کاتا ميئر ماتحت ڪيا وڃن پر اهو خواب ايم ڪيو ايم لاءِ ساڀيان ناهي ٿيڻو، سنڌ سرڪار پاران ترميمي بل لوڪل سطح تي انتظاميه کي ملڻ گهرجي جنهن سان ننڍا وڏا مسئلا ميئر ئي حل ڪري سگهي ٿو، ماسات هادي لکيو ته بلڪل صحيح آهي، اسد انڍڙ افسوس جو اظهار ڪيو.