سوال/سروي اسلام آباد ۾ وزيراعظم جو بنا پروٽوڪول دورو: سوشل ميڊيا تي تبصرا

0
451

وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ عمران خان وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر بعد ۾ هن جون پنهنجون ئي ڪيتريون اهڙيون وڊيوز ۽ تصويرون سامهون اينديون رهيون جنهن ۾ ساڻس گڏ آفيسرن جي نفري ته ڪڏهن پروٽوڪول قافلو نظر ايندو رهيو، گذريل ڏينهن عمران خان ۽ سندس ٽيم پاران سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن جو عنوان هو ته وزيراعظم عمران خان بنا سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول سان پاڻ گاڏي هلائي اسلام آباد جي عوامي هنڌن جو دورو ڪيو آهي، انٽرنيٽ جي مختلف پليٽ فارمز تي ان وڊيو تي ڪافي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڪي تعريف ڪري رهيا آهن ته وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي سان ئي ملڪ اڳتي وڌي سگهندو، جڏهن ته ڪي ماڻهو وري تنقيد پڻ ڪري رهيا آهن جن جو چوڻ آهي ته اهو صرف ڏيکاءُ ۽ مشهوري کان سواءِ ڪجهه ناهي ڇو ته رمضان مهيني دوران پي ٽي آءِ حڪومت وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ناهي ڪري سگهي. وڊيو جي شروعات ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عمران خان پاڻ گاڏي هلائي رهيو آهي ۽ جي اليون مرڪز پهچي ٿو ۽ اتي هو دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن سان ڪورونا جي احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ جي گذارش ڪري ٿو، وڊيو ۾ هڪ گانو ڪيسي يي هوائين چلين، اميدين تجهه سي جڙين، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، گڏوگڏ هڪ شخص ڪمينٽري ڪندي ٻڌائي ٿو ته هي جي اليون مرڪز آهي، وزيراعظم هتي پهتو آهي، جائزو وٺي رهيو آهي، هر هڪ وٽ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم جي ٽيم وڏي فخر سان ان وڊيو کي شيئر ڪري رهي آهي، سينيٽر فيصل جاويد لکيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ ڊرائيونگ دوران هر بند سگنل تي بيٺو، سگنل کلڻ جو انتظار ڪيو، ان بعد عمران خان آءِ نائن جي سيويج پلانٽ ۽ ڪورنگ ڪرڪيٽ گرائونڊ به ويو، احساس پروگرام جو سهڪار حاصل ڪندڙ ريڙهي وارن سان عمران خان مليو ۽ بعد ۾ انهن ماڻهن جا انٽرويو به ڪيا ويا جن سان عمران خان جي ڳالهه ٻولهه ٿي.جڏهن ان سموسي واري جو انٽرويو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته عمران خان اسان جو حال پڇيو، اسان کي خوشي ٿي ته هو اسان وٽ آيو، اڄ تائين اسان وٽ ڪو به وزيراعظم ناهي آيو اسان کي اهو ڏسي حيرت به ٿي. اتي هڪ ٻار به موجود هو جنهن سان عمران خان ڳالهايو جنهن ٻڌايو ته آئون هن جو فوٽو ڪڍڻ چاهيان پيو پر عمران خان منع ڪيو آئون چوندس ته ٻيهر اچي ۽ فوٽو ڪڍرائي. هڪ ٻئي شخص ٻڌايو ته عمران خان سادگي سان بنا پروٽوڪول جي آيو هو اسان سمجهيو ته ڪو سموسا پڪوڙا وٺڻ آيو آهي، خان صاحب بيشڪ سڄو ٿال کڻي وڃي ها ان لاءِ جان به حاضر آهي. وزيراعظم جي اهڙي وڊيو تي سوشل ميڊيا تي به ڪافي ردعمل ظاهر ڪيو ويو، ساراهه سان گڏ سوال به اٿاريا ويا. وڊيو ۾ ٻنپهرن جو وقت هجڻ ڪري اڪثر صارفين جو خيال آهي ته ان وقت تي ڪير بازارن ۾ سموسا ناهي خريد ڪندو، اويس اقبال نالي صارف لکيو ته عمران خان جي دوري جي دوران ان ريڙهي واري کي پڪڙيو وڃي جنهن جي ريڙهي تي رمضان ۾ صبح جو 11 وڳي سموسا هئا. آمنه رضوي کي اهو سڀ ڊرامو لڳو جنهن ۾ اسلام آباد جي اها خالي جاءِ ڏيکاري وئي پر ان دوران عمران خان جو نامعلوم ڪيمرامين به بحث هيٺ رهيو جيڪو پوري وڊيو ۾ پاڻ نظر نه آيو، فاخر حسين بٽ لکيو ته ڪيمرامين ۽ خان صاحب کي بنا پروٽوڪول جي اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ تي جس هجي، حمزا تبصرو ڪندي لکيو ته ملڪ جو وزيراعظم پاڻ گاڏي هلائي اڪيلو دورو ڪرڻ نڪري پيو پر مجال آهي جو ڪميرامين کان بنا ٻاهر نڪري، عرصم طفيل بٽ لکيو ته حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ واحد شخص عمران خان جو ڪيمرامين آهي. پر ڪيترن ئي ماڻهن کي عمران خان جو اهو انداز پسند آيو فاطمه نالي صارف لکيو ته کيس ڀرپور انرجي ۾ ڏسي حوصلو بلند ٿي ويو، مريم لکيو ته اهڙي وڊيوز جو وڏو اثر پوي ٿو، مسز رضا لکيو ته عمران خان ڪافي سڌارا آندا آهن، فريد احمد لکيو ته عمران خان اڄ عوامي توجهه ۽ همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي پر ميڊيا جو ميلو فردوس لٽي ورتو، ڪجهه صارفين لکيو ته اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو جو ڪو وزيراعظم بنا پروٽوڪول جي ٻاهر نڪتو هجي، هڪ صارف لکيو ته مون کي مراد علي شاهه جي هڪ وڊيو ياد آهي جنهن ۾ هو ماڻهن سان کاڌو کائي رهيو آهي اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جو دورو وڌيڪ دلچسپ هو.لڳي ٿو ته عمران خان جي ميڊيا پروموٽرز شوڪت عزيز سان گڏ به ڪم ڪيو آهي.