سوال/سروي اسان جي ڪائونسلرن ۽ چيئرمينن ڪي به ڪم نه ڪيا عوام اڳوڻن مڪاني نمائندن جا نالا کڻي پول پڌرا ڪري ڇڏيا

0
329
سوال/سروي اسان جي ڪائونسلرن ۽ چيئرمينن ڪي به ڪم نه ڪيا عوام اڳوڻن مڪاني نمائندن جا نالا کڻي پول پڌرا ڪري ڇڏيا

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان مڪاني چونڊن جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته گذريل ڀيري وارڊ ۽ يوسي سطح تي اوهان جو چونڊيل نمائندو ڪهڙو هو؟ ڇا ان نمائندي اوهان جا بنيادي مسئلا حل ڪيا ؟ جنهن تي عوام پنهنجن اڳوڻن ڪائونسلرن ۽ چيئرمينن جي ڪارڪردگي زيرو قرار ڏيندي انهن جا نالا کڻي سمورا پول پڌرا ڪري ڇڏيا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي عباس جمالي لکيو ته مڪاني نمائندا ڪو به مسئلو حل نه ڪري سگهيا، ايڊووڪيٽ سنيل شتروگهن لکيو ته وارڊ نمبر 2 ڏيپلو ۾ پارٽي جي طرفان هڪ اهڙو شخص بيھاريو ويو هو، نه رستن جي صفائي ٿي نه گٽر نالين جي صفائي نه مرمت ٿي اسٽريٽ لائيٽ لاءِ بلب لڳرائڻ به هن جي وس ۾ نه هو، ڪارڪردگي اھا ھئي جو ھڪ دفعو به پاڙي محلي جو چڪر ڪونه لڳايس،  اويس ملاح لکيو ته ملاڪاتيار يونين ڪائونسل جو چيئرمين شهريار شاهه هو، يوسي جي ماهوار بجيٽ پنج لک رپيا آهي، پر هن ضرورت کان وڌيڪ ملازم مبينا ڀرتي ڪيا هئا، جنهن ڪري پنج لک رپين مان رڳو ملازمن جي پگهار ٿي ، باقي يوسي ۾ ترقياتي ڪم نالي ڪا شيءِ ناهي ٿي سگهي، يونين ۾ رکيل ملازم پڻ ڪم جا نه آهن، جيڪي ڊيوٽي ڪرڻ بدران گهر ويهي پگهار کڻن ٿا،

شهر سمورو گندگي جي ور چڙهيل آهي، گوڌن روحلائي لکيو ته اسانجو چيئرمين گھر جا ٽپڙ وڪڻي اليڪشن وڙهيو ۽ بدلي ۾ ڪجھه ڪونه مليو، ھاڻ اليڪشن کان توبھه ڪري ويٺو آهي. ميمبر ۽ چيئرمين ٽڪي جو ڪم ڪونه ڪرائيندا آھن. عامر کوسو لکيو ته تعلقه نوشھروفيروز،يوسي ويسر جو رهواسي آھيان اسان جي يوسي ويسر جي اڳوڻي چيئرمين ڪوبه ڪم نه ڪرايو، سڀ فنڊ مبينا هڙپ ڪري ويو ، عبدالرحمان چانگ لکيو ته  اسان وٽ ٽائون ڪاميٽي ڪرونڊي جو چيئرمين سليم هو باقي اسان جي اڌ ڳوٺ کي سهولت ملي ۽ پوءِ وري اسان کي ٽائون ۾ ڄڻ شمار ئي نه ڪيو ويو، شيراز چانگ لکيو ته اسان جي يوسي نصير خان چانگ آهي، اتان جي نمائندي جو نالو نٿو کڻان باقي پوري مدت ۾ ٽڪي جو به ڪم نه ٿيو. گلشن علي کٽياڻ لکيو ته اسان جي يوسي وارھه جو اڳوڻو چيئرمين غلام حيدر ڇٽو هيو جيڪو اسان جا ڪي به بنيادي مسئلا حل نه ڪري سگهيو. حبيب رتڙ لکيو ته اسانجي ڳوٺ حاڪم علي رتڙ کي پهريان سازش تحت ٽائون ڪاميٽي ڪرونڊيءَ کان الڳ ڪري مختلف ديهن کي گڏائي هڪ نئين يوسي ننگر خان شر جي نالي سان ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين رئيس حسيب الرحمان راڄپر رهيو، اسانکي ياد ناهي ته اليڪشن مهم ۽ ووٽنگ واري ڏينهن کان سواءِ ڪڏهن تڪ ۾ آيا هجن، اسانجي يوسي ننگرخان شر واحد يوسي هوندي جيڪا بنا آفيس جي فنڊ به کڻندي رهي آهي، جڏهن ته ڪم ٽڪي برابر به ناهي ٿي سگهيو، اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته پراڻن رهندڙ چيئرمينن جي پراڻي ڪارڪردگي ڏسي پوءِ سندن فارم بحال ڪيا وڃن،

نذير احمد بروهي لکيو ته اسان جي يوسي ڌامراهه تعلقو نصيرآباد جي اڳوڻي چيئرمين يوسي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ۽ نه ئي يوسي جي رهواسين سان ڪڏهن ملڻ ۽ جلڻ نه آهيو، يوسي جا روڊ رستا ۽ لنڪ روڊ  تباهه لڳا پيا آهن، مطلب يوسي ڌامراهه جي عوام کي ڪوبه رليف ناهي مليو، هميشه چونڊيل نمائندا پنهنجي پيٽ ڀرائي جي چڪر ۾ آهن، بشير ميراڻي لکيو ته مڪاني چونڊن دوران چونڊيل نمائندي کي خبر ئي نه هئي ته هن جو ڪهڙو ڪم آهي، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين وٽ سڀ اختيار هئا، يوسي جي چيئرمين ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو. عبدالقادر گبول لکيو ته بنا مقابلي ڪامياب ٿيل اميدوار ڀوتار جو پنھنجو ھو، ھڪ بنا مقابلي ڪامياب شخص ڪيترو ڪم ڪرايو ھوندو اھو اوھين سڀ اندازو لڳائي ٿا سگھو. ساگر علي رضا لکيو ته يوسي مراد تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي چيئرمين هڪ ٽڪي جو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو، سموري بجيٽ مبينا هڙپ ٿي وئي ڪير به پڇڻ وارو ناهي. الهڏنو راهمون لکيو ته سمورا اختيار چيئرمين وٽ ھجن ٿا چونڊيل ڪائونسلر ويچارا فقط پنھنجن جي حسد ۽ تنقيد جو شڪار ٿيندا آھن. جڏھن ته چيئرمين جيڪي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڪرسي ماڻيندا آھن اھي ٺيڪيدارن تي مبني پنھنجي ٽيم ٺاھي ڪم ڪندا آھن. بلدياتي نظام سڌارن کان سواءِ بي لاڀ آهي،

سرمد سنڌي لکيو ته ڪائونسلر ۽ چيئرمين پاڻ ۾ ٺهن ئي نٿا، ڏيتي ليتي ڪري هر ڪو پنهنجو پنهنجو دڪان کولي ٿو، گهٽي جي صفائي جو ڪم به شهري پاڻ ڪندا آهن، عوامي مسئلا حل ئي ناهن ڪيا ويندا،  بجيٽ جي خبر ناھي ڪيڏانهن ويندي آهي، هاڻ به وري جيڪو ايندو ان جي ڪارڪردگي به اهڙي ئي رهندي، نردوش پوراڻي لکيو ته وارڊ نمبر پنج جون 19 اسڪيمون لکي ويو پر اڄ ڏينھن تائين ڪونه ٿيون ڪاغذي ڪارروائي ۾ پوريون ٿي ويون ٻيو مڙئي خير آھي، طفيل احمد دل لکيو ته ضلعي ٺٽي جي جي يوسي ٻُهارا جي چيئرمين پڻ بهترين ڪم ڪيا هئا ان وقت اگر سڄي ضلعي ۾ صرف يوسي ٻُھارا ئي هئي جنهن ۾ ترقياتي ڪم هلندڙ هئا. برڪت علي مهر لکيو ته اسان جي يوسي ۾ وڏيرا ڀينگ ڪري ويا، سنتوش ڪمار لکيو ته بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا، بجلي، پاڻي، اسٽريٽ لائيٽ، ڊرينيج، اسپتال، اسڪول سميت ڪا سهولت ميسر نه ڪئي وئي، گهگهر سان اسان جو تعلق آهي، صدام سنڌي لکيو ته هر ڪو پنهنجي پيٽ جي پويان آهي عوام جو خيال ڪونهي، خاموش خليل شر لکيو ته اسان جي يوسي ڪرونڊي ۾ ڪم ٿيا پر گهٽ مدو هئڻ ڪري ڪم رهجي ويا، وسيم راڄپر لکيو ته اسان جو چيئرمين هر وقت همدرد ۽ وفادار رهيو ۽ ان رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا سي به ذات پارٽي سطح کي ڇڏي ڪري،

غلام الله شر لکيو ته اسان جي يوسي ڍينڱاڻ ۾ ترقياتي ڪم ته ٺھيو پر اسان ته چيئرمين ۽ ڪائونسلر ئي نه ڏٺا ته اهي ڪهڙا هئا، علي گل شيخ لکيو ته اسان جي يوسين ۾ ڪوبه ڪم ناهي ڪيو ويو جيڪو به فنڊ اچي ٿو مبينا هڙپ ڪيو وڃي ٿو، هرڪو پنهنجي پيٽ لاءِ پيو سوچي، گڙڌاري لال لکيو ته يوسي ڀاڏور جو چيئرمين بس رڳو نالي ۾ هو، اليڪشن مهم دوران ٻه ٽئي چڪر لڳايا پوءِ نظر ئي نه آيو، اليڪشن کٽڻ بعد عوام کي پنهنجو منهن ئي نه ڏيکاريائين، قربان علي ميراڻي لکيو ته سڀ نا اھل ماڻھون بيھاريا ويندا آھن پنھنجا نوازيو پاليسي تحت، پوءِ ڪارڪردگي ڇا ٻڌائجي سنڌي قوم جو شعور اڃا سجاڳ ڪونه ٿيو آھي لڪير جو فقير وارو ڪم پيو ھلي، هالار ياسين لکيو ته اسان جو نمائندو ويچارو چيئرمين جي مخالفن ۾ شامل هو، ويچاري کي ڪڏهن ميٽنگ ۾ ئي نه گهرايو ته ڪم به اهڙا ئي ٿيا هوندا، امتياز جمالي لکيو ته اسان جو نمائندو هالار جمالي ھو يوسي حسن جمالي جو، عبدالحفيظ سومرو لکيو ته کوکر يونين ڪائونسل جو چيئرمين وقار شاھه ھو يوسي جي ماھوار بجيٽ 5 لک مھينو ھئي پر ھن ھڪ رپيي جو ترقياتي ڪم نه ڪرايو جيڪا بجيٽ آئي ڪرپشن جي ور چڙھي وئي، محمد حسن بلوچ لکيو ته مڪاني چونڊن دوران ڪجهه اهڙا ماڻهو بيهندا آهن جن کي پنهنجي ڪم جي به خبر ناهي هوندي ۽  اهي وري ڪامورن جي ور چڙهي ڪرپشن عروج تي ڪندا آهن،

اسحاق کوسو لکيو ته عوام جو ڪنهن کي به لاچار ناھي هر چونڊيل نمائيندو پنهنجي پيٽ جي چڪر ۾ آھي، راشد الطاف لکيو ته اسان وٽ موروثيت آهي هتي جنهن ڪميونٽي جي ميجارٽي آهي ان کي مينارٽي ۾ رکيو ويندو آهي، حبدار علي وارث لکيو ته اسان جي يوسي جو حال جي ڀڇندين روئي پوندين ڪو به ڪم ناهي ٿيو، مرتضيٰ بروهي لکيو ته منھنجي يوسي جو چيئرمين جي يو آءِ جو مولانا عبدالرزاق بروھي ھو، منھنجي يوسي جو ھڪ مسئلو به حل نه ٿيو، حسين صدام لکيو ته وارڊ 23 دادو جو ڪائنسلر خالد سومرو  هو ڪارڪردگي زيرو هئي، عاشق حسين شر لکيو ته اسان جي ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ جو چيئرمين سيد جيئل شاھه هو اسان کي واٽر سپلاءِ ڏني، سجاد شيخ لکيو ته يوسي جا چيئرمين پنهنجا ڪم ڪندا آهن عوام جو سوچيندا ناهن، عبدالستار بلوچ لکيو ته اسان جي چيئرمين  ترقياتي ڪم ڪرايا، ڪنيز فاطمه راڄپر لکيو ته ھرڪو پنھنجي مطلب پويان آهي انھن نمائيندن کي ڇا مليو جو ماڻھن کي ڏين ھا، ڳوٺ حسين پاتو کان جنھن جو گذر ٿيو ھوندو برسات ۾ انھن کان پڇو حال، ماڻھو ويچارا رستي سان جنھن عذاب مان گذرن ٿا،  ڊاڪٽر رفيق آيو گپ ما گذريو ماڻهن کيس دانهن ڏني ته چيائين پ پ جا ووٽر آهيو انهن کي چئو، ساجد کي چيو ته هن وري چيو اوهان ڊاڪٽر جا ووٽر آهيو،

عبدالحفيظ لکيو ته اسان جي يونين ڪائونسل ڪريم بخش کوسو آهي جنهن جو چونڊيل نمائندو بابو خان کوسو هو، جنهن کي ماهوار 5 لک رپيا ملندا هئا، چونڊيل نمائندن پوري يوسي ۾ صرف صابڻ ورهايا آهن، صابڻ به پنهنجي ماڻهن کي ڏئي فوٽو ڪڍرائي فخر محسوس ڪندي سوشل ميڊيا تي فوٽو وائرل ڪيا ويا، باقي رهي ڳالھه ڪم جي  ته اهو پوري يوسي ۾ نه ٿيو، يوسي لاءِ مليل رقم مبينا هڙپ ڪئي وئي،  نادر ابڙو لکيو ته لاڙڪاڻو ۾ من پسند يوسين ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا جتي پيپلز پارٽي جا مک اڳواڻ رهائش پذير آھن لاڙڪاڻي شھر جي مک علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آھن باقي ڪيترائي علائقا جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آھن لاڙڪاڻي شھر سان ويڌن اها آھي ته گذريل بلدياتي نظام ۾ به شھر جون 5 يوسيون لاڙڪاڻو عوامي اتحاد پاران کٽيون هيون پر انهن به خاص طور تي ڪي ترقياتي ڪم نه ڪرايا، محمد الياس شر لکيو ته اڄ ڏينھن تائين مڇر مار اسپري به ڪو نه ٿيو 10 روپين جو ڪم به يوسي چئرمين طرفان ڪونه ٿيو،

شفقت جروار لکيو ته بدين ضلعي جي يونين ڪائونسل امن آباد ۾ ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو يوسي سيڪريٽري صرف ۽ صرف سرٽيفڪيٽن تائين محدود آهي امن آباد ۾ نه پاڻي جو تلاءُ نه ڪا روڊن جي سهولت ايتري قدر جو ڪتا مار مهم به ناهن هلائي سگهيا، علي رضا وڻجارو لکيو ته ضلعي ٺٽي ۾ يوسيز ۽ ٽائون تي چيئرمن ڪير به هجن پراختيار ٻين وٽ ھجن ٿا، وقار حسين لکيو ته اسان جي خانواهڻ شهر کي ٽائون جو درجو مليو، پوءِ سازش تحت واپس ڪري وري يوسي ڪيو ويو هاڻ 40000 کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شهر صرف يوسي آهي ۽ 4سالن ۾ نه روڊ ٺهيا نه ڊرينيج نظام بهتر ٿيو نه ئي وري بجلي جو سسٽم ٺيڪ ٿي سگهيو آهي، فدا حسين خاصخيلي لکيو ته هر ڪو پنھنجي ھٽڙي هلائي ٿو مري ٿو غريب اٻوجھه عوام، يوسي تلي  ۾ ڪو به ڪم نه ٿيو، محبوب علي لکيو ته يوسي ڪريم بخش کوسو ۾ هڪ به ڪم نه ٿيو، رڳو پنهنجن علائقن ۾ نمائندن ترقياتي ڪم ڪرايا.

نا اهل نمائندا

مڪاني چونڊن دوران ڪجهه اهڙا ماڻهو بيهندا آهن جن کي پنهنجي ڪم جي به خبر ناهي هوندي ۽  اهي وري ڪامورن جي ور چڙهي ڪرپشن عروج تي ڪندا آهن، گذريل مڪاني چونڊن بعد پنهنجن نمائندن ذريعي وڏيرا ڀينگ ڪري ويا، مڪاني اليڪشن ۾ پنهنجا نوازي پاليسي تحت سڀ نا اھل ماڻھو بيھاريا ويندا آھن، پوءِ ڪارڪردگي ڇا ٻڌائجي، سنڌي قوم جو شعور اڃا سجاڳ ڪونه ٿيو آھي لڪير جو فقير وارو ڪم پيو ھلي. عوام کي ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ اهڙا نمائندا چونڊڻ گهرجن جيڪي ڪم اچن.

بجيٽ هڙپ

هر ڪو پنهنجي پيٽ جي پويان آهي عوام جو ڪنهن کي به خيال ڪونهي، اڳوڻن ڪائونسلرن ۽ چيئرمينن پاران عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا، بجلي، پاڻي، اسٽريٽ لائيٽ، ڊرينيج سسٽم، اسپتال، اسڪول سميت ڪا سهولت ميسر نه ڪئي وئي، گهٽي جي صفائي جو ڪم به شهري پاڻ ڪندا آهن، هاڻ به وري جيڪو ايندو ان جي ڪارڪردگي به اهڙي ئي رهندي. بجيٽ جي خبر ناھي هوندي ته ڪيڏانهن ويندي آهي، سمورو بجيٽ مبينا هڙپ ٿي ويندو آهي ڪير به پڇڻ وارو ناهي.

ويچارا ڪائونسلر

 سمورا اختيار چيئرمين وٽ ھجن ٿا، چونڊيل ڪائونسلر ويچارا فقط پنھنجن جي حسد ۽ تنقيد جو شڪار ٿيندا آھن. جڏھن ته چيئرمين جيڪي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڪرسي ماڻيندا آھن اھي ٺيڪيدارن تي ٻڌل پنھنجي ٽيم ٺاھي ڪم ڪندا آھن. بلدياتي نظام سڌارن کان سواءِ عوام لاءِ بي لاڀ آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته مڪاني چونڊن کان اڳ نظام ۾ سڌارا آندا وڃن، جنهن سان عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن ۽ عوام کي مڪاني نمائندن جي هجڻ جو ڪو فائدو پهچي سگهي.

ڪم چور

اليڪشن ڪميشن کي گذارش آهي ته پراڻن رهندڙ چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن جي پراڻي ڪارڪردگي ضرور ڏٺي وڃي ڪارڪردگي جي به جاچ پڙتال ڪري پوءِ انهن جا ايندڙ اليڪشن لاءِ فارم بحال ڪيا وڃن، يونين ۾ رکيل ملازم پڻ ڪم جا نه هوندا آهن، جيڪي ڊيوٽي ڪرڻ بدران گهر ويهي پگهار کڻن ٿا، پنهنجا نوازي واري پاليسي تحت چيئرمين ۽ ڪائونسلرن پاران پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا آهن جنهن ڪري اهي عوام جا مسئلا به حل ناهن ڪندا ۽ ڊيوٽي ڪرڻ بدران رڳو پگهار کڻندا آهن.