سوال/سروي … آبپاشي کاتي جي ڪري تباهي آئي آهي، خيما نه ڏيو، برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو: وزيراعليٰ سنڌ جي بيان تي عوام جي راءِ

0
266

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعليٰ سنڌ چوي ٿو ته 5 لک خيما کپن، خيرات نٿا گهرون، جن جي ڪري تباهي آئي مدد ڪرڻ انهن جو فرض آهي، وزيراعليٰ سنڌ جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هي تباهي ڪنهن ٻئي نه پر آبپاشي کاتي جي ڪري آئي آهي، سنڌ حڪومت برسات متاثرين لاءِ ڪجھه ناھي ڪري سگھي، وڏو وزير خالي دورا ڪري پيو. سنڌ جا ماڻهو مليريا ۽ گيسٽرو سبب مرن پيا، ڪنهن جي ڪري تباهي آئي آهي ڪنهن کان پنج لک تنبو گهرجن ٿا؟ خيما نـ ڏيو صرف ڳوٺن مان پاڻي ڪڍايو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز خاصخيلي لکيو ته سڌي ڳالهه ڪري ڊالر گهرجي، گل حسن شر لکيو ته مٿان اليڪشن به آھي ھاڻي صرف ڳالھين سان ڪم نه ھلندو، آفاق احمد لکيو ته جن جي ڪري تباھي آئي آھي اھي مدد ڪن؟ ھي تباھي نه پر اوھان جي آبپاشي کاتي جي ڪرپشن آھي، شفيع ملاح لکيو ته خيما جن ماڻھن کي مليا آھن اڪثريت انهن جي متاثر نه آهن، عرفان سيلرو لکيو ته مان سمجهان ٿو عالمي ادارن کان خيرات وٺڻ ۽ پنهنجي ملڪ جا قرض معاف ڪرائڻ خاطر سنڌ کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو ۽ سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙايو ويو، رميش ڪمار لکيو ته خيرات نٿا گهرن؟ پوء ڇا ٿا گهرن قرض؟ حبدار علي وارث لکيو ته روڳو پنھجي پيٽ ڀرڻ جي پويان آھن، غلام حيدر لاکو لکيو ته وزيراعلى سنڌ مسڪين ماروئڙن جي مدد بدلي کين ٻڏندو ڏسي بار بار لاچاري پيو ڏيکاري، راشد علي جمالي لکيو ته اهو هڪڙو پنڻ جو جديد طريقو آهي، راجا رميش لکيو ته صرف ڳالهيون سٺيون ڪندا آهن، وقاص ياسين آرائين لکيو ته سنڌ حڪومت برسات متاثرين لاءِ ڪجھه ناھي ڪري سگھي، وڏو وزير خالي دورا ڪري پيو. سنڌ جا ماڻهو مليريا ۽ گيسٽرو سبب مرن پيا ڪائي سهولت ناهي ملي سگهي.اياز راهوجو لکيو ته بس الله معاف ڪري ھن حڪومت کان، وشنداس ڪڇي لکيو ته سڀ مال جو چڪر آهي، غلام نبي بلوچ لکيو ته جهازن ۾ هلڻ وارا روڊ ڇو ٺهرائيندا لنڊن ۾ پڙهڻ وارا تعليم لاءِ ڇو سوچيندا محلن ۾ رهڻ وارا جهوپڙين وارن لاءِ ڇو سوچيندا ..!!عبدالرحمان چانگ لکيو ته خيما گهرن ٿا اهي خيما مسڪينن کي ڪونه ملندا، هالار ياسين لکيو ته خيرات گهرڻ کي اڃا ڪي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ جنيد بلوچ لکيو ته اسان وٽ اڪثر سياستدان اھڙا غير ذميوار بيان ڏيندا آهن، علي گوهر سومرو به سروي ۾ حصو ورتو، حسين ٽانوري لکيو ته ڊرامائي آهن، شفقت علي جروار لکيو ته سنڌ م سندن ئي حڪومت هوندي پاڻ پريشان حال سياستدان وري سنڌ جي عوام جي سار ڪيئن لهندا، نعمت الله خان نهڙي لکيو ته خيرات لاءِ اڃان ڪو رهيل هجي ملڪ ته مدد ڪري باقي هتي پيٽ ڀرجڻ وارو آهي، ممتاز علي جوڻيجو لکيو ته تعجب جي ڳالهه آهي، الياس سمون لکيو ته سنڌ سرڪار جا بيان ۽ ڪوششون پيٽ ڀرڻ لاءِ آھن ھيل تائين مليل سامان ڊي سي سميت ڪامورا وڪڻڻ پيا متاثرين ته دربدر ئي آھن سنڌ سرڪار کي متاثر ماڻهن جي ڪا به پرواهه ناهي، مولابخش لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، بشير شر به سروي ۾ حصو ورتو، سونهار خان پتافي لکيو ته سي ايم جي ڪارڪردگي زيرو آهي پر جيڪڏهن اھي سڀ ٿي ڪري ھمت ڪرين ھا ته اڄ اھو ڏسڻو نه پوي ھا. گورنمينٽ ھجڻ باوجود به ڪجهه نه ڪن ته انهن کي ڪوئي حق ناھي، عبدالله شر به سروي ۾ حصو ورتو، نعمت الله سومرو لکيو ته اهو ڪهڙي ڌر کي ذميوار سمجهي ٿو، سنتوش ڪمار لکيو ته سڀ مليل آهن، ياسر کٽياڻ لکيو ته رڳو پنهنجو حصو شامل ڪن ته به پنج لک خيما اچي ويندا، آدم پتافي لکيو ته سنڌ حڪومت برسات متاثرين لاءِ ڪجھہ ناھي ڪري سگھي، وڏو وزير گھوٽڪي ۾ روايتي وزٽ ڪري ھليو ويو، ڪنھن جي به داد رسي نه ڪئي وئي آهي، سجاد حسين بلوچ لکيو ته بس پئسا وٺڻ لاءِ تـ نالن واھن کي ڪٽ ڏنا ويا آهن وزيراعلي’ سنڌ خيما پاڻ وٺنداسين رڳو ڏوڪڙ ڏيو، حاڪم علي ڪٽوهر ۽ رحمان مگسي، مدد علي ميرجت، راجا رامچند، به سروي ۾ حصو ورتو، نادر سيال لکيو ته سائين ڪيئي سوال پيدا ڪري ڇڏيا پھريون سوال اھو ته ڪنھن جي چوڻ تي تباھي ڪئي؟ان تباھي جي پٺيان ڪھڙا مقصد ھئا؟۽ سائين ڪنھن سان مخاطب آھي؟ سردار راشد جمالي لکيو ته خيرات وٺو يا ٻيو ڪجهه پر عوام کي ڪجهه ڏيو ته صحيح، احسان علي چانڊيو لکيو ته سڌ حڪومت کي صرف مالي امداد کپي باقي غريب ڀلي بي گهر هجن افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو خيرپورناٿن شاۡھ ۾ اڃا تائين پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو آ اها سنڌ ّحڪومت جي نااهلي آهي، فضل سبزوئي لکيو ته پندرهن سالن کان مسلسل سنڌين جي ووٽن تي حڪمراني ڪندڙ ڏکي وقت ۾ متاثرن جو ڪنھن به قسم جي مدد نه ڪئي آهي، ساحد ڪمار لکيو ته سنڌ مان ڪرپشن ختم ڪئي وڃي، پنهنجو حصو ڏين ته به خيما اچي ويندا، اقبال سميجو لکيو ته انسانيت جي ناتي اپيل ڪئي آھي مخير حضرات اڳتي ايندا، مهير خان چانگ لکيو ته خيما اي سي ڊي سي ۽ ڪمدار بنگلن ۾ کڻي رکيا آهن ، نندلال ڀيل لکيو ته ھي خيرات نٿا گھرن ته ٻيو ڇا ٿا ڪن ٻاھرين ملڪن کي مدد ڪرڻ لاءِ چون ٿا باقي پاڻ ويچارا مسڪين آھن، فقير امتياز لکيو ته اهيو آهي هڪ نئون فارمولو جنهن سان عوام نه بلڪه حڪمرانن کي فائدو ٿيندو، محمد ابراهيم لکيو ته پٿوري ۾ رليف صرف من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي غريب عوام پريشان حال بڻيل آهي، راشد شر لکيو ته جن جي ڪري آفت آئي انهن ملڪ ٻوڙايو، محسن حسين لکيو ته ٻاهرين ملڪن مان جيڪي اچن پيا ، ڇا گهرجي سنڌ کي هٿ سان ٻوڙيو ويو آهي، مصطفيٰ رند لکيو ته ڪنهن جي ڪري تباهي آئي آهي ڪنهن کان پنج لک تنبو گهرجن ٿا؟ محمد موسيٰ لغاري لکيو ته خيما ته ڪافي آيا جنهن کي وڏيرن رئيسن جي فلور ملن تي لڪايو ويو جيڪي جج صاحبان ڇاپو هڻي خيما برآمد ڪيا، علي رضا لکيو ته خيما هنن کپائي ڇڏيا آه، ڪريم کوسو لکيو ته جيڪي ايئر پورٽ تي 121 جهاز امداد کڻي پهتا اهي ظاهر ته ڪن، ساجن پرمار لکيو ته خيما وري اھي کپائي ڇڏيندا، سنڌي شهزاد لکيو ته  پڙهيلن کي چون ٿا توهان جي ڪري تباهي آئي مدد ب اوهان ڪيو!م بشير شر،سرفراز به سروي ۾ حصو ورتو، قاسم سومرو لکيو ته سنڌ جو وڏو وزير بوکلائٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي ان کي ڪا سمجھ نٿي اچي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو آهي، عبدالغني ڀٽو لکيو ته ڪنهن جي ڪري تباهي آئي ؟ فقير امتياز به راءِ جو اظهار ڪيو، لياقت ڏاهري لکيو ته سنڌين کي خيمن ۾ تـ ناھي رھڻو توھان جي مھرباني خيما نـ ڏيو صرف ڳوٺن مان پاڻي ڪڍايو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته امير سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي مدد جي اپيل، شيراز احمد لکيو ته سٺي ڳالھ آهي ھائي گھوڙا ڪري ٿو، ممتاز علي سميجو لکيو ته ڪٽ هڻي هاڻي چون ٿا مدد ڪريو، نواب لغاري لکيو ته امداد جي ورهاست ڪريو ڪٿي ب ن ملي آھي سوائي من پسند جي، سعيد سومرو لکيو ته  ايترا جهاز جي اچن ٿا ته ڪيڏانهن ٿا وجن ان قسم جو ڪو کيمو نظر ته ڪونه ٿو اچي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته سڄي سنڌ کي هٿ سان ٻوڙائي  عالمي امداد جي پويان آھن، منٺار لغاري لکيو ته سنڌ جا مائروا رودن تي درپري واري زندگي گذارين پيا، شنڪر لال لکيو ته ايتري امداد ۽ڪروڙ ڊالرز مليا پوءِ به خيرات پيا گھرن حيرت جهڙي ڳالهه آهي….آصف خان بلوچ لکيو ته سڄي سنڌ تباهه ڪري ڇڏي اٿن، يعقوب کوسو لکيو ته ايترن خيمن کي ڪيڏانهن ڪندا، علي بخش شر لکيو ته رڳو عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، بلوچ مهربان لکيو ته ڳالھ صاف طاهر آھي جن جي ڪري سنڌ ٻوڙيو اٿن، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي لکيو ته خيما اڪثر نظر نٿا اچن مارو ويچارا ڪيڏانھن وڃن، رضا جروار لکيو ته حڪمرانن جي ڳالھين تي روئجي يا کلجي ، سنڌ حڪومت جي نااهلي ڪري سنڌي عوام تي مصيبت نازل ٿيل آهي ۽ حڪمران وري ٻين تي الزام ھڻي پنهنجي نااهليءَ تي پردو وجهڻ چاهين ٿا ، خيرات نٿا گھرن؟ قدير جوڳي لکيو ته پنهنجن کي سڀ ڪجهه ڏيندا، وزير پنهور لکيو ته ڪامورا پيٽ ڀريندا، اعجاز مستوئي، غلام حيدر، سجاد شاهه، واجد سنڌي، عامر علي، وفا جمالي، غلام مرتضيٰ، خان محمد بنگلاڻي، محمد موسيٰ کٽي، راشد لطيف، ڪامران رند، توفيق کهاوڙ، محمد موسيٰ، علي غلام بلوچ، عارف رضا، امتاز بلوچ، شاهد شر، نماڻو نوناري، اسحاق ڀٽي، فوٽو خان، اسماعيل بلوچ، محمد ابراهيم، بابر علي، زاهد حسين، آڪاش پنهور، ميانداد مري، ممتاز ميمڻ، عبدالستار گاڏهي، عبدالسبحان سنڌي، شهمير جمالي، ايل ڪي ميگهواڙ، وحيد ڄامڙو، طارق باجڪاڻي، ارڏو اترادي، سڪيش ڪماري، مظفر لغاري، حاجي خان پنهور، امان الله چانڊيو، سرمد عباسي، رياض ڪولاچي، محمد موسيٰ لغاري، ارشاد کوسو، وقار حسين، رحمت الله شر، مشتاق ڪنڀر، رحمان علي ٻگهيو، محمد رفيق بلوچ، علي گل ڏيٿو، ظهير احمد شر، بختاور سنڌو ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.