سوال/سروي آءِ ايم ايف معاهدو رد: مهانگائي جي ماريل عوام وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
280
سوال/سروي آءِ ايم ايف معاهدو رد: مهانگائي جي ماريل عوام وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پيٽرول ۽ بجلي مهانگا ٿيندا: اسٽيٽ بينڪ خودمختيار هوندي، حڪومت 1 ارب قرض لاءِ آءِ ايم ايف سان اهڙو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪمرانن کي ملڪ هلائڻ نٿو اچي ته استعيفائون ڏئي اسان تي احسان ڪن، مهانگائي کان اڳ ئي عوام تنگ آهي، وڌيڪ پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه وڌيا ته جيئڻ جنجال ٿي ويندو، حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، عمران خان اهو واعدو ڪري اقتدار ۾ آيو هو ته خودڪشي ڪري ڇڏيندو پر قرض نه وٺندو آءِ ايم ايف نه ويندو، مهانگائي ڪري حڪومت هلائي پئي وڃي، عمران خان کي استعيفا ڏيڻ گهرجي.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محمد يونس کوسو لکيو ته هنن جا اهي ڪيل معاهدا ته ملڪ جي تباهي طرف هي وڃي رهيا آهن اڄ ڏينهن تائين ڪو فائدو ته ڪونه ٿيو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جو معاهدو غريب لاءِ بي فائدو آهي حڪومت قرض وٺندي مهانگائي ٿيندي عوام جو جيئڻ مشڪل۾ رهندو بجلي ۽ پيٽرول مهانگو ٿيندو، فقير صادق لاشاري لکيو ته معنيٰ غريب کي ماري پوءِ بس ڪندا، عاشق حسين لکيو ته پوري ٽرم ۾ وفاقي حڪومت آءِ ايف ايم وٽ يرغمال رھي آھي، اڃان وڌيڪ ڦاسندي ڇو ته ايترا قرض ورتا آھن جو قرض لھي نٿو، عوام مٿان وڌيڪ عذاب مڙھيندا رھندا ، بجلي، گيس ، کاڌي پيتي سميت ھر شعبي ۾ مھانگائي ڪري حڪومت جو چرکو ھلائي رھيا آھن، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته انهي معاهدي کانپوءِ اهيو به ڪيو ويندو غريب ساھه کڻڻ پيا انهي تي به ٽيڪس لڳايو آخر سرڪار کي عوام تي ڪڏهن رحم ايندو،

وزير علي پنهور لکيو ته ملڪ تباھي ڏانھن وڃي رھيو آھي حڪمران پنھنجو پيٽ ڀري تماشو ڏسندا غريب بک ۾ مري ويندا ملڪ وڪامجي ويندو، شيراز چانگ لکيو ته آمراڻي حڪومت، فرانس جو آمريتي دور ياد ڏياري ڇڏيو، بجار خان جعفري لکيو ته حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،بجلي بجاءِ غريب عوام جو رت سڙي رھيو آھي حڪمران آءِ ايم ايف کان قرض کڻي پنھنجو پيٽ ڀري رھيا آهن، ممتاز علي سميجو لکيو ته موجوده اقتداري پارٽي جي ليڊر ماضي ۾ اهي واعدا ڪري اقتدار ماڻيو ته اسان ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ڪنهن کان به خيرات يا قرض نه وٺنداسين اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڪو به واعدو وفا نه ٿيو ملڪ ٻيڻو قرض جي ڌٻڻ ۾ وڌيڪ ڦاسي چڪو آهي هنن جا معاهدا ملڪ جي تباهي ۽ غريبن کان جئيڻ جو به حق کسي رهيا آهن، آدم پتافي لکيو ته عمران خان کان مافيا زور آھي، قرضن سبب عوام مھانگائي ۾ سٽجي ويو آھي،

عمران خان کي استعيفا ڏيڻ گھرجي، نجف بلوچ لکيو ته اھڙي وزيراعظم مان تنگ آھيون عوام پنڻ تي مجبور ٿي ويو آهي اسان ھٿن تي ڏينهن ٿا ڳڻيون ته ڪڏهن ٿي عمران خان مان جان ڇٽي،ساحل ڪمار لکيو ته آءِ ايم ايف هي ملڪ هلائي رهيو آهي، جمال الدين چنا لکيو ته جيڪا پارٽي عوام سان واعدا ڪري آئي هئي قته رض نه وٺندي ۽ ملڪ جو قرض ادا ڪندي اها هر سال قرض مٿان قرض پئي کڻي ان سان عوام جو سياستدانن مٿان اعتماد ختم ٿئي پيو ۽ عوام هاڻي تقريبن سمجهي چڪو آھي ته هنن کي صرف پنهنجا مفاد آھن عوام جو ڪو فڪر ناهي هي جيڪو به قرض کڻن ٿا اهو عوام کان مهانگائي ڪري ڀرايو ٿو وڃي پر وري به قرض لهي نٿو اها عوام سان ظلم جي انتها آھي، نياز سومرو لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ملڪ تاريخي خساري ۾ ھلي رھيو آھي،

پي ٽي آءِ حڪومت اسٽيٽ بينڪ ۽ ملڪ جا تمام مالي معاملات آءِ ايم ايف حوالي ڪري ڇڏيا آهن، ملڪ جو ٻچو ٻچو لکن جو قرضي ٿي ويو آهي، حڪمرانن کي گھرجي ته ملڪ نه ٿو ھلائڻ اچين ته استعيفائون ڏئي عوام تي احسان ڪن. نماڻو نوناري لکيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان کي تباهه ڪندو ملڪ تي جيترو قرض آهي اهو لاهي نه سگهنداسين، جنيد زرين جمالي لکيو ته پي ٽي آءِ ناڪام ٿي چڪي آهي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته هي آءِ ايم ايف جا آهن هنن تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪري عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، حڪمرانن سان گڏ مخالف ڌر به ملوث آھي جيڪا ڪوبه احتجاج ڪانه ٿي ڪري هي عوام کي بيوقوف ٺاهي پنهنجو ڀلوڪن ٿا، شنڪر باغي لکيو ته مونکي لڳي ٿو حڪومت صحيح آھي ۽ عوام ڪوڙ ٿي ڳالهائي جيڪڏهن ڪو اهڙو معاملو هجي ها ته عوام گهرن ۾ ويهي هاءِ گهوڙا ڪرڻ بجاءِ پنهنجن چونڊيل نمائيندن کي گهرن مان ٻاهر ڪڍي استعفائون ڏياري وفاقي سرڪار کي سوڙھو ڪري حڪومت ڇڏڻ تي مجبور ڪن ها،

مڪيش ڀوراڻي لکيو ته تبديلي سرڪار ملڪ کي معاشي طور ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي بنگلاديش جو ٽڪو به اسان جي رپئي کان وڌيڪ آھي اسان جو ملڪ آءِ ايم وٽ گروي ٿي چڪو آھي حڪمران پاڻ کان اڳ واري حڪومت تي الزام تراشي ڪندي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي، مسرور شر لکيو ته ملڪ تباھ ٿي ويو آهي، عيسيٰ لنڊ لکيو ته انهي معاهدي سان اڃا به مهانگائي جو طوفان ايندو حڪمرانن کي غريب مسڪينن جي ڪابه پرواهه ناهي، عاطف بلوچ لکيو ته تباھي طرف ملڪ ٿا ڏسون، ارشاد علي لکيو ته عمران سرڪار هن ملڪ جي غريب عوام لاءِ تمام ڳري ثابت ٿي آهي ،ٽن سالن کان عوام کي رڳو ٺلها دلاسا ئي مليا آهن ،مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،

پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت ايترا قرض نه ورتا آهن جيترا هن حڪومت قرض ورتا آهن، آءِ ايم سان هن تازي معاهدي سان اڃا مهانگائي جو طوفان ايندو،حڪمرانن کي غريب مسڪينن جي ڪا پرواهه ناهي. آصف علي راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ھن حڪومت مان عوام ڏاڍو بيزار ٿي ويو آهي ھن حڪومت عوام جو جيئڻ  جنجال ڪري ڇڏيو آھي عوام ڇا ڪري، امتياز جمالي لکيو ته پوءِ ان معاهدي مان غريب عوام کي ڪهڙو فائدو؟ جاويد زرداري لکيو ته سمورن حڪومتن آءِ ايم ايف کان قرض وٺي عوام کي پيڙهيو آهي، مظفر بوزدار لکيو ته معاهدو ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، سنتوش ڪمار لکيو ته عمران حڪومت عوام کي نپوڙي ڇڏيو آهي، منظور پنهور لکيو ته ملڪ ان ڪري تباهه ٿي رھيو آھي حڪمران ٻين ملڪن کان قرض کڻي پنھنجو پيٽ ڀرين ٿا غريب عوام بک مري رھيو آھي عوام ڇا ڪري سگي ٿو عوام جو جئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن حڪمرانن،

ثناءُالله چنا لکيو ته تبديلي جا خواب ڏيکاري ملڪ کي گروي رکي ڇڏيو آهي تبديلي سرڪار عوام ڪوڙا وعده ڪري حڪومت حاصل ڪندڙن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، محسن رضا لکيو ته حڪمران ذميوار آهن، خاموش خليل شر لکيو ته اڃا به پيٽرول ۽ بجلي جا اگهه وڌندا ته ملڪ ڏيوالي ۾ ويندو، غريب ماڻهو گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي، اگهه وڌيا ته ملڪي حالتون خراب ٿينديون، جاويد جدا لکيو ته اڳ تنگ ٿي ماڻھو روڊن تي احتجاج ڪري پيٽرول هاري ساڙيندا هئا پر هاڻي ته تيل به مهانگو ٿي ويو.