سوارا ڀاسڪر پاران ٻارڙو هنج وٺڻ جو فيصلو

0
287

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا سوارا ڀاسڪر پاران ٻارڙو هنج وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي اداڪارا سوارا ڀاسڪر سينٽرل ايڊاپشن ري سورس اٿارٽي وٺ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي آهي

ان حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ سوارا ڀاسڪر جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي حوالگي ۾ وقت لڳندو پر آئون پرجوش آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجي خواهش آهي ته ڪنهن يتيم ٻارڙي کي گهر جو ماحول ۽ ماءُ جو پيار ڏيان.