راولپنڊي (م ڊ) سوات ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي موجودگي جي خبرن تي پاڪ فوج جو ردعمل سامهون آيو آهي. آءِ ايس پي آر پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن کان ڪالعدم ٽي ٽي پي جي هٿياربندن جي سوات ۾ موجودگيءَ جون غلط خبرون پکيڙيون ويون، سوشل ميڊيا ذريعي سوات وادي ۾ ڪالعدم تنظيم جي موجودگيءَ جون غلط خبرون پکيڙيون ويون آهن، اهڙيون خبرون گمراهه ڪندڙ آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته سوات ۽ دير جي وچ ۾ جبلن تي ڪجهه هٿياربند آهن، ظاهري طور اهي ماڻهو پنهنجي اباڻن علائقن ۾ ٻيهر آباد ٿيڻ لاءِ افغانستان مان لِڪي آيا آهن، جبلن ۾ انهن جي محدود موجودگي ۽ چرپر تي ڪرڙي نظر رکي پئي وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لاڳاپيل علائقن جي ماڻهن جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کنيا آهن، عسڪريت پسندن جي ڪنهن به هنڌ موجودگي برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن سان ڀرپور طاقت سان منهن ڏنو ويندو.