سوات (م ڊ) آءِ جي ڪي پي ڪي سوات ۾ عدم تحفظ، بدامني ۽ عسڪريت پسندي ۾ واڌ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته سوات ۾ عدم تحفظ، بدامني آهي، عسڪريت پسندي ۾ به اضافو ٿيو آهي، شهر ۾ امن جي قيام لاءِ شهري احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن پر اسڪول وين تي فائرنگ جو واقعو دهشتگردي ناهي، حملي ۾ سالي بيڻيوي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو، وڌيڪ 2 کي به جلد گرفتار ڪي ويندو، سوات ۾ بدامني جي فضا آهن، اسڪول وين ڊرائيور جي قتل سان خوف ۾ اضافو ٿيو، انهي ڏينهن لوئر دير ۾ فائرنگ جو واقعو به ٻن ڌرين ۾ جهيڙي تان ٿيو، 10 آڪٽوبر تي سوات ۽ لوئر دير ۾ اسڪول وين تي فائرنگ ڪئي وئي هئي.