اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊي جي ايف آءِ اي محسن بٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جي وڊيو ۾ ڪجهه سيڪنڊن جي ڪلپ ان جي پنهنجي آهي، باقي وڊيو هڪ مبينه ڀارتي فحش وڊيو استعمال ڪري ٺاهي وئي آهي، اعظم سواتي کيس وڊيو موڪليندڙ جو نمبر ڏئي ته اسان ان وڊيو بابت پتو لڳائي سگهون ٿا، پرائيويٽ نمبر تان موڪليل وڊيو ٽريس نه ٿا ڪري سگهون، ايف آءِ اي وٽ واٽس ايپ کي مانيٽرنگ ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي موجود ناهي، اهڙو اظهار ڪالهه هن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو، سينيٽر اعظم سواتي جي مبينه وڊيو بابت سينيٽ جي قائم ٿيل خصوصي ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، هدايت الله، دلاور خان، مشتاق احمد، فيصل سبزواري شرڪت ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سينيٽرن ڪاميٽي جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، خصوصي ڪاميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته اعظم سواتي کي اجلاس ۾ گهرائڻ لاءِ اسان چئن سينيٽرن تي ٻڌل وفد موڪليو هو، اسان چاهيون ٿا ته سچ سامهون اچي ۽ اعظم سواتي کي انصاف ملي، اعظم سواتي اجلاس ۾ نه نه ايندو ته اسان ان جي مدد نه ٿا ڪري سگهون، گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيوته اعظم سواتي جي وڊيو بيهوده ۽ دل کي تڪليف ڏيندڙ آهي، ڊي جي ايف آءِ اي محسن بٽ چيو ته پارليامينٽ جي هڪ معزز ميمبر جي مبينه وڊيو سامهون آئي جنهن جي ايف آءِ اي جي سائبر ونگ فوري جاچ ڪئي، ان ئي ڏينهن شام جو سائبر ونگ رپورٽ ڏني هئي ته وڊيو جعلي آهي، مختلف ڪلپس جوڙي اها وڊيو ٺاهي وئي آهي، اسان ان وڊيو جو معائنو ڪيو جيڪا انٽرنيٽ تي موجود هئي، اسان کي اهو نمبر به نه ڏنو ويو جنهن تان اها وڊيو شڪايت ڪندڙ کي موڪلي وئي، جنهن تي جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته جيڪڏهن توهان کي اهو نمبر فراهم ڪيو وڃي ته توهان ان جو پتو لڳائي سگهو ٿا؟ جهن تي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته جي ها نمبر هجي ته پتو لڳائي سگهجي ٿو، پرائيويٽ نمبر کي نه ٿو ٽريس ڪري سگهجي، جنهن تي سينيٽر مشتاق احمد سوال ڪيو ته توهان وڊيو مان جڳهه جو پتو لڳائي سگهو ٿا ته اها وڊيو ڪهڙي جڳهه تي رڪارڊ ٿيل آهي، جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته جڳهه جون تصويرون ۽ جنهن نمبر تان وڊيو موڪلي وئي آهي اهو نمبر ملي وڃي ته پتو لڳائي سگهون ٿا، هن چيو ته وڊيو ۾ ڪنهن ٻئي جي ڌڙ تي اعظم سواتي جو سر لڳايو ويو آهي، ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم چيو ته وڊيو ٺاهڻ لاءِ پورن وڊيوز جو استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن تي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته پرائيويٽ نمبر جي مامري تي توهان جا به پر سڙي ٿا وڃن ته اسان ڪنهن سان رابطو ڪيون، سليم مانڊوي والا چيو ته سياستدانن جون جعلي وڊيوز انٽرنيٽ تي پيون آهن، ايف آءِ اي ڪيترين جعلي وڊيوز جو پتو لڳائي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي؟ جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال کي روڪڻ تمام مشڪل آهي، هر ڪنهن وٽ موبائيل، ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ موجود آهي، ايف آءِ اي صرف مقامي سطح تي آءِ پي ايڊريس کي ٽريس ڪري سگهي ٿي، اگر وڊيو ٻاهرين ملڪ مان اپلوڊ ٿي هوندي ته پتو لڳائڻ مشڪل آهي، سينيٽر مشتاق احمد ڊي جي ايف آءِ اي کان سوال ڪيو ته ڇا توهان واٽس ايپ کي مانيٽر ڪري سگهو ٿا؟ ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته واٽس ايپ کي مانيٽرن ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪا ٽيڪنالاجي نه آهي، جنهن تي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته ڇا آءِ ايس آءِ وٽ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي؟ جنهن تي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته اسان کي ان جي خبر نه آهي، سوشل ميڊيا تي جعلي وڊيوز جي هڪ وبا آهي، هن چيو ته ڪا هڪ به ايجنسي جعلي وڊيوز کي روڪڻ جي صلاحيت نه ٿي رکي، فيصل سبزواري چيو ته مون کي لڳي ٿو ته ايف آءِ اي وٽ موجود وڊيو ۽ اعظم سواتي وٽ موجود وڊيو مختلف آهن ڇو ته ايف آءِ اي چوي ٿي ته موبائيل هٿ ۾ پڪڙي وڊيو ٺاهي وئي آهي جڏهن ته اعظم سواتي چوي ٿو ته خفيه ڪيمرا سان وڊيو ٺاهي وئي آهي، سينيٽر دلاور خان چيو ته سپريم ڪورٽ پاڻمرادو وڊيوز جي جاچ نه ٿي ڪري سگهي، مامري جي جاچ وري به ايف آءِ اي ۽ جاچ ڪندڙ ادارن کي ڪرڻي آهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته وڊيوز جي جاچ لاءِ اسان وٽ سٺا ماهر ۽ اوزار به سٺا موجود آهن، جڏهن ته ڊي جي ايف آءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن ڪيس ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي جنهن کي اسان لڪايو هجي، اعظم سواتي ڪيس ۾ استعمال ٿيل وڊيو شايد ڀارتي آهي، ڪاميٽي جي هدايت تي وڊيو جي وڌيڪ ڪجهه رخن کان جاچ ڪنداسين.