سوئي گئس (ن پ ا) سوئي گئس ۾ فوڊ کاتي جي عملدارن جا مختلف گدامن تي ڇاپا، 15 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون  ھٿ. گذريل ڏينهن فوڊ کاتي جي ڊائريڪٽر امداد علي شاھ، ڊي ايف سي خيرپور منور علي ۽ فوڊ انسپيڪٽر ظھير احمد شر گڏيل ڪارروائي ڪندي 10 گدامن تي ڇاپا ھڻي 15 ھزار ٻوريون ھٿ ڪري ورتيون. ڊائريڪٽر فوڊ امداد علي شاھ صحافين کي ٻڌايو ته ڳجھي اطلاع تي مختلف گدامن تي ڇاپا ھڻي لکين رپين جي ڪڻڪ ھٿ ڪري ورتي آھي. ھن چيو ته ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪارروائي دوران شفيق آرائين، ذوالفقار علي جٽ ۽ جيسو مل ۽ ٻين جا دڪان سيل ڪيا ويا آھن.