ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواهه تعلقي ۾ برساتي ٻوڏ جون هاڃيڪاريون جاري، گهر ڊهڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو. سوئي گئس ويجهو گهر جي چوديواري ڪِرڻ سبب ٻارڙي فوت، 3 ٻار زخمي پيا. تفصيل موجب سوئي گئس ويجهو چنبيلي ڪالونيءَ ۾ گهر جي چوديواري ڊهي پوڻ سبب هڪ نينگر ۽ 3 ٻارڙيون دٻجي ويون، جن کي گهر ڀاتين ملبي هيٺان ڪڍي سوئي گئس ۾ پرائيويٽ اسپتال پهچايو، جتي 8 ورهين جي عماره ڌيءُ محراب ويسر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏھن ته 6 ورهين جي ثميرا ويسر ڌيءُ نواز ويسر ۽ 3 ورهين جو  حسن پٽ نواز ويسر ۽ 4  ورهين جي عليشا ڌيءُ اعظم ويسر  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوت ٿيل ٻارڙي جو مڙھ گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ٺري ميرواھ شھر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف نجي اسڪول جي استادن پاران فاضل راهو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين ميثم، دلبهار پنهيار، نور جوڻيجو، ياسين چنا ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٺري ميرواھ ۾ برساتي پاڻي بيٺل هئڻ سبب نجي توڙي سرڪاري اسڪول پڻ ٻڏل آھن. تعلقي انتظاميا برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءُ نه پئي وٺي. هنن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ٻارن جو تعليمي مستقبل کي بچايو وڃي.